تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

طنز ۽ مزاح … چٽڻي … معراج خالد نظاماڻي

چٽڻي لفظ ڪنهن ،ڪڏهن ۽ ڇو ايجاد ڪيو،ڪا خبر ڪانهي،چٽڻي بذات خود ڪڏهن،ڪنهن ،ڇو ۽ ڪٿي پهريون دفعو ٺاهي،ان جي به ڪا خبر ڪانهي،باقي اندازا ۽ ڌُڪا ڪيترا ئي لڳائي سگهجن ٿا!حسابن جي سبجيڪٽ وانگر فرض ڪري وٺجي ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ضرور ڪنهن بورچي يا بورچياڻي ٻوڙ ٺاهڻ ۾ڪا ابت سبت ڪئي هوندي ۽ پوءِ ان مان جيڪو گارو ٺهيو هوندو ته ان جي وات مان اوچتو لفظ نڪتا هوندا ته وڃ!ٻوڙ کي تباهه ڪري ڇڏيم،جيڪي شيون ٻوڙ ٺاهڻ لاءِ وڌم،اُهي ته الهجي ڪيڏانهن گم ٿي ويون،باقي انهن جي باقيات بچي آهي۽ اڄ  ٻوڙ ته ڪونه ٺهيو باقي چٽڻي ٺهي وئي آهي،بحرحال چٽڻي جي باري ۾ اهو منهنجو نظريو آهي،ان حوالي سان اوهان کي به  ڪا جهل پل ڪانهي،اوهان به چٽڻي جي باري ۾ پنهنجا نظرياتي ڪتاب لکي چٽڻي جي چٽڻي ٺاهي سگهو ٿا چٽڻين جا ڪيترا قسم آهن،ان جي باري ۾ پڪي خبر ته مرشد گوگل ۽ يوٽيوب کي هوندي ،باقي لوڪل قسمن ۾ ٽماٽن جي چٽڻي ۽ انبڙين جي چٽڻي نالي واريون ۽ قدآور شخصيتون آهن، جن کان سواءِ اسان ماڻهن جي زندگي اڌوري آهي.
اڄڪلهه ته ماڻهو،ماڻهن جا نالا به چٽڻي رکندي دير نه ٿا ڪن۔ ان کان علاوه نظر ڦيرائينداسين ته اسان جي ادارن جون به چٽڻيون ٺهيل نظر اينديون، سڀني کان اعليٰ قسم جي چٽڻي سياست ۾ نظر ايندي،نظرين کان وٺي ليڊرن تائين سڀ چٽڻي لڳا پيا آهن،ڪنهن جي ڪا خبر ڪانه پوندي ته انهن جو نظريو ڪهڙو آهي، ليڊر ڪهڙو آهي!!!؟مطلب رهبرن ۽ نظرين جي اهڙي چٽڻي ٺهيل آهي جو عوام تبديلي ۽ ترقي جي انتظار ۾ واڇون پٽي پٽي خود چٽڻي ٿي ويو آهي!اسپتالن جو منهن ڪنداسين ته ٻيو ڪجهه نظر اچي نه اچي پر انتظاميه ترقي ڪندي ۽ مريض چٽڻي ٿيندي ضرور نظر ايندا! تعليمي ادارا ته خود چٽڻي ٿيل نظر ايندا، اهي ته اهڙي خاص چٽڻي آهن،جو انهن جي مالڪي ڪرڻ وارا 24 ڪلاڪ ان کي چٽڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ انهن سان اهڙي حالت ڪئي اٿن جو هاڻي رڳو ککڙيون ۽ هڏا وڃي بچيا آهن،ڳر لڀجي ئي ڪونه ٿو! مطلب ڪو ادارو ڪونه بچيو آهي جنهن لاءِ چئجي ته ان کي صاحبزادن سپرين چٽڻي ڪرڻ کان بخش ڪيو هجي!
هوڏانهن نظر ڦيرائبي قوم جي دانشمندن ڏانهن ته انهن پنهنجي ادبي  ۽ سماجي تنظيمن سان اهڙي ڪار ڪئي آهي جو ادب جا ٻرڙاٽ پيا پون، رويو رنڀيو اوڇنگارون پيو ڏي ته مهرباني ڪيو، مون تي رحم ڪريو هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪري هڪٻئي جي ڀلي وڃي چٽڻي ٺاهيو پر مون کي چٽڻي ٿيڻ کان بچايو، پر اسان وارا ڏاها چون ٿا تنهنجي چٽڻي ٺاهڻ  ئي ته اسان جو ڪاروبار آهي، تنهنجي چٽڻي ۾ ئي ته اسان جو جيئندان آهي! وري انهن باشعورن ۾ سڀ کان وڏا سمجهدار ۽ آسماني ڳالهيون ڪندڙ اسان جا شاعر آهن، جيڪي هڪٻئي جي چٽڻي ٺاهڻ مان ئي واندا ڪونهن جو اهي ڪنهن ٻي شئي جي چٽڻي ٺاهين وري ٻي طرف نهاربو ته بنگلن تي ويٺل واٺا ۽ ٺيڪن کڻڻ جا شوقين بلڊنگن کان وٺي روڊن سان اهڙي حالت ٿا ڪن جو ڇهه مهينن ۾ بلڊنگن جا چاپڙ پيا ڪرندا ۽ روڊن تي گاڏي ۾ چڙهبو ته گهر پهچڻ تائين ماڻهو جي خود جي چٽڻي ٺهي ويندي،گهر وارا چوندا ته اسان گهران ته هن کي انسان جي شڪل ۾ موڪليو هو، هي ٽماٽن جي چٽڻي ڪٿان پهتي!باقي بچيو انصاف جو نظام، ان تي هڪ اکر به نه لکندس، ڇو ته مون کي پنهنجي چٽڻي ناهي ٺهرائڻي وقت سان گڏ چٽڻي لفظ به پنهنجي طاقت جو دائرو وڌائيندو ۽ ترقي جون منزلون پارڪندو، مختلف معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو،مثال طور اوهان چئي سگهو ٿا ته اڄ هن همراهه به گهڻن لکڻ وارن وانگر الهجي ڇا لکيو آهي، سڄي ڪالم جي ٻيڙي ٻوڙي ڪالم جي چٽڻي ٺاهي ڇڏي اٿس، اهڙا ڪيترا ئي مثال اوهان ايجاد ڪري سگهو ٿا، جي مثال اوهان کان ايجاد نه ٿين ته اوسي پاسي ۾ نهاريو سڄي سنڌ اوهان کي پرين جو پاڇو نظر اچي نه اچي پر چٽڻي ٿيل سنڌ ضرور نظر اچي ويندي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *