تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

طنز ۽ مزاح….ويلڻ ۽ پيار….معراج خالد نظاماڻي

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ عورت ستين شادي ڪئي ته ڪنهن همراهه وڃي پڇيس ته مائي ڏي خبر ايتريون شاديون ڪيون اٿئي. پويان مڙس مري ويا اٿئي يا طلاقون ورتئي؟
عورت چيو، پهريون مڙس ته زهر کائي مري ويو.
پوءِ ٻيو مڙس؟ همراهه پڇيو
اهو به زهر کائي مري ويو، هن جواب ڏنو۔
۽ ٽيون ته يقينن قدرتي موت ئي مئو هوندو؟ همراهه پڇيو.
ان به زهر کاڌو، مائي وراڻيو.
پوءِ ڀلا چوٿون ۽ پنجون ته پڪ ڪنهن حادثي ۾ مئا هوندا؟ همراهه پڇيو.
انهن به زهر کاڌو، مائي جواب ڏنو.
۽ پوءِ آخري به پڪ زهر کائي مو هوندو؟ همراهه چيو.
نه ان کي ويلڻ هنيامانس مئو، ان ۾ مري ويو! مائي فخر سان جواب ڏنو.
ان تي همراهه چيس ته هو ويچارا ته خودڪشي ڪري مري ويا. ان ويچاري کي ويلڻ هڻي ته نه مارين ها! تنهنجي سر جو تاج هو.
مائي چيو: ان نڀاڳي تي به ڏاڍي ڪوشش ڪيم ته زهر پيئي، پر نه پيتس پوءِ ڪاوڙ ۾ ويلڻ ٺوڪيامانس ته ان ۾ مري ويو!
هوڏانهن مون واري بچي شال جهونڙي به صبح، شام اٿندي ويهندي چوي ڊڄڻو آهين، ڀاڙيو آهين، ماڻهن کان هانءُ ٿو ڦاٽئي، تڏهن ته منهنجي ڳالهه نه ٿو ٻڌين، توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته ڪجهه سياست تي به لک، سماجي موضوعن تي به لک، ڪجهه ڪجهه ڏکيو ڏکيو به لک، ته ماڻهو توکي دانشور سمجهن ته منهنجي دل خوش ٿئي! پر آئون چم جو ٺهيل، سهي جي کل، پنهنجي کنگهه کان به ڇرڪ ڀرڻ وارو ماڻهو، هر وقت ان ڊپ ۾ ته ڪير ٿورو به ڌڪ هڻي ته چٻو ٿي وڃان، ڊينٽ پئجي ويا ته پاڻ کي سڌو ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪٿان آڻيندس!!؟ بس هن کي راضي رکڻ لاءِ هر ڀيري ڏٽو ڏيو ڇڏيانس، ته تو سان واعدو آهي، جنهن ڏينهن پنهنجي ڊيگهه ويڪر گهٽائڻ لاءِ واڪ شروع ڪندس ۽ سادو موبائل اڇلائي، چٽ موبائل وٺندس ۽ ان تان آفيس ۾ ويهي، توکي واٽسيپ تي ٽرڪن جي پويان لکيل قرب ڀريا شعر موڪليندس، ته ان ڏينهن کان سياست ۽ سماج تي لکڻ شروع ڪندس! بس سمجهي ويس معنيٰ تون قيامت تائين انهن موضوعن تي نه لکندين! حسب دستور چيس: بس بس هاڻي کنڌي بند ڪر،منهنجي پچر ڇڏ،وڃ ڪو ڳنڌڻ ڪا ڀاڄي وٺي اچ ته ٻنپهرن لاءِ ڪجهه ٺاهيان، وري رڙ پئي پوندئي ته ماني ۾ دير ٿي وئي، شگر ڪري پئي آهي!
مون جواب ڏنو حاضر وڃان ٿو، پر ٻڌا ته سهي ڀاڄي ۾ ڇا وٺي اچان؟
هن چيو: بس جيڪا هجي اها وٺي اچ.
چيومانس: يار، ڪافي ڀيرا ڀاڄي جي دڪان تان ان “جيڪا” ڀاڄي جي پڇا ڪئي اٿم پر دڪان وارا چون ٿا ته اها “جيڪا” ڀاڄي اسان ٻڌي ئي ڪانهي.
ان تي ٽهڪ ڏئي کلي پياسين ۽ هن چيو: پوءِ ڀلا بصر، پٽاٽا ۽ ٽماٽا ئي وٺي اچ ته ٻوڙ ٺاهيان!
چيومانس: اهي ته روز روز کائي بيزار ٿي پيا آهيون ٻاڪرو گوشت وٺي اچان؟
هن چيو: آهي ته اهو صحيح پر پاڻ واريون ڪِڪِيون ڪيرت راڻي ۽ سنرا راڻي ته کائينديون ئي ڪونه! سو ڪڪڙ جو گوشت وٺي اچ!
چيومانس: پر ڪڪڙ جي گوشت تي وري سوفي راڻي ۽ سهائي راڻي نڪ چپ تي چاڙهيو ويٺيون هونديون، ايئن ٿو ڪريان مڇي ٿو وٺي اچان!
هن چيو: اها اڄ مون کان ڪانه ٺهندي، آچر تي ڏسنداسين! پوءِ ڀلا ڪا سائي ڀاڄي ئي وٺي اچ.
چيومانس: موسم مٽجي وئي آهي، جيسين ڪي نيون ڀاڄيون اچن، اهي پراڻيون ته هاڻي کائڻ تي دل ئي نه ٿي ڪري، بس وڃان ٿو “جيڪا” ملي اها وٺي ٿو اچان.
ڀاڄي وٺي موٽي آيس، جهوني پڇيو ڇا وٺي آئين؟
چيومانس: “جيڪا” ڀاڄي ته ملي ڪانه، ڪلو بصر، ڪلو پٽاٽا ۽ پاءُ ٽماٽا وٺي آيو آهيان! اهو ٻڌي هوءَ به کلي پئي،آئون به کلي پيس.
چيائين، پڪ ٿڪي پيو هوندين، چانهه پيئندين يا شربت؟ اها ٺاهي توکي ڏيان پوءِ وڃي ٻوڙ کي ڏسان!
چيومانس: تون پنهنجي هٿن سان چانهه ٺاهي ڏيندين، شربت يا زهر، اهو خوشي خوشي پي ويندس، بس پارت هجئي ويلڻ نه ٺوڪجان!
ٻئي ڄڻا کلي پياسين ۽ هوءَ پنهنجي چپن سان منهنجي چپن تي رڳڙو ڏئي بورچيخاني ڏانهن هلي وئي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to طنز ۽ مزاح….ويلڻ ۽ پيار….معراج خالد نظاماڻي

  1. Khushba says:

    very Nice Enjoyed a lot

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *