تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

طنز ۽ مزاح….مهمان قدردان…دريا خان شنباڻي

ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو هڪڙي اوطاق تي وڃڻ ٿيو ته ڏٺم ته هڪ همراهه ٽُڪ واري رلي تي 2 وهاڻن جي ٽيڪ لڳائي آئينو ڏسڻ ۽ ڏاڙهي مڇن کي هٿ هڻڻ ۾ مصروف هو. سندس پاسي سان تيل جي شيشي، سرمي داني، پائوڊر جو دٻو ۽ ڦڻي رکيل هئس. سندس ڏاڙھي ۽ مڇون تيل سان تر ھجڻ سبب پري کان ئي چمڪي رهيون هيون. آئون ڀرسان پهتس ته مون تي هڪ نظر وجهي وري آئينو ڏسڻ ۾ مصروف ٿيو، سندس اکيون سرمي سان ايئن ڀريل هيون، ڄڻ هاڻي هاڻي ڪنهن ڪوئلي جي کاڻ مان ڪڍيون هجن ۽ سيني تي پائوڊر ايئن لڳل هو، ڄڻ ڪلراٺي زمين تي ڀاڻ ڇٽيل هجي. مون اسلام عليڪم چيو ته ماليڪم سلام چئي آئينو پاسي سان رکي ويٺي ويٺي هٿ ملايائين ۽ ٻي کٽ تي ويھڻ جو اشارو ڪري وري آئينو کڻي ساڳي ڪرت سان لڳي ويو.
مون ساڻس مخاطب ٿيندي چيو “ڀائو! اسان کان حال احوال وٺو ته کسڪون” منهنجي ان جملي تي آئينو رکندي چيائين ”ڀائو! مان پاڻ مهمان آهيان، اوطاق ڌڻي گهر ويل آھي، ايتري تڪڙ اٿئي ته کسڪڻ جي ڪر”.
مون کيس چيو ته “اوهان ۾ ئي ته ڪم آھي”
ان ڳالهه تي مرڪيو. مون پڇيو ته اوهان ڇا ڪندا آھيو؟
“ڌوڙ پائيندو آهيان” هن چڙ وچان چيو ۽ وڌيڪ چيائين “توکي چيم نه ته اوطاق ڌڻي گهر ويل آھي” پوءِ پنهنجي ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ آئينو کنيائين ۽ پيار وچان پاڻ کي ڏسڻ لڳو ۽ ڀڻڪندي چيائين “صبح ساڻ الاءِ ڪهڙا واندا اچي مٿي ۾ ٿا لڳن”.
”اوهان گذريل سال به هن ئي مند ۾ هتي آيا هئا” منهنجي ان جملي تي هن جو چهرو ڳاڙھو ٿي ويو. “تو وٽ ته ڪونه آيو هئس نه ۽ تون ٿيندو ڪير آھين مون کي ايئن چوڻ وارو! مان ته هتي هر سال ايندو آھيان. اوطاق ڌڻي منهنجو مائٽ ناهي پر اوطاقي مڙس آھي، اهڙن وٽ مڙس ماڻھو ئي لنگهي ايندا آھن” پوءِ هو خاموش ٿيو ۽ ڪاوڙ وچان مڇ جو هڪ پاسو ڦرڪي رهيو هئس. ڪاوڙ تي ضابطو آڻيندي پهرين آئيني ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين “ڀائو! منهنجو به 30-35 سالن جو تجربو آھي، در در جو پاڻي پيتل آھي. اوطاقي مڙس پري کان پڌرا هوندا آھن ۽ واندن کي به چڱي طرح سڃاڻي ويندو آھيان”.
مون هن جي طبيعت ۾ نرمي ڏسي پڇيو “ڀلا اوهان جي پنهنجي اوطاق آھي؟”
جواب ڏنائين، “بلڪل هئي پر ڳوٺ وارن ۽ پاڙيوارن اوطاق سان جيڪا ڪئي، سا مون کي خبر آھي. ڪڏھن گلاس کڻي وڃن ته ڪڏھن رلي، ته ڪڏھن وري پاڻي هاري دلا اونڌا ڪري وڃن”.
“سو هاڻي!” مون پڇيو ته چيائين “هاڻي اوطاق ناهي” مڇن تي هٿ ڦيريندي چيائين “اسان به پنهنجي دور ۾ مڙس ماڻھو هئاسين”.
“هائو، تڏھن ته دلا اونڌا ڪري ويندا هئا” مون ايئن چيو ته چڙندي چيائين “هونئن به ڳوٺ وارا مڙس ماڻهن تي سڙندا آھن، اسان سوچيو هو ته ڳوٺ لاءِ اسان ڪجهه ڪريون پر رهندو به اسان جي لاءِ باهه ٻاري ڏنائون، ڪڏھن پوليس در تي، ته ڪڏھن وري ڳوٺ جو وڏيرو در تي اچي، چون ته “ڳوٺ ۾ چوريون ٿو ڪرائين”.
“هاڻي ان بيزاري سبب ڳوٺ ڇڏيم ته جيئن ڳوٺ وارن کي خبر پئي ته مڙسن جي وڃڻ کانپوءِ ڪيئن کوٽي پوندي آھي” هن وري آئينو کنيو پر هن ڀيري آئيني ۾ نهارڻ بدران چيائين “گهروارن جو به اهو ئي خيال آھي ته مان گهر کان ٻاهر هجان” ۽ پوءِ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي آئيني ڏانهن نهاريندي ڄڻ پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيائين “پرائي در تي شل …” ايترو چئي چپ ٿي ويو ۽ مون کي ڄڻ Fill in the blanks جو چئي ڇڏيائين، اسان به خال ڀري ڀري ايتري حياتي آندي هئي، سو ڀري وياسين.
اسان اڃان مهمان قدردان سان وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ جي موڊ ۾ هئاسين ته اوطاق ڌڻي جي هڪ هٿ ۾ ماني ته ٻئي هٿ ۾ لسي جو لوٽو آڻي مهمان اڳيان رکيائين. ماني جي صلاح ڪيائين پر مون چيو ته “ماني کاڌي آھي پنهنجي گهر”. مهمان قدردان ان لوٽي مان مکڻ جو چڱو چوکو چاڻو ڪڍي ماني تي رکي کائڻ لڳو ۽ مون سان مخاطب ٿيو ته “جيڪڏھن اهڙا سخي هن ڌرتي تي هوندا ته دنيا کي لهر نه لوڏو، هفتي کان هتي رهيو پيو آھيان کيس چيم ته يار، ڀاڄي کائي کائي اندر سڙي رهيو آھي سو الاءِ ڪٿان مکڻ وٺي آيو آھي ۽ مون کي خبر به آھي ته هن سخيءَ وٽ صرف هڪڙي ٻڪري آھي، واهه سخي واهه!”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *