تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

(طنز ۽ مزاح) … (طنز ۽ مزاح) … شعيب احمد جاگيراڻي

مان پنهنجي عمر ۽ نوڪري جي تجربي ۾ ھڪ ڳالهھ نوٽ ڪئي آهي ته مفت جي ماني کائڻ وارن جا ٽي قسم ٿين ٿا جن کي (مانر گروپ)چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو انھن گروپن جو تفصيل ۽ انھن جون عادتون ھن ريت آهن. پھريون گروپ :- ھن گروپ جي ماڻهن مان شل نه انھن جي آفيس جي ڪنهن آفيسر کي دعوت ملي پوءِ اھي بنا دعوت جي پنهنجي آفيسر جي پويان لڳي پوندا جيڪڏهن اکيون ٻوٽي بنا دعوت جي اتي ويندا به صحيح پوءِ اتي پنهنجي عادت کان مجبور اتان ماني کائڻ کان بعد ۾ پاڻ يا پنهنجي ڊرائيور معرفت ماني چورائي گاڏي جي ڊگي ۾ رکندا جيڪڏھن ڪنھن ڏسي به ورتو ته چوندا آفيس جي پٽيوالن لاءِ ماني کئين آ غريب آھن ويچارا کائي دعا ڪندا جڏهن ته ھو کڻندا پنهنجي گھر لاءِ آھن.
ٻيون گروپ :- ھن گروپ جا ماڻھو وري زوريءَ دعوتون وٺندا دوستن کان پوءِ ڀلي ڪو دوست ڀاٿروم کي ٽائيلس ڇو نه ھڻائي پوءِ به چوندس ان خوشي ۾ دعوت کاراءِ ان گروپ جي دوستن جي اھا عادت آهي جيڪڏهن ڪو سوشل ميڊيا تي ڦوٽو رکي دعوت جا ۽ جيڪڏهن انھن جو واقف نڪتو ته پوءِ ان جو خير ناهي چوندس ڦلاڻي دوست کي ماني کارائي اٿئي اسان کي نه ٿو کارائين اسان کي به دعوت کاراءِ
ٽيون گروپ :- ھن گروپ جا ماڻھو نوان ڪپڙا پائي ڪنهن جي به دعوت ھوندي پوءِ اھا شادي جي ھجي سالگره جي ھجي يا ڇٺي ھجي ان ۾ وڃي ويھي رھندا ڏاڍي ماني کائي شھپر وٽيندا ڏند کوٽيندا ائين نڪري ايندا ڄڻ ڪي مھمان خاص ئي پاڻ ھجن! ان گروپ جي ماڻهن جي عادت آهي ھڪ ته پاڻ ريسڏيا دعوت تي ويندا مٿان وري پنهنجي دوستن، مائٽن ۽ پاڙي وارن کي به ڪانڍ ڏنيون پاڻ سان گڏ ورتيون ويندا ڄڻ ڪو انھن جي چاچي جو ڪاڄ آ. منھنجي زندگي ۾ اھئي 3 گروپ گذريا آهن شايد ان کان مٿي به ھجن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *