تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

طنز ۽ مزاح…”سيلف پورٽريٽ”…دريا خان شنباڻي

منهنجو نالو.. پر ڇڏيو نالي کي ۽ نالي ۾ رکيو به ڇا آھي! ماڻھوصرف پئسو ڪمائن ۽ مون نالو به ڪمايو آھي ته ناڻو به. حقيقت هي آھي ته مون پنهنجي نالي کان به وڏو نالو ڪمايو آھي ۽ منهنجي ذھن ۾ بار بار اها ڳالهھ ٿي اچي ته اوهان نالي کي اهو نالو نه سمجهو جنهن ۾ پاڻي وهندو آھي يا ٻين لفظن ۾ ان کي “سم نالو” به سڏن ته “گٽر نالو” به چون. پر منهنجو مقصد آھي اهو نالو جنهن ۾ ماڻھو ڪنهن ڪم يا صلاحيت آڌار نالو ڪمائيندو آهي, سو ٻڌائيندو هلان ته هونئن مان پنهنجي نالي کان وڌيڪ ٻئي نالي سان مشھور آھيان جنهن کي سڏين دانشور ته پيارا پڙھندڙو! مان دانشور آھيان. منهنجي بيگم صاحبه مون کي طعنو ڏيندي چوندي آھي ته “جيترو تنهنجو وڏو نالو آھي پر ايترو تنهنجو وڏو ڪم ٿيل ناهي.” هاڻي مان ان کي ڇا چوان ۽ اهو ڪهڙو مڙس ماڻھو آھي جيڪو پنهنجي بيگم کي چوي ته “بيگم تون غلط ٿي چوين” پر مان وري به ان کي چوندو آھيان ته “بيگم صاحبه! کڻي نالو ننڍو آھي پر ميڄالو وڏو آھي يعني مان پنهنجي ان ميڄالي جي ڪري مشھور آھيان تڏھن ته دانشور سڏجان ٿو.”
جيئن ته مان دانشور آھيان ۽ دانشمند هجڻ ڪري ئي دانشور سڏجان ٿو نه ته هر گنجو ماڻھو به ته دانشور نه ٿو ٿي سگهي ۽ اها ئي وڏي دانشمندي آھي جو اوهان کي لڪ ڇپ ۽ ڳجهارت ۾ اهو به ٻڌائي ويو آھيان ته دانشور هجڻ سان گڏ مان گنجو به آھيان ۽ منهنجا وار منهنجين ڳالهين ۽ تقريرن ختم ڪري ڇڏيا آھن نه ته اسان به اردو واري محاوري جيان هياسين ته “هم ڀي آدمي ٿي ڪام ڪي” سو مان ماڻھن ۾ عقل ورهائيندو آھيان, ڀل ته منهنجي پنهنجي جهولي ڇو نه خالي هجي پر منهنجا خيال ڪنهن به طرح خالي ناهن هوندا. منهنجو اهو خيال آھي ته خالي خيالن جي به زندگي گذاري سگهجي ٿي ان جو وڏو مثال مان پاڻ آھيان جو نه ڪوڏر هڻان, نه مزدوري ڪريان, نه مون کي دوڪان آھي نه ڪو ڪاروبار سو خيالن ذريعي مان پئسا به ڪمايان ٿو ته گڏوگڏ صدارتي يا خاص مهمانن جي ڪرسين تي جٿي ڪٿي براجمان هوندو آھيان. هر پروگرام ۾ پروگرام آرگنائيزر مون کي ويهارڻ بجاءِ بيهاريندا آھن ۽ ماڻھو مون کان دانش ۽ عقل جون ڳالهيون ٻڌندا آھن. جڏھن ته منهنجي بيگم صاحبه جو خيال آھي ته “ماڻھو توکي ٻڌڻ بجاءِ توکي ڏسي تعجب کائيندا هوندا.” هي ته بيگم صاحبه جو خيال آھي ۽ بيگم صاحبائن جي خيالن سان هر دانشور ته ڇا پر هر مرد جو متفق هجڻ لازمي ناهي هوندو. بيگم صاحبه جو اهو به چوڻ آھي ته “مون کي ته تعجب آھي ته پروگرامن ۾ الائجي ڪيئن ڳالهائيندو آھين جڏھن ته گهر ۾ ته تنهنجي بولتي بند هوندي آھي” مان هن کي ڇا ٻڌايان ته ڪنهن “بولتي” سامهون بولتي بند نه هوندي باقي کليل هوندي. مان اوهان کي اهو ٻڌايان ته اسان دانشور دنيا جي واحد قوم آھيون جن کي ماڻهو, ماڻھو گهٽ دانشور سڏيندا آھن. مان دنيا جو ڪو اڪيلو دانشور ناهيان جنهن کي هلندي پروگرام ۾ موضوع ڏنو ويندو آھي.
جيئن ته اسان خاص هوندا آھيون سو اسان کي ڪرسي به خاص ڏني ويندي آھي ائين جيئن گهر ۾ اسان جي ويهڻ جي جاءِ به مخصوص هوندي آھي نه ته هتي هُتي ويهنداسين ته بيگم صاحبه به پئي اٿ ويھه ڪرائيندي ۽ چوندي ته ڪهڙي قسم جو ماڻھو آھين جو گڊو جي چڍين مٿان ويٺو آھين, پپو جي پيمپرن کي به لتاڙي ڇڏيو اٿئي. منهنجي سڀ کان وڏي خوبي اها آھي ته مان ڳالهائڻ مهل اهو نه ڏسندو آھيان ته مان ڇا ڳالهائي رهيو آھيان ۽ ماڻھو مون بابت ڇا سوچي رهيا آھن. بس مون کي ڳالهائڻو آھي ۽ ڳالهائيندو رهندس پوءِ ڪير کڻي ڇا به چوي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *