تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

طنز ۽ مزاح … سائين! مان صحافي آھيان … دريا خان شنباڻي

“سائين! اوهان ڇا ڪندا آھيو?”
“سائين! مان صحافت ڪندو آھيان”
“سائين! اوهان لاءِ ٻڌو آھي ته…..”
“ها ها بلڪل, جيڪو ٻڌو آھي ٺيڪ ٻڌو آھي”
“پهريان اوهان منهنجي ڳالھه ٻڌو ته سهي”
“مون چيو نه ته اوهان ٺيڪ ٻڌو آھي”
“ڀلا, اهو ٻڌايو ته اسان ڇا ٻڌو آھي?”
“اوهان ٻڌو آھي ته اسان جنهن کي پٽڪو ٻڌرايون يا جنهن جو پٽڪو……”
“پر سائين! اسان اهو به ٻڌو آھي ته اوهان مکڻ به لڳائيندا آھيو”
“نه سائين! مان مکڻ نه پر تيل هڻندو آھيان”
“سائين! اوهان کي وار ئي ناهن ته پوءِ تيل ڪٿان هڻندو”
“ته پوء?!”
“اسان جو مطلب آھي ته اوهان تيل وغيره نه باقي مکڻ ھڻندا آھيو يعني…..”
“اوهان شايد مون کي مالشي سمجهو ٿا, ائين بلڪل به ناهي”
“نه سائين! اسان چئون ٿا ته اوهان خوشامد ڪندا آھيو”
“پر ان جي پٽڪي ۾ اسان جا هٿ….. پر خير, اسان کي ماڻھو به ٽوپي پارائيندا آھن”
“اصل ۾ ان ٽوپي جي ڪري ئي ته اوهان ايري غيري, نٿو خيري, راشي ۽ چور کي به ساڌ ڪري ويندا آھيو”
“سڀ ڪجھه ان ٽوپي جو ئي ته ڪمال هوندو آھي”
“نه نه, ڪمال ته نه پر ٻيو ڪجھه هوندو آھي”
“ٻيو ڇا سائين صحافي صاحب”
“ٻيو ڪجھه اهو هوندو آھي جو ڪمال مان ڪ ڪڍندو ته باقي ڇا بچندو”
“سائين پوءِ ته مال بچي ٿو ”
“بلڪل, ان ٽوپيءَ ۾ مال هوندو ته ان جو پٽڪو محفوظ نه ته پٽڪو ڌوڙ ۽ اڄڪلھه اها ئي ته ڪامياب صحافت آھي.”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *