تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

طنز ۽ مزاح…….اچو ته گرامر سکون! ……..دريا خان شنباڻي

اسان کي ننڍي هوندي پنهنجي انگريزي جي استادن گرامر پڙھائڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به “گرام” ۾ ڪونه اچي سگهياسين. انهن ٽئي زمان به پڙھايا، پر اسان کي گرامر سمجهڻ لاءِ شايد زمانا درڪار هئا، پر پوءِ به استادن کي شابس، جو ڪا ڪسر نه ڇڏيائون ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ته من اهڙا سڀاڳا ڪنهن مقام تي پهچي سگهن پر اسين ٽنهي زمانن مان نڪري الائي ڪهڙي “مڪان” تي پهتاسين. اسان کي استادن اهو به ٻڌايو ته ايڪٽو وائيس ۽ پيسِو وائيس ڇا آھي ۽ لکي به ايندا هئاسين پر آخر تائين ان جو اصل مقصد سمجهي نه سگهياسين. استاد چوندا هئا ته “مان لکان ٿو” واري جملي کي پيسِو وائيس ۾ تبديل ڪريو ته اسين کيس “مون کان لکرايو ويو” لکي ڏيکاريندا هئاسين، ته استاد شاباش به ڏيندا هئا. پر جي انهن ڏينهن ۾ استاد اسان کي اهو جملو “مون شادي ڪئي” واري جملي کي “منهنجي شادي ڪرائي وئي” لکرائين ها ته اڄ شايد هي در در ڀٽڪڻ واري نوبت نه اچي ها. “مون شادي ڪئي” واري جملي کي هيئن لکون ها ته “استاد سائين! منهنجي شادي زوري ڪرائي وئي”.
هاڻي به گرامر موجود آھي ته اسان به خير سان موجود آھيون ۽ ڪجهه جملن، زمانن جي ڄاڻ اسان به اوهان کي ڏيڻ چاهينداسين. مثال طور، اسان صرف ٽيئي زمان، زمان حال،زمان ماضي ۽ زمان مستقبل تي نظر ڦيرائينداسين ۽ زمان حال ۾ اهو جملو چونداسين ته “مون شادي ڪئي آھي” ته اهو جملو سولي طريقي سان زمان ماضيءَ ۾ تبديل هيئن ٿيندو ته “مون شادي ڪري عظيم غلطي ڪئي”. وري ان ئي جملي کي زمان
مستقبل ۾ هيئن تبديل ڪنداسين ته “اهو ڏينهن به ايندو جڏھن منهنجا ٻار شادي ڪرڻ کان انڪار ڪندا”وري هڪڙا ناڪاري جملا به ٿيندا آھن ته “ڪاش! مان ان ڏينهن شادي نه ڪريان ها ته اهڙا ڏينهن ئي ڏسڻا نه پون ها”. ٻيا ڪجهه اهڙا جملا به آھن جيئن ان ئي جملي کي ماضي بعيد ۾ ڪتب آڻينداسين ته “منهنجي جڏھن شادي ٿيل نه هئي ته خوش خوش هوندو هئس” ۽ وري ماضي قريب ۾ هيئن چونداسين ته “هاڻي حالت اها آھي جو دل ئي نه ٿي چوي ته گهر ۾ قدم رکجي، جو مون ڪجهه عرصو پهرين ته شادي ڪئي آھي”. زمان حال استمراري ۾ جملو هينئن ڪتب آڻينداسين ته “توکي خبر ناهي ته اسان مري مري جيئي رهيا آھيون”.
هڪڙو زمان اهڙو به آھي جنهن ۾ اڳئين کي اهو جملو چونداسين ته اهو به اڳتي هلي زمانن کان اهڙو ته ڀڄي ويندو جيئن ڪانءَ ڀڄي ڪمان کان. اهو جملو آھي “شادي ڪر ته خبر پوي”، ٻيو به هڪڙو زمان اسان کي استادن پڙھايو هو، جنهن جو جملو ته ياد ناهي پر ان جملي کي ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪجي، اهو اسان کي ياد آھي “شادي کان اڳ تون ڪيئن ڦڙڪيون هڻندو هئين ۽ هاڻي ايئن ٿو لڳين ڄڻ ڪڪڙ تي پاڻي هاريل هجي”. ان ئي زمان جو ٻيو جملو هيئن به ٿي سگهي ٿو ته “هتي ته مٿو هڻين ٿو پر گهر ۾ زال اڳيان ته زبان کي ڄڻ لغام آيل اٿئي”. هڪڙو اهڙو زمان به آھي جيڪو غريب گهروارن لاءِ ئي ٺاهيو ويو آھي ته “هي همراهه ته ايترو شريف آھي جو گهرواري هن کي پنهنجو فرمانبردار گهروارو سڏيندي آھي” (هي هڪ نئون زمان آھي جيڪو ان جملي تي پورو ٿو لهي نه ته هونئن اسان فرمانبردار پٽ، فرمانبردار ملازم ۽ فرمانبردار شاگرد ضرور ٻڌا هئا) اسان جو اهو پختو ايمان آھي ته جيڪڏھن هر عروج کي زوال آھي ته پوءِ اهڙن جملن هيٺ گذاريندڙ هر زمان ۾ استعمال ٿيندڙ مڙس جو گهر مقام (قبرستان) آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *