تازا ترين
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

طريت جو فلسفو پيش ڪندڙ جيڪ روسو … يوسف جميل لغاري

28جولاءِ 1712ع تي جنيوا ۾ جنم وٺندڙ جان جيڪ روسو جيڪو اڳتي هلي تعليمي دنيا ۾ روسو جي نالي سان مشهور ٿيو تنهن فطريت جو فلسفو ڏنو. هن پنهنجي فلسفي جي حوالي سان هڪڙو ڪتاب (Emile) يعني ٻار لکي ڪري پنهنجي فلسفي جو بنياد وڌو. هن جي لکيل ڪتابن ۾ ( The Origin of inequality) ۽ سماجي معاهدو (The Social Contract) پڻ مشهور آهن. انهن کان علاوه هن ڪافي ٻيا به ڪتاب لکيا جن جي پڻ پنهنجي الڳ اهميت آهي. پاڻ هتي سندس تعليمي ڪم تي روشني وجهنداسين. هن کي دنيا جو بهترين فطرت انگيز به چيو ويندو آهي ڇو ته هن جو فلسفو فطرت سان سنئون سنڌو لاڳاپو رکي ٿو. روسو جي هن نظريي مطابق ٻار کي آزادي سان سندس فطرت جي مطابق تعليم ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آهي. روسو جو هي فلسفو ٻار لاءِ آزادنه طريقي سان تعليم ڏيڻ طرف قائل ڪري ٿو. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ ان ڳالھه طرف وڌيڪ ڌيان ڇڪائي ٿو ته ٻار کي سندس مرضي ۽ منشا مطابق تعليم ڏني وڃي. کيس قائدن قانون ۽ اصولن توڙي ضابطن کان پري رکي ڪري سندس خواهش مطابق تعليم ڏني وڃي ته جئين ٻار جو توجع تعليم طرف ٿي سگهي ۽ هو تعليم حاصل ڪرڻ کي وندر جو وسيلو سمجهي. جنهن سان ٻار جون فطري صلاحيتون نروار ٿينديون ۽ سندس ذهن نون شين طرف فڪر ڪرڻ لاءِ پاڻ مرادو سوچڻ لڳندو. هن فلسفي جي مکيه نقطن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ٻار جي پروشن هڪ کليل فزا ۽ آزاده ماحول ۾ ڪئي وڃي. ۽ ان کان علاوه ٻار جي دلچسپي ۽ غير دلچسپي وارن شين جو پڻ اندازو لڳائجي.
روسو چوي ٿو ته ٻار هڪ گل آهي ان کي ٽڙڻ ڏيو. روسو استاد کي پڻ ان ڳالھه تي آماده ڪري ٿو ته هو ٻار جي مشغولين ۾ مداخلت نه ڪري. کيس ڇڏي ڏي ڇو ته هو جڏهن فطرت سان هم آهمگ ٿيندو ته اتان ڪافي شيون پاڻهي ڄاڻ سکي وٺندو جيڪي تاحيات ان کان وسري نه سگهنديون. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ اِها ڳالھ پڻ ڪري ٿو ته ٻار اڳيان ليڪچر ڏيڻ جو ڪو به فائدو نه ٿو هجي ان لاءِ ٻارن اڳيان اهڙو ڪو ليڪچر نه ڏجي جنهن سان ٻار تنگ ٿي پون. روسو جي هن فلسفي کان پهريان عيسائي درسگاهن ۾ گهٽ هوشيار ٻارن کي والدين جي گناهن جو سزا سمجهندا هئا ۽ انهن سان ناروا سلوڪ ڪندا هئا. ليڪن روسو پنهنجي فلسفي ۾ اِن ڳالهھ جي ترديد ڪندي اهو چوي ٿو ته؛ ”خالق جي تخليق هر لحاظ ۾ هر پهلو کان خوبصورت ۽ معصوم ٿيندي آهي پر جڏهن اها انسانن جي هٿن ۾ پهچندي آهي ته پوءِ پنهنجي فطري سونهن ۽ دلڪشي توڙي معصوميت وڃائي ويهندي آهي“. اهڙي ئي ريت ٻار به معصوم هجن ٿا ۽ خاص ڪري ننڍا ٻار ته معصوميت جو هڪ مثال هوندا آهن ان لاءِ سندن احترام ڪيو وڃي. روسو انسان کي ”معاشرتي حيوان چئي ٿو“ ۽ ان ڳالھ جي پڻ وضاحت ڪندي چئي ٿو ته انسان پنهنجي تعليم فطرت يا قدرت کان ئي حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ مطابق اصلي تعليم فطري صلاحيتن ۽ خوبين کي اجاگر ڪري ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جنهن لاءِ هن فطريت جو فلسفو تعليم جي شعبي ۾ متعارف ڪرايو. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ اِهو پڻ چوي ٿو ته ٻار کي اهڙي تعليم ڏيڻ گهرجي جنهن تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻار ۾ قوت، همت، خوش اخلاقي، اخوت، ڀائپي ۽ مساوات جا جذبا اجاگر ٿيڻ سان گڏوگڏ سندس شخصيت ۾ قوت برداشت جو مادو پڻ پيدا ٿئي ۽ هو پنهنجي ذات کان هٽي ڪري معاشرتي ڀلائي لاءِ پاڻ کي توڙي پنهنجي زندگي کي وقف ڪري ڇڏي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *