تازا ترين
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

طبقاتي سماجن جي تاريخ تي هڪ نظر … ڊاڪٽر لعل خان – طفيل مگسي

ڪو طبقو اهڙي فرد تي مشتمل هوندو آھي.جنهن جو پيداواري وسيلن ۽ محنت سان رشتو ڳنڍيل هوندو آھي.طبقاتي سماج جيڪو ٻن طبقن ۾ ورهايل هوندو آھي يعني هڪ طبقو جيڪو استحصال ڪندڙ ۽ ٻيو طبقو جنهن جو استحصال ڪيو ويندو هجي.استحصالي طبقو جيڪو پيداواري وسيلن تي قابض هوندو آھي جڏھن ته استحصال ٿيل طبقو جيڪو محنت ڪش طبقو پڻ هوندو آھي پيداواري وسيلن جي ملڪيت نٿو رکي ۽ استحصالي طبقي لاءِ ڪم ڪرڻ تي مجبور هوندو آھي. انساني سماج سدائين کان مختلف طبقن ۾ ورهايل ناهي رهيو، لکين سالن جي انساني تاريخ ۾ طبقي جو وجود اٺن سالن کان ڏھن ھزارن سالن جي دوران نظر اچي ٿو.ڪن سماجن ۾ ته ان کان به تمام گهڻو پوءِ طبقا نروار نه ٿيا ائين انساني تاريخ جو ڪافي حصو طبقن کان پاڪ رهيو ان قديم غيرطبقاتي سماج کي “قديم اشتراڪيت سڏيو وڃي ٿو“ جنهن ۾ پيداواري وسيلا جيڪي شروعاتي ۽ پٺتي پيل شڪلين ۾ ھئا) نجي ملڪيت جو تصور موجود نه هو ان جي باوجود اٽڪل يارهن ھزار سال اڳ زراعت يعني جانورن کي پالڻ ۽ پوکي راهي جي شروعات انساني سماجن ۾ ڳوڙھن معاشي ۽ سماجي تبديلين جو سبب بڻيو.ان عمل کي بحيثيت مجموعي“نيولٿڪ ريوليشن) به سڏيو وڃي ٿو جيڪو انساني تاريخ جو پهريون عظيم انقلاب هو ۽ پيداواري قوتن ۾ وڏي نشاندهي ڪري ٿو. انسان جانورن جي مدد سان هر هلائڻ لڳو وقت سان گڏ انسان وڌ کان وڌ جانورن کي استعمال ۽ ٻوٽن جي پوکي راهي سکندو اڳتي وڌندو رهيو زراعت لڏپلاڻ جو خاتمو ڪيو مستقبل جون وسنديون آباد ڪيون انساني آبادي ۾ تيزي سان واڌارو ٿيو ۽ پهريون ڀيرو آبادي جي فوري ضرورت کان وڌيڪ پيداوار ٿي.اها وڌيڪ پيداوار ئي طبقاتي ورهاست جو بنياد بڻي ۽ پهريون ڀيرو اهو ممڪن ٿيو ته ڪجهه ماڻھو ڪم ڪرڻ جي اهليت رکڻ باوجود ڪجهه چوڻ بنا بب ان وڌيڪ پيداوار تي زندگي گذاري سگهندا هئا پر پيداواري قوتون ايتريون ترقي يافتا نه هيون جو هر ڪا جسماني مشقت کان آزادي جي ان عياشي سان فيضياب ٿي سگهن.اهوئي بنياد هو جنهن تي طبقاتي معاشرو قائم ٿيو.
تاريخ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا طبقاتي سماج نظر اچن ٿا مثال طور غلامي وارو سماج وڏي پيماني تي غلامن جي استحصال تي قائم هو، اهي غلام طور تي جنگين يا ڏورانهن پٺتي پيل علائقن جي قبيلن تي ڪيل حملن ۾ ھٿ اچڻ وارا قيدي هوندا هئا.آقائن جي ملڪيت تصور ٿيندا هئا ۽ انسان نه سمجهيا و يندا هئا، غلامن جي خريد فروخت عام هئي ان سماج جو بنياد طبقاتي ٽڪراءُ انسانن جي آقائن ۽ غلامن جي وچ ۾ ورهاست تي مشتمل هو. ڪلاسيڪي غلام داري جا مثال قديم يونان ۽ روم ۾ ملن ٿا.ان کانپوءِ جاگيدارارڻو سماج هارين جو جاگيردارن جي هٿان استحصال تي مشتمل هو، جاگيرداري پنهنجي ڪلاسيڪي شڪل ۾ قرون وسطي( پنجين کان پندرنهين صدي عيسوي) جي يورپ ۾ ملي ٿي.اڄ اسان جنهن سرمائيداراڻي سماج ۾ زندهه آھيون ۽ اها ساڳئي سوچ پوري دنيا ۾ موجود آھي، ماضي جي طبقاتي سماجن جيان ان سماج ۾ به پيداواري وسيلا هڪ اقليتي حڪمران طبقي جي ملڪيت ۾ رهيا آھن، جنهن کي سرمائيدار يا“بورزوا “طبقو سڏيو وڃي ٿو آبادي جي اڪثريت محنت ڪش مرد ۽ عورتون(پرولتاريا) تي مشتمل آھي.جن کي زندهه رهڻ جي لاءِ پنهنجي محنت واري قوت سرمائيدار کي وڪڻڻي پوي ٿي.
سماج جون مٿيون شڪليون ڪلاسيڪل طور تي يورپي خطن جي لاءِ خاص رهيون آھن پر اوڀر وارن علائقن ( خاص طور تي فارس.هندستان.چين وغيره) ۾ اسان کي سماجي ارتقا جي هڪ مختلف روش نظر اچي ٿي جنهن کي مارڪس “ايشيائي طرز پيداوار يا اورينٽل ڊسپوزٽيزم “ جو نالو ڏنو هو مثال طور ڏکڻ ايشيا ۾غلامي وارو سماج ڪڏھن به موجود نه رهيو هو ۽ جاگيرداري ۽ سرمائيداري کي انگريز نوآبادڪارن ارڙھين ۽ اڻويهين صدي ۾ پيوند ڪيو ائين هتان جي سماجن جي ارتقا واري طرز يورپ کان بلڪل مختلف هئي.ڪارل مارڪس1853ع کان 1858ع نيويارڪ ٽريبيون ۾ ھندستان تي پنهنجن مشھور مضمونن ۾ “ايشيائي پيداواري طرز“ تي ڪافي روشني وڌي انهن لکڻين جي روشني ۾ ايشيائي پيداواري طرز جو هيئن خاڪو تيار ڪري سگهجي ٿو.
1-زراعت ۽ دستڪاري تي مشتمل معشيت جنهن ۾ محنت جي چٽي ورهاست موجود هئي.
2-زمين جي نجي ملڪيت جي عدم موجودگي (سموري زمين رياست بادشاھ) جي ملڪيت هئي جنهن کي هو وقتي طور تي ڪنهن جي حوالي ڪري سگهندو هو.
3-رياست جي طرف کان تعميرات(پبلڪ ورڪس) جيڪي اڪثر زراعت جي باري ۾ ھونديون هيون. ۽ آبپاشي لاءِ نهرن (واهن ڪينالن) جا وڏا نظام تعمير ڪيا ويندا هئا.
4-مطلق العنانيت تي مشتمل رياست جنهن جو انتظام ڪشادي بيوروڪريسي هلائيندي هئي.
5- ٻھراڙين کان ٽيڪس وصولي جي وسيلي استحصال.
ايشيائي طرز پيداوار تي مشتمل رياست پنهنجي سڃاڻپ ۾ اولھه کان مختلف هئي.جڏھن ته ايشيائي پيداواري طرز ۾ نجي ملڪيت وجود نه رکندي هئي جيئن مارڪس لکيو هو ته اڪثرايشيائي ملڪن جيان هندستان ۾ زمين جي اصل مالڪ حڪومت هوندي آھي هتي فرد وٽ زمين جي نجي ملڪيت نه هوندي هئي يعني ڪوبه فرد بنا حڪومت جي چوڻ جي پوکي راهي نه ڪري سگهندو هو پر اها سندس نجي ملڪيت نه هلندي هئي.مارڪس(گرينڊرائيس) ۾ لکيو“ملڪيت صرف اشتراڪي ملڪيت جي طور تي ڪاهي سگهندو هو. ملڪيت سماجي ۽ تصرف انفرادي آھي اهڙي ريت مارڪس پنهنجي مضمون “ لارڊ ڪيننگ جو اعلان ۽ ھندستان ۾ زمين جي ملڪيت“ ۾ ھندستاني ٻھراڙين جي باري ۾ لکيو “زمين ٻھراڙي وارن ادارن جي ملڪيت هئي.جن کي اهو اختيار حاصل هو ته ڀلائي جي لاءِ فردن کي الاٽ ڪن.زميندار ۽ تعلقي دار سرڪاري آفيسرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هئا.جيڪي ان لاءِ مقرر ڪيا ويندا هئا ته ڳوٺن جي ذمي جيڪو ڏڻ گڏ ڪن راجا کي ڏين“
اولهه وارن سماجن ۾ غلام يا هاري جي پيدا ڪيل محنت تي انفرادي آقا ۽ جاگيردار سڌو سنئون قابض ھوندو هو جڏھن ته ايشيائي سماجن ۾ رياست نجي آبادي جي گڏيل پيداوار منجهان گهڻو کڻندي هئي.انهي گهڻائي منجهان رياستي آلا ڪارن کي اجرتون ڏنيون وينديون هيون.ٻھراڙيون اڪثر هڪٻئي کان ڪٽيل هونديون هيون.مختلف حملا آور ايندا رهيا ۽ مٿين سطح تي حڪمران بدلبا رهيا پر هيٺان کان ان خاص طرز پيداوار ۾ ڪيترن هزارن سالن تائين ڪا تبديلي نه آئي ۽ ٻھراڙين جي زندگي هڪجهڙائپ جو شڪار رهي.ڪجهه وڏن شھرن کي ڇڏي ڪري ٻھراڙين پنهنجي اندر ننڍڙي دنيا وسائي رکي هئي.پئسن ۽ منڊي جو ڪردار نهايت محدود ۽ سطحي هو ..پيشيوراڻيون قابليتون نسل در نسل خاندانن ۾ ھلنديون هيون ۽ انهن کي ڪرتن جي نالي سان ذات .برادري جي باقيات سان سڃاتو ويندو هو.جيڪا اڄ تائين ڏيک ڏيئي ٿي.اولھه جنهن عرصي ۾ سرمائيداري جو سفر طئي ڪيو.ان وقت اهو ايشيائي خطو ماٺو رهيو.نيٺ ھزارين سالن تي مشتمل ان ماٺار کي انگريز نون آبادڪارن ٽوڙيو ۽ ايشيائي طرز پيداوار جي بنيادن تي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو پر نوآبادياتي ڦرلٽ ۽ استحصال جي ان عمل ۾ ھتي جديد صنعت، ٽرانسپورٽ ۽ رابطن جو بنياد به رکيو جنهن سان پرولتاريا( جديد محنت ڪش طبقي) جنم ورتو، ٻاهرين دنيا سان رابطا بحال ٿيا ۽ ھزارين سالن تائين الڳ ٿلڳ رهڻ وارا علائقا تمام ويجهو اچي ويا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *