تازا ترين
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ضرورتن ۽ خواهشن واري زندگيءَ جو سفر…راشد شر

جڏھن اسين انساني شعور جي ارتقا جي سفر کي ڏسون ٿا ته انساني شعور جي ارتقا جي سفر ۾ غلط تصورن جي ھڪ الڳ تاريخ ۽ ڪردار نظر اچن ٿا جتي انساني شعور جي ارتقا کان وٺي اڄ ڏينھن تائين جي انسانن جي گھڻائي خواھشن جي ويس ۾ غلط تصورن کي اپنائيندي پئي اچي. ھينئر به جيڪڏھن ھڪ پاسي ڪو ڏاھو ماڻھو فلسفي، سياست، ادب، تاريخ، يا ڪنھن ٻي محاذ تان ڪا علم منطق جي سائنسي ڳالھه ڪري ساڳئي طرح ٻي پاسي مذھب، عقيدت، مذاق، جذبات جو ڪو نعرو ڏيندو ته ماڻھن جي گھڻائي وارو انگ ڏاھپ منطق سائنس کان منھن موڙي جذباتي ۽ غلط عمل ڏانھن مائل ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته دنيا اڄ به جديد سڌريل سائنسي ھجڻ باوجود به علمي طور مھذبپڻي واري معراج تي پھچي ناھي سگھي جنھن تي پھچڻ ناممڪن ته ناھي پر ڏکيو ضرور آھي. انساني وجود جو جڏھن گھرائي سان جائزو ورتو وڃي ٿو ته اسان کي انساني ڪيفيتون به ڏاڍيون عجيب ۽ دلچسپ نظر اچن ٿيون جن ۾ انسان ڪڏھن به هڪ جھڙو نظر نٿو اچي، اھي انساني ڪيفيتون ضرورتن ۽ خواھشن جي وچ واري طويل رستي سان سفر جي روپ ۾ مسلسل جنگ جوٽيندي نظر اچن ٿيون.جيڪڏھن انساني ضرورت ۽ خواھش جي موضوع کي ويجھڙائي سان جاچبو ته ضرورت ۽ خواھش ٻن الڳ موضوعن جي صورت ۾ ملنديون ڇاڪاڻ ته جيئن ضرورت جي معنيٰ مفھوم پنهنجو آھي وري ايئن خواھش جو به پنھنجو ھڪ الڳ مفھوم آھي.
بنيادي طور تي ضرورت ھڪ اھڙو جبلتي (Instinct) عمل آھي جنھن کانسواءِ جياپو ناممڪن آھي، ڇاڪاڻ ته ضرورت جو زندگيءَ جي جياپي سان گهرو تعلق آھي مثال طور انسان لاءِ کاڌ خوراڪ، ھوا، باھ ۽ پاڻي وغيره جھڙيون ضروري شيون جن سان ھن جي زندگيءَ جي وجود جو سڌو واسطو ھجي ٿو جن کانسواءِ ھن جو جياپو ممڪن نه ھجي. يا ايئن کڻي چئجي ته ضرورت انسان سميت هر جاندار جو ھڪ اهڙو فطري عمل آهي، جنهن کانسواءِ ھن جو وجود ممڪن ناھي مثال طور انسان پکي يا ڪنھن ٻي جاندار جو جڏھن جنم ٿئي ٿو ته ان کان جڏھن اسين ان جي ضرورت جون شيون کاڌ خوراڪ کسي ڇڏينداسين ته ھو انھن کانسواءِ گھڻو وقت زندھ رھي نه سگھندو. جيڪڏھن ضرورت کي جبلت جي روپ ۾ ڏسون تڏھن به غلط نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته جيئن جبلت ۾ ھر جيوت لاءِ ڪنھن به سکيا جو هجڻ ناھي ھوندو بلڪل ايئن ضرورت به ھڪ فطري عمل ۾ اچي ٿي جيڪي ھر جاندار انسان جي پيدائشي صلاحيتن جو حصو ھوندي آھي. اھڙي ضرورت جي صلاحيت جي سُڌ انسانن کي به فطرت ارپي ڇڏي ٿي جيڪي ھنن جي پيدا ٿيندي ئي ھنن جي حواسن سان سمايل ھوندي آھي. جيئن ڪنھن انسان کي اذيت ملي ته ھو روئي کيس خوشي ملي ته کلي يا وري ھن کي بک لڳي ته ماني کائي اڃا به وڌيڪ آساني سان سمجھجي ته هڪ نئين ڄاول ٻار کي ماءُ جو کير پيئڻ جي صلاحيت سکيا سان نه پر، جبلي صلاحيت سان ھن جي جياپي جي ضرورتن ۾ شامل هوندي آهي.
اسين گھڻو اڳي انساني تاريخ جي درين ۾ ليئو پائي ڏسون ٿا ته خاص ڪري جڏھن کان انسان جو وجود عمل ۾ آيو آهي ته ان وقت ڪنھن به ملڪيت ڪٽنب خاندان جي ڪا خاص مقرر حد نه ھوندي ھئي ماضيءَ ۾ کاڌ خوراڪ ھر ڪو ڪمائي کائيندو ھو اڳ ۾ ذاتي ملڪيت جو ڪو به تصور نه ھو پر وقت گذرندي آهستي آھستي جيئن انسان ارتقا ڪئي ايئن ان شين جو وجود پيو ۽ ضرورت جي شين کي به مقرر حدن ۾ ذاتي ملڪيت جي روپ ۾ بادشاھن پادرين ڀڳوانن خدائن جي حوالي ڪيو ويو ايئن ننڍ وڏائي ۽ اڻ برابري جنم ورتو. جنھن سبب خاص ڪري انساني ضرورتون کاڌ خوراڪ سميت جياپي جي ٻين ڪيترين ئي معاشي شين جي ورڇ جاگيراداراڻي سماج وٽ يرغمال ٿي وئي ۽ غلاميءَ جي روپ ۾ ظالم ۽ محڪوم جو تصور اڀريو جنھن ۾ ظالم پنهنجي روب ۽ ڏاڍ سان محڪومن کان سندن ضرورتن جا حق پنھنجي پيرن ۾ چيڀاٽي ۽ ميرا ڪري ڏيڻ لڳا جن سان ھن جي زندگيءَ جون ضرورتون بکن ڏکن جي روپ ۾ نه جيئرن ۾ نه مئلن واري ڳالھه جيئن سامھون پيش آيون.
ضرورت کانپوءِ خواھش جي ڳالھه ڏانھن اچون ٿا ته جيئن اڳ ۾به آئون اها ڳالھه بيان ڪري آيو آھيان ته ضرورت جي ڀيٽ ۾ خواھش ھڪ الڳ حيثيت رکي ٿي. ضرورتن کانسواءِ اسان جو جياپو ممڪن ناھي پر خواھشن کانسواءِ زندگي گذري سگھي ٿي جيڪڏھن خواھش کي انساني تخليق چئجي ته غلط نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته خواھش سڌي طرح جبلت ۾ نٿي اچي پر خواھش انساني سماج جي ارتقا جي مرحلي جي پيداوار آھي مان ته ايئن چوندس ته ضرورت جي اڻ پورائي اڻ برابريءَ جي ڪُک مان ئي خواھش جنم ورتو آھي، جيئن سماج جي اندر ھڪ محڪوم قوم سان ڪا مخصوص فردن جي روپ ۾ سامراجي حڪمران قوت ناانصافي ڪري انھن جا سمورا حق ھڙپ ڪري ڇڏيندي آھي تڏھن ھو بغاوت ڪندا آھن ۽ ھنن جو آخري مقصد انقلاب جي خواھش جي روپ ۾ ھوندو آھي. ھاڻ سمجھڻو اھو پوندو ته ڀلا ان انقلاب ۽ بغاوت جي ضرورت ڇو پئي ته ڳالھه ڏاڍي واضع لڳي پئي آھي ته جڏھن ظالم جي روپ ۾ مظلوم جون ضرورتون ھڙپ ڪيون ويون تڏھن ئي ھڪ (Positive) خواھش انقلاب جي روپ ۾ جنم ورتو. خواھش (Negative) به ٿئي ٿي ته (Positive) به ٿئي ٿي. پاڻ جيڪڏھن پنھنجي سماج جي ويجھڙائي ماضي قريب يا زمان حال جي عشق جي ڳالھه ڪيون ته اڄوڪي عشق ۾ اھا ازلي ۽ حقيقي عشق واري معنيٰ ناهي رهي سگهي. اڄوڪن ماڻھن وٽ خواھش جو فلسفو ھڪ دلچسپ ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ ملندو جتي ھر پريمي ھر عاشق کان ويندي معشوق جي اھا خواھش رھي ٿي ته منهنجي پريمي وٽ سٺو گھر بنگلو گاڏي ۽ حسناڪين جون اڻ ڳڻيون خوبيون ۽ ٻين ماڻھن جي ڀيٽ ۾ وڌ کان وڌ وسيلا ۽ حسن رنگ روپ ھجي تڏھن ئي ھن سان ڪامياب ۽ خوش زندگي وارو پيار بڻجي سگھي ٿو ٻي صورت ۾ پيار ۾ ڏار پئجي وڃن ٿا. توڙي جو ھڪ عام سادي زندگي گذاريندڙ ھڪ عاشق وٽ پنهنجي محوب لاءِ دنيا جي سمورن رنگن کان وڌيڪ ڪشاديون محبتون کڻي ڇو نه به هجن پر جڏھن ان محبوب جي نئين عاشق وٽ سندس لاءِ محبتن جي ڀيٽ ۾ گاڏي بنگلو يا حسناڪين جون ڪجھه ڳچ خوبيون ھونديون ته ھو ماضي وساري پنھنجي (Negative) خواھشن جي بعيت تي ھلي پوندا آھن. اڄوڪي دؤر ۾ اڃا به وڌيڪ خواھش جي ھڪ (Negative) شڪل اھا به آھي ته ھر غريب کان امير ماڻھو ان خواھش جي گسڻ ۾ گھلبو پيو اچي ته ھو ھر ماڻھو کي ھيٺ ڪري پاڻ مٿي اچي، ھن جي ڀيٽ ۾ ھر فرد عزت دولت ۾ ھن کان گھٽ ۽ نيچ ڏيکاريل ھجي خاص ڪري اڄڪلھه ماڻهو خواهشن جي ڪلھي تي سواري ڪري ان ڳالھه تي زور ڪرڻ ۾ لڳي ويا آھن ته پوري دنيا سندن مٺ ۾ بند ھجي ٻي صورت ۾ پوءِ ڀلي ڇو نه ھنن جي ڀيٽ ۾ ٻيا ماڻھو هنن جي خواهشن سبب پنهنجي ضرورتن کان محروم رھن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *