تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

صنعتي بحران کان ڪورونا بحران دوران پنهنجي اخبار جو هڪ سال جو ڪامياب سفر ….علي قاضي

“عمر جي هن حصي ۾ اچي ڏينهن جا 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ڪندي ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟” مون کان اهو سوال ان صحافي دوست ڪيو، جنهن مون کي اڄ کان 31 سال اڳ به ڏينهن رات ڪم ڪندي ڏٺو هو، موٽ ۾ چيومانس ته “فرق اهو آهي ته 31 سال اڳ آئون 21 سالن جو هئس ۽ هاڻ 52 سالن جوآهيان.” مشهور ڪهاڻيڪار ۽ منهنجي دوست مظهرالاسلام هڪ ڏينهن ڪچهري ۾ ٻڌايو ته نوجواني جي عمر ۾ ڪا تخليقي لکڻي لکڻ مهل کيس نه گھڻي دير لڳندي هئي ۽ نه ئي ڪا پريشاني، ڇاڪاڻ ته ادب ۽ اديبن جي دُنيا ۾ نه هو ڪو گھڻو مشهور هو ۽ نه ئي ڪو وڏو نالو، پروقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن ادب جي دُنيا ۾ مظهرالاسلام هڪ وڏو نانءُ ٺهي ويو ته ڪجھه به لکڻ مهل کيس تمام گهڻو سوچڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته مٿس اهو دٻاءُ هوندو هو ته سندس نالي سان لکيل ڪا تحرير غير معياري نه هجي. ان ڳالهه جو مقصد اهو ٿيو ته جيئن ئي ڪو ماڻهو ڪنهن شعبي ۾ شروعات ڪري ٿو ته مٿس اهو دٻاءُ هجي ٿو ته هو ان شعبي ۾ اڳ ۾ ئي موجود وڏن نالن وارن کان بهتر ڪم ڪري ۽ سندس نالو به ان شعبي ۾ شامل ٿي وڃي پر جيئن کيس قدرت وقت گذرڻ سان ان شعبي ۾ ڪو مقام ڏياري ٿي ته پوءِ ان ماڻهو جي تخليقي صلاحيتن مٿان فورن سندس پنهنجي نالي جي ڪاميابي جو دٻاءُ اچيو وڃي ۽ هو هڪ مقام تي اچي ٻين بدران خود پنهنجو مقابلو پاڻ ئي ڪرڻ شروع ڪريو ڇڏي.
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته “ناڪاميءَ جو خوف انسان جي تخليقي صلاحيتن تي ناڪاري اثر وجھندو آهي.” ظاهر آهي ته ناڪامي جو گھڻو خوف عام طرح اُن کي وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو ڪامياب هوندو آهي يا جنهن ڪڏهن ڪاميابي ڏٺي هوندي آهي. مثال طور ڪنهن نئين فنڪار کي اگر اسٽيج تي سندس پرفارمنس تي گھڻو داد نٿو ملي ته هو ايترو دل برداشته نٿو ٿئي پر اگر ڪو مشهور، نالي چڙهيو راڳي اسٽيج تي پنهنجو راڳ يا گيت ٻڌائي ۽ هيٺ ويٺل سامعين مان کيس موٽ نه ملي ته هو ضرور شديد ڊپريشن جو شڪار ٿيندو آهي. سو گذريل 31 سالن دوران صحافت جي دنيا ۾ منهنجو تعارف به ڪو صفا وڏي راڳي طور نه پر ٽڪو پئسو ٺهيو، جنهن ۾ منهنجي صلاحيت گھٽ پر اصل سبب رب ڌڻيءَ جي ٻاجھه هو، ڪير مڃي يا نه مڃي پر سنڌي ميڊيا جي تاريخ جي پنن تي ڪامياب سنڌي اخبار ۽ ٽي وي چينلز شروع ڪرڻ ۾منهنجو به ٿورو گهڻو ڪرداررهيو آهي، جيڪو ڪم يقينن مون اڪيلي سر نه ڪيو پر سڄي ٽيم ڪيو پر ان جي سرواڻي ڪرڻ جو شرف منهنجي نصيب ۾ هو پر 2018ع ۾ جڏهن اوچتو مون کي پنهنجي ئي ٺاهيل ادارن مان فارغ ڪيو ويو ته مون لاءِ ٻه آپشن هئا، هڪ اهو ته آئون باقي زندگي گھر وڃي ويهي رهان يا پوءِ پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو نئين سر سفر جو آغاز ڪريان، ظاهر آهي ته ٻيهر ٻڙي کان ڪم جو آغاز ڪرڻ ڪو سولو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته 2018(i) ع ۾ منهنجي عمر 22 سال نه هئي (ii) 2018ع ۾ منهنجو مقابلو ڪنهن ٻئي سان نه پر پنهنجي پاڻ سان هو (iii) اخباري صنعت شديد مالي بحران ۾ هئي (جيڪا اڄ به آهي) 2018(iv) ع ۾ اخبار پڙهندڙن جو انگ گھٽجي رهيو هو 2018(v)ع ۾ شديد جذباتي اضطراب واري ڪيفيت ۾ هئس، پر گهر ويهڻ بدران ٻيهر ٻڙي کان ڪم شروع ڪرڻ جي شروعات ڪيم. 2018ع ۾ ڪنهن دوست چيو ته “ڀائي جان هي اخبار ڪڍڻ جي موسم ته ڪانهي، توهان هي ايڊوينچر ڇو پيا ڪريو؟” چيومانس ته “سڄي زندگي مون صحافت ڪئي ۽ رڳو اهو ئي ڪم اچي ٿو، سو هاڻي اهو نه ڪريان ته پوءِ ٻيو ڇا ڪريان؟”
خير قصو مختصر، 22 ڊسمبر 2018ع ۾ هڪ مختصر ٽيم سان گڏجي سنڌي جي پهرين باضابطا ڊجيٽل ويب سائيٽ جي شروعات ڪئي، جتان 24 ڪلاڪ ماڻهن کي ڊجيٽل پليٽ فارم تي ڪنفرم خبرون ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيتوڻيڪ ان مهل اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته سنڌي ٻولي ۾ هڪ مڪمل نيوز ڊجيٽل پليٽ فارم لاءِ اڃا اسان جو سماج تيار ناهي ۽ اهو وقت کان اڳ ٿي رهيو آهي پر اڄ ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته 16 مهينن جي مختصر عرصي ۾ پنهنجي اخبار جي ويب سائيٽ، فيس بڪ پيج ۽ نيوز وڊيوز لاءِ يوٽيوب چينل کي لکين سنڌ واسي روزانو ساکائتيون ۽ تحقيقي خبرون ڄاڻڻ لاءِ ڏسن ٿا، سنڌي ٻولي ۾ 24 ڪلاڪ ترت ۽ درست خبرون ڄاڻڻ لاءِ واحد ڊجيٽل پليٽ فارم طور پاڻ مڃرائي ورتو.
ٺيڪ هڪ سال اڳ 8 اپريل تي “پنهنجي اخبار” ڇپجڻ کان اڳ ڪيترائي انومان ۽ خدشا هئا، ڇا پنهنجي اخبار هڪ معياري اخبار بڻجي سگھندي؟ ڇا سنڌ واسي ان کي قبوليت ڏيندا؟ نيوز ڊيسڪ کان وٺي باصلاحيت رپورٽرز ۽ نمائندن سوڌو نيوز پيپر ايجنٽن جي اهڙي ٽيم جڙي سگھندي، جيڪا ڏهاڪن کان اخباري مارڪيٽ ۾ ڄميل اخبارن جو مقابلو ڪري پنهنجو مقام ٺاهي سگهي؟ اهي ۽ ٻيا کوڙ سارا سوال ذهن ۾ پي آيا پر پنهنجي اخبار جي ڇپجڻ جي پهرئين ڏينهن کان ماشاءَالله اخبار جي سرڪيوليشن وڌندي وئي، اڄ سال مڪمل ٿيڻ تي آئون انتهائي نوڙت سان اهو لکندي خوشي پيو محسوس ڪريان ته پنهنجي اخبار رب العزت جي مهرباني سان سڀني کان وڌيڪ سرڪيوليشن رکندڙ سنڌي اخبار ٿي چڪي آهي، جنهن لاءِ آئون پنهنجي اخبار جي سموري سٿ پاران سنڌ واسين جو ٿورائتو آهيان.
سال اڳ ميڊيا جي صنعت سوڌو سڄي ملڪ ۾ معاشي بحران دوران جنم ورتل پنهنجي اخبار جي اداري، جنهن کي آئون سنڌ واسين جو پنهنجو ادارو سمجھان ٿو، کي اڄ جڏهن سال مڪمل ٿيو آهي ته وري ڪرونا وائرس جو بحران موجود آهي پر ايئن به ناهي ته گذريل هڪ سال ۾ ٻيا مسئلا ۽ رنڊڪون آڏو نه آيون هجن، جن ۾ سرڪاري اشتهار نه ملڻ سوڌو ڪيترائي مسئلا آڏو ايندا رهيا پر قدرت واري جي ٻاجھه سبب هڪ هڪ وک کڻندي، اڄ پنهنجو ادارو نه صرف سڀني کان وڌيڪ موثر ۽ لکين ماڻهن تائين پهچ رکندڙ ڊجيٽل پليٽ فارم پيو هلائي پر پنهنجي اخبار جو پرنٽ ايڊيشن به ٻين جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، مون کي اهو لکندي به تمام گھڻي سرهائي ٿئي ٿي ته پنهنجي اداري جي سيٽلائيٽ چينل “ٽائيم نيوز” جي به ٽيسٽ ٽرانسميشن شروع ٿي وئي آهي، جيڪا جلد توهان پنهنجي ٽي وي اسڪرين تي ڏسي سگھندا.
لکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي پر في الحال اتي بس ڪريون ٿا، رڳو ايترو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجي زندگي جا پيچرا شروع کان سولا نه رهيا آهن پر جيڪو ڪجھه مون گذريل ٻن سالن ۾ ڏٺو، سکيو ۽ پرکيو آهي، اهو غير معمولي تجربو هو . رب ڌڻيءَ ان مشڪل مان به پار لڳايو ۽ اڳتي لاءِ به رڳو ان مان ئي ٻاجھه جو آسرو ۽ دعا آهي، جيڪي دوست ۽ سنگت ان نئين سفر ۾ منهنجا ساٿي ٿيا آئون انهن جو به ٿورائتو آهيان ۽ جن اهو سمجھي ته علي قاضي هاڻ ماضيءَ جو هڪ قصو بڻجي ويو آهي ۽ هو پاسيرا ٿي ويا هئا، آئون انهن لاءِ به دعاگو آهيان.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *