تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

صفه صفا ياستين جو آستان…يونس رومي

ابن خلدون پنهنجي مقدمي ۾ تحقيق جا اصول ٻڌائيندي لکي ٿو ته جڏهن ڪوبه واقعو بيان ڪريو ته پهرين ان جي علم ۽ عقل جي روشني ۾ جاچ پڙتال ڪئي وڃي ته ڇا اها روايت قابل قبول به آهي يا نه. اسان وٽ هٿ ٺوڪيا حوالا ئي نظر اچن ٿا، جن کي ذهن تسليم ڪرڻ کان عاري هوندو آهي. اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون رسمون آهن جيڪي صدين کان هلنديون ٿيون اچن، اسان کي تعليم ۽ تاريخ کي نئين تحقيق سان همڪنار ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان پراڻين رسمن کان پنهنجي نئين نسل کي آزاد ڪريون ۽ دنيا کي نئين سنڌ ڏيکاري سگهون.
سنڌ جي تاريخ 5000 سالن کان به وڌيڪ قديم آهي. جيڪڏهن اڄ ڪنهن کي ان جي باري ۾ ٻڌائڻو پوندو آهي ته سڀ کان پهرين موهن جي دڙي جي تاريخ جا مثال ڏيڻا پوندا آهن، جنهن تي اسان کي فخر آهي. پر جيڪڏهن تاريخ ۾ ڪٿي ڪا ڪمزوري آهي ته ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. محترم بدر ابڙو صاحب “سنڌوءَ جو سفر” ۾ صفحي نمبر 289 تي ستين جي آستان بابت لکي ٿو ته روهڙي بکر پل وٽ ٽڪري تي ست مکيه قبرون ستين جون آهن جيڪڏهن ڪنهن کان ستين جو ٿان جي بابت پڇا ڪندا ته هڪدم چوندا آهن ته، بيبين جون قبرون آهن. کانئن پڇبو ته ستيون ڪير هيون؟ ته چوندا، “بيبيون هيون، پنهنجي عزت بچائيندي هتي زمين ۾ گهڙي ويون.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ستين جي آستان تي موجود ستن مکيه قبرن مان ڪا هڪ به ڪنهن عورت جي نه آهي، سڀ کان نمايان قبر بکر جي حاڪم ابوالقاسم نمڪين جي آهي جيڪو قنڌار جي ويڙهه ۾ مارجي ويو هو. سندس لاش بکر آندو ويو ۽ روهڙي لڳ ٽڪري تي دفن ڪيو ويو، ٻيون قبرون سندس ويجهن مائٽن جون آهن. ستين جي آستان جا ٻيا نالا قاسم خاني ۽ صفه صفا آهن، جتي پهرين قبر ابوالقاسم جي ٺهي ۽ پوءِ اهو ماڳ شاهي خاندان جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو.
اسان جي ماڻهن ۾ انڌي اعتبار جي عادت آهي. ستين جي ڪهاڻي عجيب آهي. اسان جي ماڻهن لاءِ بس اها ڳالهه ڪافي آهي. ڇا اسان جا ماڻهو قبرن جا ڪتبا به پڙهي نٿي سگهيا؟ کين اکين کان وڌيڪ ڪنن تي اعتبار ڇو آهي؟ مان سمجهان ٿو ته عام ماڻهن کي شاهي قبرستان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي. قبرستان جو در ۽ اندرين سوڙهي ڏاڪڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته اتي پڪ سان هڪ چوڪيدار مقرر ڪيو ويو هوندو. قبرستان جو در بند هئڻ جو مقصد ٻيو اهو ٿي سگهي ٿو ته انهن قبرن ۾ شاهي فرد جون عورتون هونديون تنهن ڪري غير محرم ماڻهن کي هت اچڻ تي پابندي هئي، صرف شاهي فرد پئي اچي سگهيا. صدين کان صفه صفا قبرستان ۾ گهڙڻ تي پابندي سبب عام ماڻهن مکيه قبرن کي ستين جون قبرون سمجهي تصديق ڪرڻ کانسواءِ “ستين جو آستان” جا لفظ ايترا ڀيرا ورجايا آهن جو اهي سچ بڻجي ويا آهن. اڄ ڪلهه قديم آثارن جي کاتي جي طرفان رکيل ناواقف چوڪيدار هر ايندڙ کي ٻڌائي ٿو ته انهن ڪوٺڙين ۾ ستيون غائب ٿيون ويون هيون. ڪجهه قبرون ٿلهن تي ٺهيل آهن جنهن جي چئني ڪنڊن تي مناري جهڙا ٺلهه آهن، جيڪي قبرن جي مالڪن جي شاهي حيثيت کي ظاهر ڪن ٿا. قبرستان ۾ فقط پٿر جون قبرون ئي نه آهن پر ڪاشيءَ جو به سهڻو ڪم ٿيل آهي. اهم شاهي مسجد جا به آثار آهن. جڏهن ته سڀ دانشور ۽ مورخ متفق آهن ته اهو ستين جو ٿان نه بلڪه صفه صفا ئي آهي، جتي قاسم خاني ساداتن جون مزارون آهن. تذڪره اميرخاني، تاريخ مظهر شاهجهاني جا مصنف ۽ مير معصوم بکري ستين جي آستان کي ئي صفه صفا تسليم ڪن ٿا. مير ابوالقاسم صفه صفا بکر جي طرز تي يڪ ٿنڀي جي جاءِ تي صفه صفا سيوهڻ ۾ ٺاهيو هيو، جتي چانڊوڪي راتين ۾ شاعري جون محفلون ٿينديون هيون، سندس قبر به پسند جي جاءِ تي ٺهي. سچ پچ ته هيءُ نظارو سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو هڪ حسين تحفو آهي.
ستي بابت قديم سنڌ ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي رقمطراز آهي ته ويدڪ جي زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته وڌوائون (بيواهون) مڙسن جي لاشن سان گڏ پاڻ کي ساڙي پورو ڪنديون هيون. “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ” ۾ اشتياق انصاري رقمطراز آهي ته اوڏن ۾ هڪ رسم کيترپال يا کيتر پاڙ جي رسم ٿيندي آهي. کيٿر پال يا کيتر پاڙ هندڪار ۾ اوتار جي رتبي جيترو درويش ٿي گذريو آهي، ان جون ست ڀينرون “ست ستين” جي نالي سان مشهور آهن. کيترپال جو هڪ مشهور آستانو جيسلمير ۾ وڏي باغ ڳوٺ ۾ به آهي، جتي هڪ ڪوٺي ۾ساڍا 3 فوٽ کن اڀي ٽڪنڊي پٿر اڳيان هند ۽ سنڌ جون هندڪار واريون ذاتيون اچي ڀيٽا ڏينديون آهن. سنڌ ۾ ان جا ڪيترائي آستانا آهن. عمرڪوٽ جي هاڙي واري آستان تي بڊي ۽ مانگهه مهيني ۾ وڏو ميڙاڪو ٿئي ٿو. ان ئي ست ستين جي طرز تي ست ڀينرن جي داستان “معيار سالڪان” طريقت ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته هفت دختر جي نالي سان سومرا بادشاهن جي اولادن مان ست نياڻيون هيون جيڪي پاڪ دامن، خدا ترس ۽ تارڪ دنيا هيون، اهي تلهار ۾ رهنديون هيون. ڪجهه ماڻهو انهن کي بدنيتي سان ڏسندا هئا ۽ هلان به ڪندا هئا. سيد يعقوب مشهدي جو اتان گذر ٿيو ته اهي ست ڀينرون شيخ سان گڏ ساموئي پهچي ويون. اتان جا سمه زاده انهن کي حاصل ڪرڻ جا خواهشمند ٿيا ۽ پنهنجا ماڻهو موڪليا ته انهن کي گرفتار ڪري وٺي اچن. شيخ انهن کي درياهه پار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرائي رهيو هو. انهن اڃا درياهه مس پار ڪيو هو ته دشمن به پهچي ويا. تڏهن انهن ڀينرن الله جي درٻار ۾ دعا گهري ته اسان جي حفاظت فرما ۽ اسان کي زمين ۾ پناهه ڏي. انهن جي دعا قبول ٿي زمين اندار ڏار ٿي ويو ۽ ست ڀينرون ان ۾ دفن ٿي ويون. اسان جي ڪجهه مورخن موجب ته هتي راجپوت عورتون مدفون آهن. ستين جي ٿان بابت اسان جا مورخ اهڙين روايتن سبب مونجهاري جاشڪار آهن.
سنڌ جي تاريخ سان تمام گهڻو برو سلوڪ آهي. هن جديد دور ۾ بغير تحقيق جي اسان جا ماڻهو اکيون ٻوٽي ڪري يقين ڪن ٿا، جيڪو هڪ ناسمجهي جو ثبوت آهي. تاريخي حوالن جي روشني ۾ منهنجو اهو موقف آهي ته ستين جو آستان دراصل صفه صفا آهي. ستين جي اها روايت انهي ماڳ سان ڳنڍڻ درست نه آهي. هاڻي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته قديم آثارن تي نئين سر تحقيق ڪرائي. اها تحقيق به متڀيد کان بالاتر ٿي ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اسين پنهنجي ماڳن جي اصل تاريخ کي محفوظ ڪري سگهون ۽ درست تاريخ کان واقف ٿي سگهون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *