تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

“صديون گذريون روپلا”… امين ارباب

هي اُهي ٿاڻا هئا جڏهن سنڌ جي سرحدي ڪاڪ تان راڻا ريساڻا هئا ۽ محبوب جا مايوس ماڻا ڏسي مرڪن جا ڏيئا وساڻا هئا، انهن ڏينهن جو ڏوراپو آهي هي، جڏهن جيءُ جياپي جو نياپو آسائتو ۽ مانائتو هئڻ باوجود ڏاڍو ڀوائتو ٿي پيو هو، ماڻهو ماڻهن سان مڙيا هئا، جيءُ جڙيا هئا ۽ لڙڪ لڙيا هئا، ماڻهن جو ڏوھه هو به الائي نه پر ڌارين جي دغابازي جي بنياد تي ماءُ جي جھولي ۾ لولي جا آلاپ زخمي ڪيا ويا هئا.
ننگرپارڪر جي نگري ۾ هيڏو هاڃو ٿي وڃڻ باوجود الائي ڇو ڪڇ جي ماڻهن به ڪون ڪڇيو، نه لڇيو ۽ نه پڇيو ته اي سنڌ نگر جا ماڻوهو ڀٽائيءَ جي جھونا ڳڙهه کان وٺي مارواڙ جي مارو ماڻهن تائين ڇا اسان جي به سنڌ ۾ ڪا رتي برابر پتي! اڄ کان سالن جا سال اڳي جڏهن سڪ جي سڳي جا ٻه اڌ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته ننگرپارڪر جي نگري ۾ روپلي ڪولهي جي روح پاتال مان هڪڙي للڪار اُٿي هئي ته “سنڌ تو ماري سيوا سي، سنڌ تو ماري ماتا سي، ماتا ماٿي نا مرون تو ماري ڄڻناري مان ڦير” ۽ پوءِ ڪاسبي تائين فرنگين ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو، هڪ پاسي ديش رکيا جي ڳالھه ٿي رهي هئي ته ٻئي پاسي هڪ جند جا ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳجھه ڳوهه ۾ اٽڪل به ٿي رهي هئي.
ڪارونجهر جي ڪنڌيءَ وٽان ڪيهون ڪندڙ ريهون جڏهن ڀالوا جي ڀٽ کان ٿينديون ڀٽائيءَ جي ڀٽ تائين پهتيون ته سڄي سنڌ ۾ همت ۽ جرئت جو ٻج ڇٽجي ويو، ڌرتي ڄاين جي ٻانهن ۾ صدين کان ننڍون ڪندڙ قيامتون جاڳي پيون، مياڻن مان ترارون نڪري آيون ۽ سسيون ڌڙن کان ڌار ٿينديون ويون، هر طرف فرنگين جي خلاف اعلان ٿي ويا ته “تنهن کي چئو، منهنجي نگريءَ مان نڪري وڃي” ۽ پوءِ آب ۽ تاب وچان اُڀري ايندڙ سج ڪارونجهر جي چوٽي تي چڙهي چڪو هو، ڪارونجهر جو سمورو جسم زنجيرن سان جڪڙجي چڪو هو، علل اعلان ڪيو ويو ته اڄ روپلو سوليءَ تي چڙهندو.
سموري سنڌ جي وڻن جي پنن ڇڻڻ ڇڏي ڏنو، هيڻن کان حال وسري ويا، هرڻين کان ڇال وسري ويا، مرڪون مايوسين ۾ تبديل ٿي ويون، ٿر تي مينهن وسڻ لاءِ سالن پڄاڻان مهمان بڻجي آيل ڪڪرن ۾ ٽاهه پئجي ويو، ماڻهن مان جرئت ۽ همت هٿ ڪڍي ويئي، ٻاٻيهي پاڻ پڇاڙيو، ڪجلاسر جي تلاءُ ۾ ڇولين کي ڇاٻ لڳي وئي، ڪارونجهر جي ڪور تي ٽلندڙ مور به پساهه ڇڏي ويا، چوڌاري لڙڪ لڙي رهيا هئا پر روپلي جي ٻني، وني، پيار ۽ هن جا ٻار روپلي جي مرڪن ۾ مرڪي رھيا ھئا، انهيءَ آڌار تي ته اڄ حق خاطر سچ سوليء چڙهي امر ٿي ويندو ۽ هڪڙوئي آسمان گواهه ٿي رهجي ويندو.
ماڻهو اِھو منظر ڏسي روپلي کان موڪلائي رهيا هئا، سج لڪن ۾ لڙندو ڏسي روپلي سنڌ جي سرزمين کي آخري ڀيرو منهن ورائي ڏٺو ۽ سنڌ کان جدائي جو الوداعي هٿ لوڏي چيو ته”وٺي هر هر جنم وربو” روپلي ڪولهي ننگرپارڪر جي نگري ۾ جنم ورتو، مارئي جي ديس ۾ پلجي وڏو ٿيڻ وارو روپلو صبح ويلا جي رنگن ۾ کيت کيڙڻ ويندو هو ۽ سانجھه ويلا جي گهڙين ۾ اباڻن اجهن لڙي ايندو هو، وني، ٻني، پيار ۽ هن جا ٻار هن لاءِ سڀني کان وڏو سرمايو هئا پر جڏهن هن سنڌ جي سرزمين تي فرنگين جا پير پختا ٿيندي ڏٺا ته هن اعلانِ جنگ ڪيو.
روپلي ڪولهي جي جدائي کي هاڻ سالن جا سال ٿي ويا آهن پر پوءِ به ڀٽن تي سُڪي ٺوٺ ٿي ويل ليار جون ٽاريون چون ٿيون ته “صديون گذريون روپلا تنهنجي ٿر ۾ رات رهي پئي آ”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *