تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

صحافي مطيع الله اغوا ۽ بازياب: سوشل ميڊيا تي جبري گمشدگي بابت بحث…اشو آف دي ڊي

اسلام آباد جي سيڪٽر 6 مان اغوا ٿيل صحافي مطيع الله جان جي بازيابي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي سوال اٿاريا ويا ۽ جبري گمشدگي بابت پڻ بحث شروع ٿي ويو، صحافي مطيع الله جان بازيابي کانپوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي خيريت ۽ بازيابي بابت ٽوئيٽ ڪيو، هن لکيو ته آئون خيريت سان واپس اچي ويو آهيان، خدا مون تي منهنجي خاندان تي مهربان رهيو، آئون پنهنجي دوستن، ملڪي ۽ غيرملڪي صحافتي تنظيمن، سياسي، سماجي پارٽين، سوشل ميڊيا ۽ سماجي ورڪرن سميت وڪيل تنظيمن ۽ عدليه جو شڪر گذار آهيان جن جي فوري ردعمل سان منهنجي واپسي ممڪن ٿي. مطيع الله جو ٽوئيٽ اچڻ سان ئي صارفين خيريت سان واپسي تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس حوصلو ڏياريو، ان کان اڳ صحافي اعزاز سيد پاران مطيع الله سان گڏ تصوير شيئر ڪئي وئي جيڪا مطيع الله جي بازيي بعد واري هئي، صحافي مطيع الله جي واپسي بعد ٽوئيٽر تي صارفين ملڪ ۾ صحافتي آزادي، سينسرشپ ۽ ماڻهن جي جبري گمشدگي جي باري ۾ بحث به ڪندا رهيا، اها ڳالهه به ڪئي وئي ته اهڙن معاملن ۾ گڏجي آواز اٿارڻ سان نتيجو مغوي جي حق ۾ ايندو آهي، صحافي حسن زيدي لکيو ته ڏسي وٺو آواز اٿارڻ جو نتيجو ڇا ٿي سگهي ٿو، جنهن تي ڊاڪٽر تقي جو چوڻ هو ته يقينن ايئن ئي آهي بروقت آواز اٿارڻ نهايت اهم آهي. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري پڻ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مطيع الله کي آزاد ڏسي خوشي ٿي، ان طرح جا قدم اسان جي آئين، عالمي انساني حقن جي معاهدن جي خلاف آهن، شهري مسلسل خوف جي فضا ۾ نٿا رهي سگهن، ڪنهن به معاشري ۾ قانون تائين رسائي هر شهري جو حق آهي.سماجي ڪارڪن عروج اورنگزيب وفاقي وزير شيرين مزاري کان سوال ڪيو ته ڪنهن مطيع الله کي اغوا ڪيو هو؟ ڇو اغوا ڪيو هو؟ هڪ شهري طور اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا. صحافي عامر متين لکيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته مطيع الله خيريت سان واپس آيو آهي، پر ان معاملي ۾ حقيقت سامهون اچڻ گهرجي، ڪنهن ۽ ڇو اغوا ڪيو هو؟ مطيع الله جي پنهنجي موقف جو انتظار رهندو. مطيع الله جي اغوا بعد سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي پوسٽون شيئر ٿينديون رهيون ان دوران جبري گمشدگين جو معاملو به اٿاريو ويو، عبدالسميع سوال اٿاريو ويو ته مطيع الله جي واپسي جو ٻڌي خوشي ٿي پر انهن هزارين ماڻهن جو ڇا ٿيندو جن کي سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين صوبن مان اغوا ڪيو ويو؟ سعيد سانگري لکيو ته سنڌ ۾ اڃا به ڪيترائي مطيع الله لاپتا آهن. بي بي سي موجب جتي اڪثر ماڻهو مطيع الله جي بازيابي تي خوشي جو اظهار ڪندا رهيا ته هڪ طبقو ان کي ڊرامو به قرار ڏيندو رهيو، حامين خلاف ٽوئيٽ ڪندو رهيو، ان حوالي سان ڊراما ڪوئين مطيع الله، اب يي نارمل هي، برنگ بيڪ مطيع الله هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايا ويا، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ افراسياب خٽڪ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته صحافي جو اغوا ٿيڻ سنگين نوعيت جو مسئلو آهي، صحافي اينڪر پرسن عاصمه شيرازي اغوا واري وڊيو شيئر ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر لکيو ته آءِ جي اسلام آباد کي سينيٽ جي ڪاميٽي ۾ گهرايو آهي، شهباز شريف لکيو ته مطيع الله کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري عمران خان تي هوندي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته اهو رڳو ميڊيا جي آزادي تي حملو ناهي پر اسان سڀني تي آهي، اڄ مطيع الله سڀاڻي اوهان ۽ آئون به ٿي سگهان ٿو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *