تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

صحافي امداد پنهور تي پوليس جو تشدد: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل

ٽائيم نيوز همايون جي رپورٽر امداد پنهور تي پوليس جي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي پوليس جي تشدد ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. همايون شريف ٿاڻي آڏو پوليس جو ٽائيم نيوز همايون شريف جَي رپورٽر امداد پنهور تي وحشياڻو تشدد ڪيو، سوشل ميڊيا تي صحافين جو چوڻ آهي ته پوليس منشيات رکڻ جو ڪوڙو الزام مڙهَي امداد پنهور تي وحشياڻو تشدد ڪيو، ذميوار اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته صحافي امداد پنھور تي پوليس تشدد جو اي آءِ جي سکر نوٽيس ورتو آهي. حبيب جمالي، اسرار علي چانڊيو، وحيد بروهي، سلطان رند، نورالدين سولنگي، غازي جهنڊير، نادر ابڙو، سڪندر راهوجو، رياض احمد جلباڻي، محمد نواز بروهي، مشتاق بروهي، منظور علي مغيري، عبدالقدير منگي، امام الدين ٻرڙو، معظم علي ڀٽو، جاويد ساحل ۽ ٻين پاران سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪري پوليس جي تشدد جي مذمت ڪئي وئي ۽ صحافي سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *