تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

شھيد شاهه عنايت جو انقلابي پيغام…….سڪندر ھاڙھو

سنڌ ڌرتي تي رب پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان آهن، جنهن اسان کي صوفين، دويشن، روحاني رھبرن ۽ عظيم بزرگن جهڙيون هستيون پيدا ڪري ڏنيون، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ تصوف جي فلسفي کي روشناس ڪرايو، نظريه موجب حق ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو، انساني برابري جو درس ڏيندي، امن، ڀائيچاري ۽ آجپي لاءِ جھدوجھد ڪئي. اهڙن نيڪ انسانن ۾ سنڌ جوصوفي شاهه عنايت شهيد به ھڪ آهي.
صوفي شاهه عنايت جو جنم سن 1065ھه بمطابق 1665ع ملتان مخدوم فضل الله جي گھر ۾ ٿيو. ان وقت ملتان سنڌ جو حصو ھو، ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ھند جي شھر حيدرآباد دکن ويو. جتي صوفي شاهه عنايت کي تعليم سان گڏو گڏ روحاني فيض حاصل ٿيو، جيڪو صوفي بزرگ شاهه عبدالماڪ جي نگراني ۾ مليو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته شاهه عبدالمالڪ جو سنڌ ۾ اچڻ ٿيو هو، ان دوران صوفي شاهه عنايت جي هن صوفي بزرگ سان ملاقات ٿي. پهرين ملاقات جي اثر ۾ صوفي شاهه عنايت کي شاهه عبدالمالڪ کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ حيدر آباد دکن پهچايو ويو. صوفي شاهه عنايت تصوف جو فيض حاصل ڪرڻ بعد جڏهن پنهنجي استاد کان وطن واپس ورڻ جي اجازت ورتائين ته شاهه عبدالمالڪ اجازت ڏيندي ترار بطور نشاني صوفي شاهه عنايت جي آڏو رکيائين، جڏھن صوفي شاهه عنايت ترار کنئي ۽ مرشد چيس هن جو ته اجورو وڏو آهي. صوفي شاهه عنايت استاد جو احترام ڪندي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته منھنجي جان حاضر آهي! پوءِ مرشد کيس ترار ڏيندي چيو ته هتان منهن ڪڍي وڃ. مرشد جي چوڻ موجب منهن تي نقاب چاڙهڻ باوجود به ھند کان رستي ۾ ئي جھوڪ پهچڻ تائين 500 سئو بزرگ ساڻ آيا ھئا، جيڪي ڪڏهن به ٻيھر هند موٽي ويا ھئا. ايئن ھند ۽سند مان صوفي شاهه عنايت مريد گڏ ڪري فرمايائين “مان جڏهن به عبادت ڪريان ٿو ته مظلوم ماڻهن جون دانھون ۽ ڪوڪون منهنجي ڪنن تائين پھچن ٿيون، جيڪي منهنجي عبادت ۾ رخني جو سبب بڻجن ٿيون. ان ڪري مان چاھيان ٿو ته پھرين اھي دانھون ورنايان ته جيئن منهنجي عبادت ۾ رخنو نه پوي”.
صوفي بزرگ شاهه عنايت شھيد انھن ماڻهن جي دانھن ۽ ڪوڪن کي ورنائيندي جو کيڙي سو کائي جو نعرو هنيو، جنهن کانپوءِ ان نعري انقلاب جي صورت اختيار ڪئي. تنهن وقت صوفي شاهه عنايت، تصوف جي علم کي سنڌ سميت پوري دنيا تائين امن، پيار، محبت ۽ عملي جدوجهد کي جاري رکندي ماڻهن جي اندر مان نفرت، ساڙ، ڪينو، لالچ ۽ لوڀ کان پري رھڻ جو چيو، ته ٻه طرف ان وقت جي تعصب پرستي جي جلادن صوفي شاهه عنايت جي فلسفي تي وڏيون ڪوڙيون فتوائون مڙهيندي 18 ذوالقعد 1129 هه،13 آڪٽوبر 1717ع تي صوفي شاهه عنايت کي شھيد ڪرائي ڇڏيو.
ان کان اڳ شهيد شاهه عنايت ۽ ساٿين کي اذيتون ڏيڻ شروع ڪيون ويون، اها جنگ 4 مهينن تائين جاري رهي ۽ ان جو انت شهادت جي جام نو ش ڪرڻ تي ٿيو. دنيا جو ٻيو وڏو سانحو ھو، جنهن ۾ شاهه عنايت سان گڏ هن جا 24 هزار ۽ صوفين مان 2 هزار 4 سئو صوفين، جيڪي تصوف جا طالب علم پڻ هئا، انهن پنهنجي مرشد شهيد شاهه عنايت سان گڏجي ظالم جي خلاف بغاوت ڪندي شهادت جو جام نوش ڪيو.
اهڙي هانءُ ڏاريندڙ واقعي کي اڍائي سئو سال گذرڻ باوجود شهيد شاهه عنايت جو پيغام عالمي موضوع بڻجي ويو آهي. “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو هر وقت جي حڪمرانن کي پريشان ڪيو آهي، اهو نعرو ان وقت جي اقتدار کي ساڙي رک ڪرڻ ڏانهن وڌڻ لڳو هو، ان ڪري ئي انهن سوچيو ته شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪرڻ سان انهي نعري جي پچار ختم ڪئي وڃي، پر انهن جو خيال غلط ثابت ٿيو، ھزارين وس هلائڻ باوجود به اهي صوفي شاهه عنايت جي فڪر کي خاموش نه ڪري سگهيا. شهيد شاهه عنايت جو پيغام صديون گذرڻ باوجود اڄ به زندهه آهي ۽ صدين تائين زندهه رهندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *