تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

شھدادپور ۽ کپرو ضلعو ٿيڻ گهرجي؟

سنڌ ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي به مختلف تجويزن سامهون اچي رهيون آهن، ان حوالي سان نور سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي نوان ضلع ٺاھيا ويا وري ھن وقت پ پ جي سنڌ حڪومت نوان ضلعا ٺاھي رھي آھي جيڪا يقينن سٺي ڳالھه آھي ان سان عوام کي سھولت ٿيندي پر نوان ضلعا پنهنجا نوازي بدران ميرٽ تي ٺھڻ گھرجن، سانگھڙ ضلعو جيڪو ايراضي لحاظ کان وڏو آھي، ان ڪري سانگھڙ ضلعي ۾ ٻه نوان ضلعا ٺھڻ گھرجن ھڪ شھدادپور کي ضلعي جو درجو ملڻ گھرجي جنھن کي تعلقو ٽنڊو آدم سان گڏ شاھپور چاڪر کي تعلقي جو درجو ڏئي سنجھور تعلقي جون ڪجھه ديھون شامل ڪيون وڃن۽ سرھاڙي کي تعلقو جو درجو ڏئي ان ۾ شھيد بينظير آباد مان ڪجھه ديھون شامل ڪيون وڃن جڏھن ته کپرو کي ضلعي جو درجو ڏئي ان ۾ سنڌڙي تعلقي کي شامل ڪيو وڃي، ھٿونگي کي تعلقي جو درجو قرار ڏئي عمرڪوٽ ضلعي جون ڪجھه ديھون شامل ڪيون وڃن اهڙي ريت موجوده سانگھڙ ضلعو تعلقي سانگھڙ، تعلقي سنجھوري، تعلقي ڄام نواز علي تي مشتمل هجي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي دائود ڪيريو لکيو ته شهدادپور ٽنڊوآدم ۽ شاهپور چاڪر تعلقن تي مشتمل نئون ضلعو شهدادپور ٺهڻ گهرجي، عمر خان لکيو ته جهول کي به تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي، استاد لغاري لکيو ته شهدادپور جو ضلعو ٿيڻ حق آهي باقي کپرو مشڪل ٿئي ڇو جو پاڪستان جي وڏي ۾ وڏو تعلقو اهو ئي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *