تازا ترين
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

شڪارپور ۾ نينگر زيادتي بعد قتل: جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو

شڪارپور ۾  4ڏينھن اڳ جوابدارن ذڪاءُ الله ڀٽو کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، ٽن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي پر مک جوابدار فرار ٿيل آھن.، واقعي بابت پهريان اهو ڄاڻايو ويو هو ته نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت ٿيو آهي، جنهن بابت بعد ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته نينگر کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش واهه ۾ لوڙهيو ويو، اهڙي واقعي تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏيندي جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان واقعي جي حوالي سان شانل کوسو لکيو ته هن سماجي بيماري کي ڪيئن روڪجي جتي اسان جا گلن جهڙا ٻارڙا محفوظ نه هجن، ڇا وحشت کي روڪڻ لاءِ رياست وٽ ڪا حڪمت عملي ناهي؟، ڏوھه ڪندڙ جي پٺڀرائي ڪري اسين پنهنجي ايندڙ نسل جي نسل ڪشي ان طريقي سان ڪريون پيا، اسين دنيا ۾ دهشگردي کان پوءِ هڪ ريپسٽ شناخت ڪرائي رهيا آهيون. صرف چند ٽڪن يا ووٽ بينڪ هجڻ جي ڪري ريپسٽ جو ڏوھه ڪنھن کي ڏوھه ڪونه ٿو لڳي؟ شڪارپور جو ھي انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو ڪنهن کي نظر ۾ ڇو نه ٿو اچي؟ جتي معصوم ذڪاءُ الله ڀٽو کي وحشي جوابدار جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان به انڪار ٿي ڪري ڇو ته ھن جو پي ڪنهن وڏيري جو خاص ماڻهو ناهي، مقتول نينگر جو والد گڏھه گاڏو ھلائي گذر سفر ڪندو آهي، معصوم ذڪاءُالله جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. شڪارپور جي نينگر جي قتل واري واقعي تي آصف کوسو، مرتضيٰ ناريجو، عرفان علي سيلرو، رتبا ناز افسوس جو اظهار ڪيو ۽ جوابدارن کي سزا جو مطالبو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *