تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

“شيشن جي ڪٻٽ ۾ رکيل جوتا ۽ روڊ تي پيل ڪتاب”… ديپڪ باغي

اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ۽ ڇو وڃي رهيا آهيون؟ ڇا اسانکي واقعي ڪتابن جي اهميت جي سُڌ ناهي؟ جو شيشن جي ڪٻٽن ۾ جوتا رکيا وڃن ٿا ۽ ان جي ڀر ۾ روڊ تي ڪتاب رکيا وڃن ٿا…! ڇا ڪتابن جي اهميت اها آهي؟ جڏهن هڪ انسان کي مصروف زندگيءَ ۾ گھڻا بار پئجي ويندا آهن ته زماني جا ڏک هِن مٿان حاوي ٿي ويندا آهن ۽ زماني جي جنون ۾ وڪوڙجي ويندو آهي ته اُهو انسان زندگي جي تڪليفن کان بچڻ جي لاءِ پناهه گاهون ڳوليندو آهي. جڏهن انسان گهڻڻ بارن، پريشانين ۽ تڪليفن مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڪتابن جي ڪتب خاني ۾ محسوس ڪندو آهي ته، هُو بلڪل! تمام گهڻو پُر سڪون ٿيندو آهي ۽ ڄاڻ سان ٽمٽار ذهن حاصل ڪري وٺندو آهي . ڇاڪاڻ ته، ڪتاب انسان جا سٺا ۽ سچار دوست هوندا آهن. جيڪي ماڻهو ڪتب خانن کي ذهني سڪون ۽ ڪتابن کي پنهنجو دوست ڪري وٺندا آهن. اُهي ڪاميابي جي اوچاين تي پهچي ويندا آهن. يقينن، ڪتاب هڪ بهترين دوست هوندا آهن. انسان، انسان کي دوکو ڏئي سگهي ٿو، پر ڪتاب ڪڏهن به دوکو نه ٿو ڏئي سگهي.!
ڪتابن سان آ دل منهنجي ڪُتب خانو وطن منهنجو
دفن ٿيندس ڪتابن ۾ ورق ٿيندا ڪفن منهنجو!
ڪتاب هڪ قوم جي تهذيب، ثقافت، معاشي، سائنسي ۽ عملي ترقي جو آئينو ۽ اُن سان گڏوگڏ انسان جو بهترين دوست به آهي. ڪتابن سان دوستي رکڻ وارو ماڻهو ڪڏهن به پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندو آهي. ڪتاب اُن وقت به ساٿ ڏيندا آهن جڏهن سڀئي دوست ۽ پيار ڪرڻ وارا ڇڏي ويندا آهن. ماهر نفسيات موجوده دور ۾ وڌندڙ نفسياتي مسئلن کان بچڻ لاءِ ٻارن کي مطالعو ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته سٺا ڪتاب شعور وڌائڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻين فضول مشغولين کان بچائن ٿا.هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ڪو به درسگاهه ۽ تعليم يافته معاشرو ڪتاب جي ضرورت کان بي نياز نٿو رهي سگهي.
ڪتاب اسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ تخليقي عمل ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. جڏهن اسين ڪتاب کوليون ٿا ته هڪ نئين دنيا اسان جي آجيان ڪري ٿي، هڪ الڳ جهان سان متعارف ٿيون ٿا، ڏاهپ جي چٽائي ٿئي ٿي، دڳ ۽ ڏانءُ ملي ٿو ھڪ سلجهيل علمي ۽ معتبر ڪيفيت ۽ سوچ اسان جي ذھن ۾ جاءِ وٺي ٿي جيڪا سمجهھه کي ٺاهي سنواري ٿي، ڪتابن کان پري رهڻ ڪري انسانيت سان ڳانڍاپي يا احساس ۾ گھٽتائي اچي سگهي ٿي. ڪتابن جي مطالعي سان ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي پيا ڪندا رهن ٿا. پر اسان جي سنڌ ۾ ڪتابن کان وڌيڪ جوتن کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ۽ اُن کي وڏي اهميت سان شيشن جي ڪٻٽن ۾ رکيو وڃي ٿو، خدارا! ڪتابن جي اهميت کي سڃاڻو ۽ انهن کي عزت ڏيو….

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *