تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

شيزوفرينيا…………صحت ڀريون صلاحون

هي هڪ دماغي مرض آهي جيڪو شگر يا بلڊ پريشر جيئن منجهائيندڙ آهي. هي بيماري گهڻو ڪري 15 کان 35 سالن جي عمر ۾ ٿيندي آهي. هي مرض دماغي ڪيمسٽري ۽ بناوت ۾ تبديلين جي ڪري ٿيندو آهي. اڪثر ڪري ان جا اثر ننڍي عمر ۾ به نظر ايندا آهن. مريض پنهنجي دوستن ۽ عزيزن سان ملڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندو آهي.ڪم ڪار، پڙهائي ۽ نوڪري ۾ دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي. سڀ کان الڳ ۽ پنهنجن خيالن ۾ ٻڏل رهڻ ۽ پننجي صحت ۽ صفائي جو خيال نه رکڻ عام نشانيون آهن. مطلب ته انهن جو زندگي جو انداز مڪمل طور تي بدلجي ويندو آهي.
نفسياتي بيمارين مان هي سڀ کان سخت ۽ تڪليف واري بيماري آهي، جيئن ته هي نوجواني ۾ لڳندي آهي، انڪري مريض جي ذاتي زندگي کي ڏاڍو متاثر ڪندي آهي. مريض جيڪڏهن عورت آهي ته هن جي گهروارن لاءِ اهو معاملو اڃان به وڌيڪ پريشان ڪندڙ هوندو آهي. مناسب ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ جي ڪري اهڙي مريض جي پنهنجي ته زندگي عزاب بڻجي ويندي آهي پر سندس گهروارن ۽ مٽ مائٽن کي به سخت ذهني، معاشي ۽ معاشرتي تڪليف سهڻي پوندي آهي ڇاڪاڻ ته مريض کي پنهنجن عجيب و غريب حرڪتن تي ڪنٽرول نه هوندو آهي جنهن ڪري معاشري ۾ کيس نفرت ڀرين نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مريض جي ذاتي زندگي ان حد تائين متاثر ٿيندي آهي جو هن کي پنهنجو گهر ٻار به ڇڏڻا پئجي ويندا آهن.
شيزوفرينيا جون علامتون:
ان مرض جي خاص علامتن مان ڪجهه جي موجودگي ۾ به مرض جي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي.
Hallocination
مريض کي غير حقيقي آوازون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. يا اڻ ڏٺل شيون نظر اينديون آهن ۽ مريض ان کي حقيقت سمجهندو آهي.
Delusion
مريض جي ذهن ۾ غلط ۽ بي بنياد خيال اچڻ لڳندا آهن. جيئن اهو ته ڪجهه ماڻهو هن جو پيڇو ڪري رهيا آهن يا هن کي مارڻ جي ڪوشش پيا ڪن، يا اهو ته هو ڪا وڏي اهم شخصيت آهي وغيره وغيره. انهن خيالن جو حقيقي هجڻ تي زور ڀريندو آهي.
مريض سمجهندو آهي ته هن جي دماغ جا خيال ٻين تائين پهچي ويندا آهن، هن کي اهو به لڳندو آهي ته هن جي خيالن کي ڪير ڪنٽرول ٿو ڪري ۽ هن کي ڪي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري.
مريض جي موڊ ۽ مزاج ۾ واضع تبديلي اچي ويندي آهي بي معني ۽ بيوقوفاڻيون ڳالهيون ڪرڻ، زور زور سان ٽهڪ لڳائڻ، بي تُڪيون ڳالهيون ڪرڻ، هڪڙي ڳالهه وري وري دهرائڻ ۽ ڪنهن وقت بلڪل خاموش ٿي وڃڻ.
مريض جي گفتگو ۾ ڪو ربط نه رهندو آهي. هڪڙي ڳالهه مان ٻئي، ٻئي مان ٽئين ڳالهه شروع ڪري ڇڏيندو ۽ کيس ڪوبه احساس نه هوندو. ڪنهن مهل دماغ بلڪل خالي ٿي ويندو. روزمره جي ڪمن ڪارن ۾ مشڪل پيش ايندي ۽ انهن کي صحيح طريقي سان ادا نه ڪري سگهندو. ايسيتائين جو هو پنهجو خيال به نه رکي سگهندو آهي.
مريض جا سماجي تعلق سخت متاثر ٿي پوندا آهن. مٽن مائٽن کان الحدگي، جذباتي لاتعلقي، جارحاڻو رويو، ڀڃ ڊاهه ۽ غير فطري جنسي حرڪتون کيس ٻين ماڻهن ۾ غير مقبول بڻائي ڇڏين ٿيون.
بي چيني، بي معني خاموشي، ابتيون سبتيون شڪلون ٺاهڻ، بغير جواز جي نا مناسب جڳهن تي اُٿڻ ويهڻ، ڪپڙا لاهي ڇڏڻ، نه وهنجڻ، موسم جي مناسبت سان ڪپڙا نه پائڻ، گند ڪچرو جمع ڪرڻ وغيره جهڙيون حرڪتون شيزوفرينيا جي مريضن ۾ وڌيڪ ڏٺيون وينديون آهن.
شيزوفرينيا ٿيڻ جا سبب:
جيئن ته شيزوفرينيا هڪ منجهائيندڙ مرض آهي ان ڪري ان جا سبب به منجهائيندڙ آهن. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته دماغ جي بناوٽ ۽ دماغ ۾ ڪيميڪل ۾ ڪجهه تبديليون هن مرض جو سبب بڻجن ٿيون. ان کانسواءءِ اهڙا ماڻهو جيڪي روزمره جي زندگي ۾ مطابقت نه رکندڙ حالتن جي دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃن ٿا اهي به ان بيماري ۾ مبتلا ٿي پوند اآهن. هن مرض ۾ موروثي، خانداني حالتون، ماحول ۽ نشي وارين شين جو استعمال به اهميت رکي ٿو. اهڙا خاندان جن ۾ اهي مرض موجود هجن، ٻين جا ان مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.
شيزوفرينيا جو علاج:
شيزوفرينيا سموري زندگي جو مرض آهي. ان جي علاج جي لاءِ جيڪي دوائون ڏنيون وڃن ٿيون اهي مرض جي علامتن کي ڪنٽرول ته ڪن ٿيون پر مڪمل ختم نٿيون ڪن. شيزوفرينيا جي مريضن کي سڄي عمر دوائن جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو.
اهي دوائون نه رڳو گورين جي شڪل ۾ پر شربت ۽ انجيڪشن جي صورت ۾ به موجود آهن. نئين دوائن جا ٻيا اثر به گهٽ ٿين ٿا.جيئن ته شيزوفرينيا جا اڪثر مريض ٻين طبي بيمارين جهڙوڪ؛ بلڊ پريشر، شگر ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن انڪري اهڙيون مناسب دوائون موجود آهن جيڪي انهن سمورين بيمارين سان گڏ استعمال ٿي سگهن ٿيون.
دوائن سان گڏ اهڙن مريضن جي بحالي لاءِ نفسياتي طريقا ۽ علاج به تمام گهڻو ضروري ۽ اهم آهي. ان لاءِ مريض جي جذباتي، سماجي ۽ معاشرتي ضرورتن تي ڪم ڪري هن کي ممڪن حد تائين روزمره جي زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. ساڳئي ريت مريض سان گڏ هن جي گهروارن جي مناسب رهنمائي جي به ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو پنهنجي مريض جي مسئلن کي ممڪن حد تائين سمجهي سگهن.
رڳو مرض جي شدت جي صورت ۾ مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ ضروري آهي، ته جيئن فوري طور تي مناسب طبي امداد ۽ نفسياتي علاج سان مرض جي شدت تي قابو پائي سگهجي.
ذاتي مدد وارا گروپ:
اهڙي مريض کي پاڻ جهڙن مريضن جو گروپ ملي وڃي ته به هن جي دل جو ڪجهه بار هلڪو ٿي پوندو آهي ۽ هن ۾ خوداعتمادي به پيدا ٿيڻ لڳندي آهي.
Rehabilitation
بحالي وسيلي مريض کي ان قابل بڻائي سگجي ٿو ته هو پنهنجي پيرن تي بيهه سگهي. اسان جي اسپتالن ۾ اهڙا شعبا کولڻ جي ضرورت آهي جن سان رابطو ڪري مريض علاج دوران ۽ ان کانپوءِ روزمره جا ڪم جاري رکي سگهي.ڊاڪٽر سان مسلسل رابطو ۽ ڏنل دوائون پابندي سان کائڻ ضروري آهن. ڊاڪٽر جي مشوري کانسواءِ دوائن ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
ڇا شيزوفرينيا جا مريض ٻيهر صحتمند ٿي سگهن ٿا؟
هڪ محتاط اندازي موجب 3 مان هڪ مريض صحتمند ٿي ويندو آهي.
باقي 2 مريض عارضي طور تي صحتياب ٿي ويندا آهن پر هي مرض انهن جو سڄي عمر پيڇو ڪونه ڇڏيندو آهي.
اڪثر مريض علاج کانپوءِ پنهنجي پراڻي ڪمڪار ۾ وري مصروف ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي گهروارن سان معمول جي زندگي گذارڻ لڳندا آهن. ڪجهه نوجوان ته وري ڪاليجن ۾ داخلا وٺي پڙهائي شروع ڪري ڇڏيند اآهن ۽ عملي زندگي ۾ به شامل ٿي ويندا آهن.
شييزوفرينيا جا مريض ڇا ڪن؟
شيزوفرنيا جو شديد حملو اوهان کي ڪيترين ئي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو. هن جون علامتون ۽ اثر بيحد پريشان ڪندڙ هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اوهان فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو. جيڪي ماڻهو هن مرض ٿيڻ کانپوءِ صحتياب ٿي چڪا آهن انهن سان ملڻ جلڻ اوهان جي ذهني سڪون ۽ خوداعتمادي کي بحال ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ياد رکو ته جڏهن اوهان جي بيماري شديد هوندي ته اوهان پاڻ کي مايوس، رحم جوڳو ۽ قصوروار سمجندا. اهو به ممڪن آهي ته پنهنجن تان اوهان جو اعتماد ئي کڄي وڃي ۽ اوهان انهن کان بلڪل لاتعلق ٿي وڃو. اهڙين حالتن ۾ پنهنجي ان ڪيفيت کي رازداري ۾ رکڻ ٺيڪ ناهي، پنهنجن مخلص عزيزن، دوستن، ڊاڪٽرن ۽ بزرگن کي ٻڌايو ته اوهان ڇا پيا محسوس ڪريو جيئن ڪو مناسب حل ڳولي سگهجي.عملي طور تي اوهان ڪو اهڙو ڪم يا سرگرمي ڳولي وٺو جنهن ۾ اوهان جو دل لڳو رهي. جهڙوڪ؛ ورزش، ريڊيو ٻڌڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ دوستن سان ملڻ جلڻ.اها ڳالهه بيحد اهم آهي ته اوهان آهستي آهستي زندگي جي ڪمن ڪارن کي پنهنجو معمول ٺاهيو ۽ انهن جڳهن ۽ انهن ماڻهن کان پري رهو جن سان اوهان جي ذهن تي دٻاءُ پوي.
دوستن ۽ مٽن مائٽن جون زميداريون:
اهو سچ آهي ته ويجهن دوستن ۽ مٽن مائٽن پاران شيزوفرينيا جي مريض سان پنهنجو ساٿ نڀائڻ ڏاڍو پريشان ڪندڙ هوندو آهي. ممڪن آهي ته اوهان مريض کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط پر هو اوهان جي مشورن کي ٻڌڻ به گوارا ڪونه ڪنداو۽ نه ئي قبول ڪندو. ان سان اوهان جا جذبات مجروح ٿيندا پر ياد رکو ته مريض جيڪو ڪجهه ڪري پيو اهو هن جي وس ۾ ناهي. آهستي آهستي علاج ۽ سار سنڀال سان هو وري اوهان جي ويجهو اچي سگهي ٿو

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.