تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

شيخ اياز برصغير جو آئينو … امداد سولنگي

پبلو نرودا شاعري جي وٿ لاءِ ڏاڍا ڪارائتا لفظ اچاريا آھن
I grew up in this town, my poetry was born between the hill and the river, it took its
voice from the rain, and like the timber, it steeped itself in the forests
شيخ اياز جي شاعري پڻ اھڙي وارتا جو نتيجو آھي جيڪا شڪارپور جي تنھن دور جي ڪشادن ۽ ڳاڙھن گلابن جي پاڻي سان ڌوتل رستن تان اسري پرنس ڪامپليڪس جي بالڪونين مان نيري نڀ ڏانھن تڪيندي انڊلٺ جي رنگن وانگر نکري نروار ٿي. شيخ اياز جي ادرڪ شاعري کي اھڙو نئون جنون عطا ڪيو جو اھا ڪنھن پھاڙي ندي وانگر ڪر موڙيندي آسٽريليا جي مشھور گلابي ڌنڍ hillier Lake وارو نظارو پسائڻ لڳي اھو اياز جي انوکي وجدان جو ڪمال ھو نه ته شاعري جو سنڌ ۾ ٿيڻ ڪا نئين ڳالھه ته نه ھئي اياز پھريون دفعو جڏھن تند کي تلوار سان وڙھندي ڏيکاريو ته شاعري مجبور ڪيو پنھنجي روايتي پاٺڪ کي ته اھو ان ڏانھن پنھنجو conventional رويو تبديل ڪري ڇو ته صدين کان وٺي سنڌ جا ماڻھو شاعري ٻڌندا ٿي آيا انڪري انھن جو شاعري ڏانھن رويو ھڪ listener وارو ھو پر اياز پھريو دفعو شاعري جي ان رواج ۾ آندل perception جو باب بند ڪيو ۽ اياز غير معمولي ڏات کي وجود ۾ آڻي شاعري جا پاٺڪ/reader پيدا ڪيا ۽ اتان ئي جديد سنڌي شاعري جي نئين دور جو آغاز ٿيو.مان شيخ اياز کي ان دور جو موجد سمجھان ٿو.اياز تخليقي process جي ذريعي تصورن کي variety عطا ڪئي .جنھن ڪري اياز جو شعر گوناگونيت /diversity جي نئين جھان کي ڳولي لڌو.اياز جي فن جو ٻيو اھو به ڪارنامو ليکبو ته ان پنھنجي ورثي ۾ آيل thought کي revolutionise ڪيو.ھتي مان ان term جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان متان ڪا misinterpretation منھنجي رستي ۾ نه اچي وڃي ۽ مقصد فوت ٿي وڃي.ڏسو اياز کان اڳم سنڌي شاعري پردي ۾ لڪل ھئي ۽ اھا ھميشه پنھنجي تناظر کان اکيون چورائيندي رھي جنھن جا ڪافي سبب ھئا پر ان جو مک سبب اھو ھو ته ڪجهھ ثقافتي مذھبي ۽ تھذيبي barriers ان جي سامھون ھئا پر اھا ڪڏھن به انھن سان مھاڏو اٽڪائي نه سگھي پر جڏھن شيخ اياز ان کي barriers مان ڪڍيو ۽ شاعراڻي خيال کي تصورن ۽ تخيلن جي آزادي enjoy ڪرائي ته ان کي ھڪ نئين انداز جي اڏام عطا ٿي وئي ان عمل جي ڪري اياز جو thought revolutionise ٿي ويو.اياز روايتي تخيل جيڪو ھڪ مخصوص سطح کان اڳتي وڌي نٿي سگھيو يا جيڪڏهن ان وڌڻ چاھيو ته ڪٿي مذھب شرعي قانونن جي روپ ۾ يا وري تصوف جي مختلف صورتن ۾ ان جي آڏو اچي ٿي ويو تنھن کي ھن مڪمل طور تي disown ڪيو .اھو اياز ئي ھو جنھن بانور ڪرايو ته Thought preseds on essence.
اياز پھريون دفعو شاعري جي غير ضروري تاويلن کان نابري واري ۽ ان کي شعور جي اعليٰ form وجدان جي حسين activity سان unite ڪيو اياز چيو ته مان جنھن شاعري جي منصب تي بيٺو آھيان اھو مون ڪوڙن lagislators کان کسيو آھي اياز تخليقي شعور جي آجپي لاءِ وقت جي زيوس ديوتائن جي طرفان پاڻ کي اولمپس جبل تي ٽنگرائڻ کان به نه ڪيٻايو ۽ پرميٿئس بنجڻ کي اعزاز سمجھو ۽ نئين تخليقي شعور واري باهه سان سنڌي شاعري تي ڇانيل ڪاري رات کي ڏينھن ۾ تبديل ڪيو مان ھتي ھڪ ڳالھه جي وضاحت ضرور ڪندس ته متان ڪو اھو تاثر وٺي ته مان پوئيٽ دي گريٽ شاھه سائين کي وچ مان ڪڍي رھيو آھيان پر ائين بلڪل به نه آھي ڇاڪاڻ ته شاھه سائين جو era ڪڏھن به end ٿيڻو ناھي پر شيخ اياز جي emergence کي الڳ بنياد آھن ھتي صرف انھن کي نشانمبر ڪرڻ چاھيان ٿو
اياز جا ڪيترا ئي ڪمال آھن ھن جديد شاعري کي ويدانيت مان ڇڏايو ۽ ان جي جڳهھ تي modern thoughts کي ضروري حد تائين touch ڪري پنھنجن تصورن کي جديد حيثيت سان ھمڪنار ڪيو.اياز مجھول جماليات /passive aesthetic کي به ڪپي ڌار ڪيو ۽ ان جي ان رخ کي focus ڪيو جيڪا تصورن کي محض signify ڪرڻ لاءِ ڪتب اچي ڇو ته اياز سمجھي ورتو ھو ته مجھول جماليات شعر جي سموري scenic background کي ٻوڙي ٿي ڇڏيو ان جو سادو مثال ايئين به آھي ته جئين اسان وٽ ڪجھه ميون يا مشروبن جي تاثير کي مٺو ڪرڻ لاءِ ان ۾ سينڪلين ملائي ويندي آھي ته جئين عارضي طور تي شي گھڻي مٺي ھجڻ واري تاثير جي ڪري جلد کپي وڃي ساڳي طرح مجھول جماليات جو به ڪم اھڙو ھو پر اياز جئين ته ھڪ intelligibile ڏات ڌڻي ھو انڪري ھن جديد شاعري کي ھر اھڙي cult مان آجو ڪرايو ۽ ان جي اصلي حسن کي اڳيان بحال ڪيو.اياز پنھنجي ڏات جي ذريعي جماليات جي صراحي مان جديد سنڌي شاعري جي گلاس ۾ نوان تصور اوتيا:
جھان نو! اوھان جي زلف برھم جا ھي سودائي،
جڏھن دار و رسن تي جھومندا ويندا تہ ڇا ٿيندو!
آ رات لڙي، هو اچڻو آ،
تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي..
تنهنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻ به تنهنجا نينڍ،
دانهون دانهون تنهنجون ٻانهون، پيار پلين ٿي ڇو؟
رات جي راڻيءَ ڪئي ڦُولارَ آ،
واءَ ۾ ڪنهن سانوري جي سارَ آ.
ڪ‍ونج ڪا اڏري پئي سنجها سمي،
يا افق تي ڪا لهوءَ جي ڌارَ آ!
ياد بندر بمبئيءَ جو ٿو اچي،
جيءَ ۾ جهرمر ڪئي ڪنهن يار آ!
گونج آ هر گيت ۾ جنهن جي ‘اياز’،
هاءِ، سو ڇو دور آ، ڇو ڌارَ آ!
اياز جي ويجھو جماليات ڪيتري اتم ھئي ڇا ھن جو زودار تخيل ان جي preponderance ۾ لڙھيو پئي اھو سوال تمام اھم آھي منھنجو خيال آھي ته اياز جي جماليات مرغ فردوس واري نه ھئي جيڪو پنھنجو آکيرو رنگ برنگي ڪري جوڙيندو آھي معزرت سان اسان جا شاعر جماليات کي مرغ فردوس جھڙو پکي سمجھندا رھيا آھن ۽ پنھنجي شاعراڻي تخيل کي ساڳي طرح حسي pleasure جي رخ کان colourful ڪري ڇڏيندا آھن پر اياز وٽ اھا جماليات مرغ فردوس جي activity تمام گھڻو advance ھئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *