تازا ترين
  • * حڪمرانن غريبن ۽ مسڪينن کي ملندڙ راشن ۽ ٻين سهولتن ۾ به ڪرپش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي:محمد حسين محنتي * هن ڏکئي وقت ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي: جماعت اسلامي اڳواڻ *
  • *ڪراچي: 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 45نوان ڪيس آيا: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ۽ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا: ترجمان * ڪراچي ۾ هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان *
  • *جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ملڪ ۾ هڪ مهيني لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي * جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال اڄ کان 6 مئي تائين رهندي: شنزو ايبي *ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ سبب ڪيو ويو: جاپاني وزيراعظم *جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٽوڪيو سميت ڪورونا وائرس متاثر رياستن ۾ لاڳو رهندي: جاپاني وزيراعظم * رياستن ۾ بنيادي معاشي سرگرميون جاري رهنديون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپر مارڪيٽ به کليل رهندا: پڌرنامو*
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا: عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين:وڏو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ سرحدن تي قرنطينه سينٽر ٺاهڻ ۽ مڪمل فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * تافتان، چمن ۽ طورخم وارن هنڌن تي قرنطينا سينٽر ٺاهيا وڃن، هي اهي داخلي رستان آهن، جتان وائرس داخل ٿيو آهي: چيف جسٽس *جيڪڏهن عدالتي حڪومت تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي: اسپتالن جي بندش واري ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس *
  • *پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس: خانگي ٽي وي چئنل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت واري درخواست رد*
  • *پاڪستانين جي جلد واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا: پرڏيهي وزير * اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هن خطرناڪ وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي: شاهه محمود قريشي * هي وقت سڄي قوم لاءِ سخت امتحان آهي، انشاءَ الله اسان ايمان جي جذبي سان وبا کي شڪست ڏينداسين *
  • * کپرو لڳ ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو *. کاهي ڳوٺ رتو جوکيو ۾ غريب پورهيتن منگل ۽ پونيون ڪولهي جي گهرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي * باهه سبب ڏهه مڻ ڪڻڪ، پنج مڻ سرنهن، چانديءَ جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو*
  • *سپريم ڪورٽ پاران انڊر ٽرائل قيدين جي ضمانت تي آزادي وارا هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5رڪني بينچ قيدين جي آزادي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو *
  • *ڪابل: طالبان قيدين جي آزادي ۾ دير تي افغان اختيارين سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون *ڪابل: طالبان پنهنجي قيدين جي سڃاڻپ ۽ تصديق لاءِ هڪ ٽيم ڪابل موڪلي هئي: افغان طالبان جو ترجمان *
  • *ڪراچي: اڄ هلندڙ سال ۾ چوٿون ڀيرو سپر مون ڏٺو ويندو: موسميات کاتو *معمول کان وڏو ۽ روشن چنڊ رات 7 لڳي 35 منٽ کان ڏٺو ويندو: موسميات کاتي جو ڊائريڪٽر * چنڊ زمين کان 3 لک 54 هزار 42ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندو: موسميات کاتو *
  • * برطانوي وزيراعظم بورِس جانسن ڪورونا وائرس جون علامتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ تي آءِ سي يو وارڊ منتقل * بورس جانسن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ تي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو: برطانوي خابرو ادارو *رات کان آءِ سي يو وارڊ ۾ هئڻ باوجود برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: خابرو ادارو * وقتي طور تي ڊومنڪ راب کي وزيراعظم جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون آهن: ڊائوننگ اسٽريٽ *
  • *پي ايم ڊي سي بحالي ڪيس: عدالت صحت واري وزارت، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي پي ايم ڊي سي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو*
  • *ڪورونا معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت درخواست اڪلائي ڇڏي *عدالت حمزه شهباز شريف پاران درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي *لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي *
ڪٽنب وارا دانش جي رشتي مان خوش نه هئا: عائزا خان جو انڪشاف
ڪٽنب جي مرضي هئي ته منهنجي شادي خاندان ۾ ئي ٿئي پر ماءُ کي دانش پسند آيو هو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل عائزا خان پنهنجي ڪٽنب وارن جي اڻ پسند ۽ مخالفت باوجود دانش تيمور سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. عائزا خان ۽ دانش تيمور جي ڳڻپ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ خوبصورت جوڙن ۾ ٿئي ٿي جيڪي پنهنجي گهر ۽ ڪيريئر کي توازن ۾ رکي هلن ٿا پر خوشگوار جوڙي جي شروعات سٺي نه ٿي هئي. تازو عائزا خان هڪ ٽي وي شو ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس ڪٽنب وارا دانش تيمور سان سندس شادي جي خلاف هئا ۽ رشتي مان خوش نه هئا. عائزا خان واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته جڏهن دانش جا گهر وارا رشتي لاءِ آيا ته مائٽ خوش نه هئا ڇو ته هو چاهين پيا منهنجي شادي ڪٽنب ۾ ئي ٿئي. هنن منهنجي ماءُکي سمجهايو به ته منهنجي شادي دانش نه ڪن پر منهنجي والده کي دانش پسند آيو. عائزا وڌيڪ ٻڌايو ته دانش منهنجي رشتي جي سلسلي ۾ منهنجي ماءُ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس راضي ڪري ورتو هو ۽ اسان سڀني جي مخالفت باوجود رڳو منهنجي والدين جي ڪوششن سبب ملي وياسين. واضح رهي ته عائزا خان، همايون سعيد ۽ عدنان صديقي جو نجي ٽي وي چينل تان نشر ٿيل ڊرامو ميري پاس تم هو مقبول ٿي رهيو آهي.

اينجليناجي فلم”ميلفشنٽ: مسٽريس آف ايول”آڪٽوبر۾رليز ٿيندي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا اينجلينا جولي جي فلم ميلفشنٽ: مسٽريس آف ايول هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ رليز ٿيندي جنهن جو ٽريلر پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

فلم “زندگي تماشا” جو پهريون پوسٽر جاري

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور هدايتڪار ۽ اداڪار سرمد کوسٽ جي ايندڙ فلم “زندگي تماشا” جو پهريون پوسٽر سامهون اچي ويو. هن فلم جي پهرين جهلڪ ڏسڻ لاءِ مداح ڊگهي وقت کان انتظار ڪري رهيا هئا ۽ پوسٽر سوشل ميڊيا تي ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. پوسٽر جي رليز سان گڏ اهو به اعلان ڪيو ويو ته ”زندگي تماشا” جو ورلڊ پريميئر بوسان فلم فيسٽيول ۾ ٿيندو جڏهن ته هن فلم جو آخري پوسٽر به جلد سامهون ايندو. خيال رهي ته بوسان فلم فيسٽيول هلندڙ سال 3 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو جيڪو 12 آڪٽوبر تائين جاري رهندو.

شادي ۾ ڊانس اداڪار بڻائي ڇڏيو: گوهر رشيد جو انڪشاف

ڪراچي (شوبز نيوز) گوهر رشيد جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سندس ڳڻپ پاڪستان جي اداڪارن ۾ ڪئي وڃي ٿي جيڪي ناڪاري ڪردارن کي نڀائڻ جا ماهر آهن. پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته گوهر رشيد پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪيئن ڪئي؟ اداڪار پاڻ هڪ شو دوران ان حوالي سان ڪيترائي انڪشاف ڪيا. گوهر رشيد ڪبريٰ خان سان احسن خان جي شو ۾ شرڪت ڪئي.ان دوران سندس چوڻ هو ته 2006ع ۾ هڪ شادي تي وڃي مان ڪنواريتن طرفان ڊانس ڪئي هئي ان وقت اها خبر نه هئي ته اها شادي احسن خان جي هئي ان وقت مان ميڊيا انڊسٽري جو حصو نه هيس نه ڪڏهن سوچيو هو بس اتان کان ڪيريئر شروع ٿيو. احسن خان ان موقعي تي ياد ڪندي کلي پيو ۽ ٻڌايو ته بس اهو ئي گوهر جو آڊيشن جو هو سڀ کان بهترين ڊانسر هو. گوهر ٻڌايو ته گهڻا ماڻهو پيسي ۽ شهرت لاءِ انڊسٽري ۾ اچن ٿا. جيئن مقبوليت يا پيسا ڪمائين، پر گهٽ ماڻهو آهن جيڪي ڪم کي بهتر انداز ۾ نڀائين ٿا.

فيشن ويڪ ۾ عورت جا جوتا کڻي واڪ ڪرڻ تي مرد ماڊل جي ساراهه
فيشن شو دوران ريمپ تي واڪ ڪندي ماڊل ڪيشا صديقي جو سينڊل ٽٽي پيو، ماڊل پريشان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪراچي ۾ ٿيل فيشن پاڪستان ويڪ ۾ ريمپ تي واڪ ڪندڙ اداڪارن ۽ اداڪارائن جي ڪيٽ واڪ تي تنقيد ڪئي هئي ۽ ماڊل ۽ اداڪارا حنا الطاف جي هڪ وڊيو به وائرل ٿي هئي جنهن ۾ لوڏا کائيندي ۽ ڪرندي نظر اچي رهي هئي. ساڳئي فيشن ويڪ ۾ وسيم اڪرم ۽ سندس زال جي لباس ۾ هڪ ٻي ماڊل وچڙي وئي هئي جنهن جي پڻ وڊيو وائرل ٿي. هاڻي هڪ نئين وڊيو سامهون آئي آهي جيڪا تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي پر هن وڊيو تي تنقيد نه پر واکاڻ ڪئي پئي وڃي. فيشن شو ۾ هڪ برانڊ جي ماڊلز ۾ ڪيشا صديقي ۽ سبحان اعوان به شامل هئا ۽ ماڊز جي هن گروپ جي ڪيٽ واڪ جي وڊيو ان وقت وائرل ٿي جڏهن ماڊل ڪيشا صديقي جو سينڊل اوچتو ٽٽي پيو ۽ اهڙي موقعي تي هو پريشان ٿي وئي. سينڊل ٽٽڻ وقت مرد ماڊل سبحان اعوان ساڻس گڏ اچي رهيو هو ۽ هن ماڊل کي سهارو ڏيندي سينڊل ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش پر پوءِ هن سينڊل کي هٿن ۾ کڻي ورتو ۽ ماڊل سان گڏ ڪيٽ واڪ ڪرڻ لڳو. پريشاني جو حل نڪرڻ تي ماڊل جو اعتماد وڌيو ۽ مسڪرائيندي سندس هٿ ۾ هٿ ڏئي واڪ ڪندي نظر آئي. واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ خاص طور تي عورتن ان جي واکاڻ ڪئي جن ۾ مهوش حيات به شامل هئي. سبحان اعوان به واقعي جي وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ۽ گڏوگڏ هن ساٿي عورت ماڊل ڪيشا صديقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

فلم “تيور جو ٽريلر جاري” 26 جولاءِ تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪندڙ فلم “ڪتاڪشا” جي هدايتڪار ابو عليحه جي نئين ايڪشن فلم “تيور” جو ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي جنهن کي پسند ڪيو پيو وڃي. هن فلم جي ٽريلر مان ظاهر ٿئي ٿو ته فلم جي ڪهاڻي ۾ محبت ۽ ايڪشن ٻئي شامل اهن ۽ چئي سگهجي ٿو ته فلم رومانوي ٿرلر آهي. فلم تيور ۾ اداڪاره سڪينه خان، تقي احمد، مٿيرا، شارق محمود، ايمن خان ۽ ٻيا شامل آهن. ڇا ڪتا ڪشا جهڙي فلم تيور به باڪس آفيس تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهندي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ 26 جولاءِ جو انتظار ڪرڻو پوندو. فلم 26 جولاءِ تي رليز ڪئي ويندي.

شوبز ۾ اچڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو: ڪبريٰ خان

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ڪبريٰ خان چيو آهي ته شوبز ۾ اچڻ کانپوءِ شروع ۾ ڪافي تنقيد ڪئي وئي.نجي ٽي وي ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هن اداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي ته انڊسٽري سان واڳيل ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته هو لنڊن مان سندن ڪم کسڻ آئي آهي ۽ هنن آجيان چوڻ بدران سندس قد ۽ شڪل کي به تنقيد جو نشانو بڻايو. هن ٻڌايو ته هو ڪيريئر جي شروعات ۾ صحيح طريقي ۽ تلفظ سان اردو نه ڳالهائي سگهندي هئي جنهن سبب ماڻهو کيس مذاق جو نشانو بڻائيندا هئا. نجي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي مشهور اداڪارا چيو ته شروعات ۾ وڏيون ڏکيائيون پيش آيون هيون.

پاڪستاني ڊائريڪٽر جمال شاهه جي فلم امريڪا ۾ ڏيکاري ويندي

ڪراچي (شوبز نيوز) بهترين مصور، مجسمه ساز، استاد ۽ ڊائريڪٽر اداڪار جمال شاهه جي سوات جي صورتحال دوران حقيقي واقعن جي موضوع تي سندس ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ فلم Revenge of the worthless کي 8 آگسٽ تي لاس اينجلس امريڪا جي bellet beyond borders festival ۾ خاص طور تي ڏيکاريو ويندو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن جمال شاهه امريڪا روانو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان هن ٻڌايو ته پاڪستان فلم انڊسٽري تيزي سان ترقي ڪري پئي.

ماهرا ۽ فهد مصطفيٰ فلم “قائداعظم زنده باد” ۾ جوهر ڏيکاريندا

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جا مشهور فنڪار فهد مصطفيٰ ۽ ماهرا خان گڏ سلور اسڪرين تي جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن. ٻنهي جا اهي مداح جيڪي کين گڏ فلم ۾ ڏسڻ جي خواهش رکن ٿا انهن جو خواب سچ ٿيڻ وارو آهي. فلم ساز نبيل قريشي ٽوئٽر تي هڪ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن فهد مصطفيٰ ۽ ماهرا خان کان سوال ڪيو ته ڇا هو ٻئي سندس نئين فلم قائداعظم زنده باد ۾ گڏ ڪم ڪندا؟ ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ ماهرا خان هاڪاري جواب ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو. ماهرا خان تبصرو ڪندي چيو ته فهد مصطفيٰ وڊيو ۾ منهنجي سوال جو جواب ڪڏهن ناهي ڏنو. ايڪشن ڪاميڊي فلم قائداعظم زنده باد ايندڙسال رليز ٿيندي جنهن ۾ فهد مصطفيٰ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندو.

پريشاني جي ڳالهه ناهي، اميتاب جو معمول موجب چيڪ پيو ٿئي: گهرڀاتين جي وضاحت

ممبئي (شوبز نيوز) گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته اميتاب بچن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي سندس مرض بابت اهو چيو پئي ويو ته کيس جگر جو مرض آهي. پر هاڻي سندس گهرڀاتين طرفان ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته اداڪار اميتاب بچن کي ڪو به مرض يا ڪا وڏي بيماري نه ٿي آهي هو معمول جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال داخل ٿيو آهي. نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ اميتاب جي گهرڀاتيءَ جو چوڻ هو ته هو جلد گهر واپس اچڻ وارو آهي ۽ سندس مداح پريشان نه ٿين.

بالي ووڊ شخصيتن جو والاريل ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار
ڀارت جي فلمي ۽ فيشن شخصيتن نريندر مودي جي حڪومت جي عمل کي غلط قرار ڏيندي مذمت ڪئي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي آزاد خصوصي حيثيت جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي جتي پاڪستاني شوبز شخصيتن احتجاج ڪيو آهي اتي بالي ووڊ ۽ ڀارت جي ٻين اهم شوبز ۽ فيشن شخصيتون به ان فيصلي خلاف نظر آيون. فلمي ۽ فيشن شخصيتن نريندر مودي جي حڪومت جي ان عمل کي غلط قرار ڏيندي مذمت ڪئي ۽ ان ڳالهه جي خدشن کي ظاهر ڪيو ته ان عمل سان ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿيندي. بالي ووڊ کي ڪجهه هفتا اڳ الوداع چوندڙ والاريل ڪشمير جي اداڪاره زائره وسيم به آرٽيڪل 370 جي ختم ڪرڻ تي ماٿري جي ماڻهن سان ايڪي جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي مختصر ٽويٽ ۾ چيو ته “اهو به گذري ويندو” زائره وسيم جيان بالي ووڊ اداڪاره ديا مرزا به والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ايڪي جو اظهار ڪيو ۽ هن “اسٽينڊ ود ڪشمير” جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو. ديا مرزا وڌيڪ لکيو ته منهنجا خيال ۽ سوچ ڪشمير سان گڏ آهي” آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس جي ميمبر ۽ اداڪاره نغما به والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارتي جنتا پارٽي جي حڪومت تي به تنقيد ڪئي. اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر سنجي سوري به ماٿري جي ماڻهن سان ايڪي جو اظهار ڪيو. پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر عنير به ماٿري جي ماڻهن سان ايڪي جو اظهار ڪيو ۽ ڳڻتي ظاهر ڪئي. هوڏانهن ايڪتا ڪپور، وڪرانت ميسي سميت ٻين پڻ ٽويٽر تي ٽويٽ ڪندي والاريل ڪشمير واسين سان ايڪي جو اظهار ڪيو آهي.

عيني والاريل ڪشمير جي موضوع تي ٿيندڙ اسٽيج ڊرامي۾اداڪاري ڪندي
مشهور پروموٽر ۽ پروڊيوسر خاور قاضيءَ والاريل ڪشمير بابت خاص اسٽيج ڊرامو تيار ڪيو آهي

اسلام آباد (شوبز نيوز) اداڪارا عيني طاهره والاريل ڪشمير جي موضوع تي پيش ٿيندڙ اسٽيج ڊرامي جي ريهرسل ۾ مصروف آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مشهور پروموٽر ۽ پروڊيوسر خاور قاضيءَ والاريل ڪشمير بابت خاص اسٽيج ڊرامو تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪاسٽ ۾ ٽي وي ۽ اسٽيج جي سهڻي اداڪارا عيني طاهر کي به شامل ڪيو ويو آهي۽ اڄ ڪلهه ڊرامي جي ريهرسل جو سلسلو جاري آهي، عيني طاهره چيو ته والاريل ڪشمير بابت پراجيڪٽ جي آڇ ٿيڻ تي منهنجي اندر ۾ اهڙو جذبو پيدا ٿيو جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگھان، ڊرامي جو اسڪرپٽ والاريل ڪشمير جي صورتحال جي تصوير ٿو پيش ڪري.

اسٽار نه پر هڪ مڪمل انٽرٽينر ٿيڻ چاهيان ٿو: رنوير سنگهه

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته سدائين مون هڪ مڪمل انٽرٽينر بڻجڻ چاهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار رنوير سنگهه جو چوڻ هو ته هو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو مداحن لاءِ ئي آهي ته جيئن هو انٽرٽين ٿي سگهن. هن چيو ته صرف اڳتي وڌڻ ولاءِ ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان، ڪڏهن اسٽار ٿيڻ نه چاهيو، پر هڪ اهڙو اداڪار ٿيڻ چاهيان ٿو جيڪو هڪ مڪمل انٽرٽينر هجي.

شوبز سان لاڳاپيل خاندان جا فائدي سان گڏ نقصان به آهن: زارا نور

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽيليويزن تي مشهوري کانپوءِ هاڻ پاڪستاني فلمن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اداڪاره زارا نور جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ والده ۽ خاله جي اداڪاره هئڻ سبب ماڻهو ساڻس سوچي سمجهي ڳالهائيندا آهن پر کيس پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ڪم ملندو آهي. زارا نور جي هڪ فلم “ڇلاوا” عيد تي شوقينن کي ڏسڻ وٽان ملي، جڏهن ته ٻي ماهره خان سان گڏ “پري هٽ لوِ” آهي. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪاره چيو ته اداڪاره مايا علي سندس دوست آهي، جيڪا سندس انڊسٽري ۾ اچڻ کان اڳ کيس همتائيندي رهندي هئي، شوبز ۾ سمورا اداڪار هڪٻئي کي گڏ کڻي هلن ٿا. زارا نور عباس مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري جي ڀاڻج ۽ اسما عباس جي ڌيءُ آهي. ان جي فائدي ۽ نقصان بابت زارا جو چوڻ هو ته ان سان انڊسٽري ۾ اوهان جو وڌيڪ خيال رکيو ويندو آهي، نقصان اهو آهي ته ماڻهو ان کي سفارش ۽ پنهنجا نوازيءَ جو رنگ ڏيندا آهن.

اداڪار ڪمال احمد رضوي کي مداحن کان وڇڙي 3 ورهيه ٿي ويا

لاهور (شوبز ڊيسڪ) نامياري ٽي وي اداڪار ۽ ڊرامي ”الف نون“ جي آفاقي ڪردار علڻ سان شهرت ماڻيندڙ ڪمال احمد رضوي کي مداحن کان وڇڙي 3 ورهيه وهامي ويا. مشهور مزاحيه فنڪار ڪمال احمد رضوي 1930 ۾ ڀارت ۾پيدا ٿيو، هن اداڪاري سان گڏ ڪيترائي يادگار ڊراما لکيا، هدايتڪاري ۾ پاڻ مڃايو ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪمال احمد رضوي فلم انڊسٽري ڏانهن به ويو پر اتي سندس دل نه لڳي. ڪامل رضوي ٻارڙن جو ادب به لکيو ۽ بي بي سي اردو سروس سان به سلهاڙيل رهيو. ان سان گڏ هو مشهور رسالي ۾ايڊيٽر به رهيو. ڪمال احمد رضوي 17 ڊسمبر 2015 تي دل بيهڻ سبب مداحن کان وڇڙي ويو، سندس لاڏاڻي بعد ادب ۽ مزاح نگاري جو هڪ باب بند ٿي ويو.  

ناميارو ٽي وي اداڪار ڪمال احمد رضوي

ناميارو ٽي وي اداڪار ڪمال احمد رضوي

ڀارتي فلم جي آڇ وينا جي دعويٰ ڪوڙا کانسواءِ ڪجهه ناهي: شوبز ڌريون
ڀارتي فلمي صنعت پاڪستان جي وڏن فنڪارن کي نظرانداز ڪيو، ته پوءِ وينا کي آڇ ملندي؟

لاهور (شوبز نيوز) سينيئر اداڪاره ۽ اسڪينڊل ڪوئين وينا ملڪ جو هڪ ٻيو ڪوڙ پڪڙيو ويو، ڀارتي فلمي صنعت ۾ آڇ واري دعويٰ کي شوبز ڌرين ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو. حقيقتن موجب وينا ملڪ کي ڪنهن به ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ناهي ڪئي وئي، اهو هاڻوڪي حالتن ۾ ممڪن ئي ناهي. وينا ملڪ تازو ئي دعويٰ ڪئي هئي ته کيس ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جون آڇون ملنديون رهن ٿيون، پر هن اهي آڇون رد ڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڀارتي فلمي انڊسٽري علي ظفر، عاطف اسلم، ماهره خان، فواد خان ۽ راحت فتح علي خان جهڙن وڏن فنڪارن ۽ اداڪارن کي نظرانداز ڪيو ويو ته پوءِ وينا ملڪ کي ڪم ڪيئن ملي سگهي ٿو. وينا ملڪ جي اها دعويٰ رڳو سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو بهانو آهي.

ليجنڊ اداڪار راج ڪپور جي 94هين سالگره ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار راج ڪپور جا مداح اڄ سندس 94هين سالگره ملهائي رهيا آهن. 14 ڊسمبر 1924 تي پشاور ۾ جنم وٺندڙ راج ڪپور جو اصل نالو رنبير راج ڪپور هو، سندس والد پرٿوي راج ڪپور مشهور اداڪار ۽ فلمساز هو. 1935 ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور فلم نگري ۾ پير رکندڙ راج ڪپور نه رڳو اداڪاري پر فلمسازي ۽ هدايتڪاري جي ميدان ۾ به پاڻ مڃايو. سندس فلمون ”آواره ۽ بوٽ پالش“ ڪينز فلم فيسٽيول ۾ گولڊن پام ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيون ويون. ليجنڊ اداڪار راج ڪپور کي 2 نيشنل فلم ايوارڊ ۽ 9 فلم فيئر ايوارڊ مليا. 1988 ۾ راج ڪپور کي فلمسازي بابت هندستان جو وڏي ۾ وڏو اعزاز دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو. راج ڪپور 2 جون 1988 تي دهلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. راج ڪپور جي هدايتڪار طور آخري فلم ”حنا“ هئي، جيڪا سندس لاڏاڻي بعد ريليز ڪئي وئي، ۽ اها فلم به هٽ وئي.

مشهور اداڪار راج ڪپور

مشهور اداڪار راج ڪپور