تازا ترين
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *
  • *ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس: آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت *آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي: وڪيل جي احتساب عدالت کي آگاهي* احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو * آصف زرداري سوڌو 14 جوابدار 4 آگسٽ تي طلب، نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت *
  • *ميرپورخاص: رحيم نگر مان مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گھران نڪتل ناري ٿاڻي تي پهچي وئي *19ورھين جي ناري راڻي لاگھاڻي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي پھچي وئي *مڙس سان ھاڻي گڏي رھڻ نٿي چاھيان: ناري راڻي لاگهاڻي *ناري جي مڙس جي چاچي نبي بخش لاگھاڻي ناري جي گم ٿيڻ بابت ٿاڻي تي درخواست ڏني ھئي *
  • *قبوسعيدخان وجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي *ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهداڪوٽ اسپتال منتقل*
  • *ٺل ويجهو معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي *ڳوٺ جونسال ڪنڊراڻي ۾ ڪنڊراڻي ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو*
رابي پيرزادو جو وڊيو ليڪ ڪندڙن ڏانهن پيغام، “افسوس” جو اظهار
ڳائڻي رابي پيرزادو جون غيراخلاقي وڊيوز ليڪ ٿيڻ کانپوءِِ ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ رهيون

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي رابي پيرزادو سندس غيراخلاقي وڊيوز ليڪ ڪندڙن ڏانهن پيغام جاري ڪيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ رابي پيرزادو جون غيراخلاقي وڊيوز وائرل ٿيون هيون جنهن سبب هو ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي هئي. وڊوز ليڪ ٿيڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون. ڪنهن چيو ته هي وڊيوز رابي جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ ليڪ ڪيون آهن جڏهن ته گهڻا ماڻهو چئي رهيا هئا ته رابي پيرزادو جي فون مان انهن تصويرن ۽ وڊيوز کي چورايو ويو آهي. وڊيوز جي حوالي سان رابي پيرزادو جو موقف سامهون نه آيو هو ۽ ماڻهو ڄاڻڻ لاءِ بيچين هئا ته نيٺ رابي پيرزادو جو ان بابت ڇا چوڻ آهي. گذريل ڏينهن هن هڪ مختصر ٽوئٽ ۾ لکيو ته “جيڪو بندو دنيا ۾ ڪنهن بندي جي پرده پوشي ڪندو الله عزوجل قيامت جي ڏنهن سندس پرده پوشي فرمائيندو” ٻئي پاسي رابي پيرزادو پنهنجي سڀني سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته مونکي پنهنجي هجڻ تي افسوس آهي. واضح رهي ته رابي پيرزادو وڊيوز خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ سان رابطو ڪري جاچ جو مطالبو به ڪيو آهي.

اداڪار سميع خان جي فلم “ياران وي” جلد رليز ٿيندي

ڪراچي (شوبز نيوز) سميع خان جي ڳڻپ بهترين پاڪستاني اداڪارن ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ هاڻي هو جلد هڪ وڏي فلم سان سينما گهرن جي اسڪرينز تي به نظر اچڻ وارو آهي. اداڪار ياران وي فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪا 2020ع ۾رليز ٿيندي. خابرو اداري سان ڳالهائيندي سميع خان جو چوڻ هو ته فلم جي 85 سيڪڙو شوٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي اسان هن وقت ڪردارن جي حوالي سان ڪجهه به شيئر نٿا ڪري سگهون ڇو ته جيڪڏهن ڪردار جي حوالي سان ڪجهه به ٻڌايو ويو ته تقريبن فلم جي اڌ ڪهاڻي سامهون اچي ويندي. فلم جي ڪاسٽ ۾ سميع خان کانسواءِ فيضان خواجا، عليزي ناصر، جاويد شيخ، مرينا خان ۽ علي سڪندر شامل آهن. فلم جي اسڪرين پلي مهوش اعجاز لکي آهي جڏهن ته هن جي هدايتڪاري منيش ڪئي آهي. ياران وي کي اليٽ فلمز ڪمپني پروڊيوس ڪري رهي آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ ٿائي لينڊ ۾ ٿيندي. مهوش اعجاز جو هن فلم جي حوالي سان چوڻ هو ته ياران وي جي ڪهاڻي رومانوي آهي. هن فلم ذريعي مون کي ٽيلنٽڊ ماڻهن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. مان مرينا ۽ جاويد شيخ جهڙن فنڪارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان، اميد آهي ته مداحن کي فلم پسند ايندي.

فردوس جمال جي عمران اشرف تي به تنقيد

ڪراچي (شوبز نيوز) پنهنجي اداڪاري ذريعي ماڻهن کي کلائيندڙ ڀولي جي ڪنهن واکاڻ ته نه ڪئي پر اداڪار فردوس جمال ماهرا خان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران اشرف تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. پاڪستاني اداڪار فردوس جمال ڪجهه وقت اڳ اداڪارا ماهرا خان تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هاڻي فردوس جمال هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي وي شو دوران عمران اشرف بابت چيو ته ڊراما سيريل رانجها رانجها ڪردي ۾ هن جو ادا ڪيل ڀولي جو ڪردار بهترين اداڪاري نه پر رڳو ڏيکاءُ هو ۽ اهڙو ڪردار اڳ به گهڻا ئي فنڪار ادا ڪري چڪا آهن ۽ عمران اشرف انهن جهڙي ئي اداڪاري ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪو هڪ به اداڪار ناهي جيڪو اڳتي هلي هڪ اسٽار بڻجي. واضح رهي ته اداڪار فردوس جمال تي ماهرا خان جي اداڪاري تي تنقيد ڪرڻ سبب به تنقيد ڪئي وئي هئي.

پاڪستاني اداڪارا رباب هاشم جي مقبوليت ۾ واڌارو

ڪراچي (شوبز نيوز) ڊراما سيريل نه ڪهو تم ميري نهين ۾ من موهيندڙ اداڪارا رباب هاشم جي پهرين پرفارمينس ئي شاندار رهي ۽ ڊائيلاگ جي ادائيگي کيس عروج تي پهچائي ڇڏيو. کيس انايا تمهاري هوئي، عشقاه وي، منت، مرضي ۽ ايڪ ٿي مثال ۾ جاندار پرفارمينس مقبول ترين اداڪارا طور متعارف ڪرايو آهي. في الحال هو اسڪرين تي ميري محسن ۾ هڪ مضبوط ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪندي ڏسي سگهجي ٿي. رباب هاشم جي نئين فوٽوشوٽ ۾ سندس من موهيندڙ انداز چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ياد رهي ته مداحن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِرباب هاشم پنهنجو پاڻ کي هڪ ورسٽائل اسٽار جي طور تي روشناس ڪرايو آهي. پنهنجي کلڻي طبيعت ۽ جاذب نظر شخصيت سبب رباب هاشم هن وقت ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته سندس فوٽو شوٽ فاطما هارون جڏهن ته ميڪ اپ رضا ضامن ڪيو آهي. هوڏانهن سندس تصويرن کي پڻ مداحن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي. مداح سندس ڊرامن ۾ اداڪاري جي پڻ واکاڻ ڪري رهيا آهن ۽ اداڪارا جي نون ڊرامن جا منتظر آهن.

ڪٿڪ ڊانسرشيماجي زندگي تي ٺهيل دستاويزي فلم عالمي ايوارڊماڻي ورتو
دستاويزي فلم “ودبيلزآف هر فيٽ”کي سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول آف مونٽريال۾پيش ڪيوويو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ۽ پهرين عورت ڪٿڪ ڊانسر شيما ڪرماني جي زندگي تي ٺهيل مختصر دستاويزي فلم ڪينيڊا جي شهر مونٽريال ۾ ٿيل فلمي فيسٽيول ۾ ايوارڊ حاصل ڪري ورتو. شيما ڪرماني جي زندگي تي ٺهيل ڊاڪيومينٽري فلم “ود بيلز آف هر فيٽ” جو هدايتڪار تيمور رحيم آهي جڏهن ته وحيد علي ايسوسيئيٽ پروڊيوسر جون خدمتون سر انجام ڏنيون. مختصر فلم کي سڀ کان اڳ 2018ع ۾ جاري ڪيو ويو هو جڏهن ته ان کي رڳو فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ سال تائين ان کي آن لائن رليز ڪيو ويندو. دستاويزي فلم ۾ شيما ڪرماني جي ڪيريئر ۽ کيس هڪ تنگ معاشري ۾ عورت ڊانسر طور پيش ايندڙ ڏکيائين کي ڏيکاريو ويو آهي. فلم جي جاري ڪيل ٽريلر ۾ جتي شيما ڪرماني کي ڊانس ڪندي ڏيکاريو ويو آهي اتي هو پس پرده پنهنجي آواز ۾ پنهنجي ئي زندگي جي ڪهاڻي به ٻڌائي ٿي. ود بيلز آف هر فيٽ کي مونٽريال ۾ ٿيل ڏکڻ ايشين فلم فيسٽيول آف مونٽريال ۾ بيسٽ شارٽ اينڊ آڊينس چوائيس ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن فلم فيسٽيول کان اڳ به دستاويزي فلم کي ٻين فلمي ميلن ۾ به پيش ڪيو ويو آهي ۽ فلم جي ساراهه ڪئي وئي آهي. ايوارڊ ملڻ تي شيما ڪرماني خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايوارڊ ملڻ هن لاءِ ۽ ملڪ لاءِخوشي جي ڳالهه آهي. هن فلم بابت چيو ته ڪجهه وقت اڳ وٽس نوجوان تيمور رحيم ۽ وحيد آيا جن سندس زندگي تي دستاويزي فلم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. شيما ڪرماني تيمور رحيم ۽ وحيد علي کي واڌايون پيش ڪيون.

فلم “دي لائن ڪنگ” رليز ٿيندي ئي مداحن جون دليون کٽي ورتيون

نيو يارڪ (شوبز نيوز) ڊزني جي لائيو ايڪشن ريميڪ فلم “دي لائن ڪنگ” رليز ٿيندي ئي مداحن ۽ تجزيي ڪارن ٻنهي کي متاثر ڪري ڇڏيو. فلم 19 جولاءِ تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي جنهن کي سڀ کان وڌيڪ هاڪاري رويوز مليا آهن. سي اين اين جي سپورٽ موجب ڊزني جي لائيو ايڪشن ريميڪ امريڪي باڪس آفيس تي هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن. ياد رهي ته هالي ووڊ فلم ڊزني جي سڀ کان هٽ فلمن مان هڪ آهي.

ٻار سان گٿو ڳالهائڻ بالي ووڊ اداڪارا کي ڳچي ۾ پئجي ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر پنهنجي تڪراري بيانن سبب سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار بڻجندي رهي آهي. اداڪارا تازو هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات جو هڪ واقعو بيان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ هڪ سيٽ تي شوٽنگ لاءِ پهتي جتي 4 سالن جي ٻار کيس آنٽي چيو جنهن کانپوءِ سوارا هن ڍائلڊ آرٽسٽ لاءِ ڪمينا جهڙي گار استعمال ڪندي کيس چيو ته اڃا ته ڪيريئر شروع ئي ناهي ٿيو مونکي آنٽي چئي رهيون آهين. اداڪارا جي انٽرويو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ صارفين کي تنقيد جو نشانو بڻايو. صارفن سوارا لاءِ آنٽي جو هيش ٽيگ به ٺاهي ورتو جيڪو ٽرينڊنگ ۾ به رهيو. ڪنهن چيو ته سوارا ڀاسڪر سٺي انسان ناهي. ڪنهن صارف لکيو ته سوارا ڀاسڪر کي ان فالو ڪري رهيو آهيان. هڪ صارف لکيو ته اوهان ٻار کي گار ڏئي پنهنجي ننڍڙي سوچ کي ظاهر ڪيو اهي.

ڀارتي ماڊل ڌيءَ کي عمارت تان اڇلائي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪرناٽڪا (شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل ۽ اڳوڻي بيوٽي ڪوئين جيوتي مالاني پنهنجي 7 سالن جي ڌيءُ کي عمارت تان اڇلائي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي شهر بنگلور جي علائقي پتن بالي جي پي نگر جي رهواسي 32 سالن جي ماڊل ۽ اڳوڻي مس انڊيا ڪرناٽيڪا ۾ “شائننگ اسٽار” جو اعزاز ماڻيندڙ جيوتي مالاني پنهنجي 7 سالن جي ڌيءُ کي عمارت جي ويهين ماڙ تان هيٺ اڇلائي پاڻ به ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جيوتي مالاني ۽ سندس مڙس بزنس مين پنڪج وچ ۾ اثر جهيڙو ٿيندو رهندو هو. واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ به ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن کانپوءِ پنڪج گهر ڇڏي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن هليو ويو هو. ماڊل ڌيءُ کي اڇلائڻ جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي هئي.

ڪنگنا جي جهيڙي دوران لفظ نه ڳالهائي سگهيس: راجڪمار رائو

ممبئي (شوبز نيوز) فلم جج مينٽل هي ڪيا جي مشهوري مهم دوران ڪنگنا ۽ صحافي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي هئي ۽ اهو معاملو ڪيترائي ڏينهن ميڊيا ۾ رهيو هو. ان موقعي تي اداڪار راج ڪمار رائو پڻ موجود هو پر ايترو خاموش رهيو هو هن جو نالو ڪنهن به خبر ۾ نه آيو هو. تازو نيها ڌوپيا جي شو ۾ ڳالهائيندي اداڪار راجڪمار رائو چيو آهي ته اهڙن موقعن تي چپ رهڻ ئي بهتر سمجهيو. هن چيو مان هڪ خاموش طبعيت ماڻهو آهيان ۽ جڏهن ڪنگنا ۽ صحافي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي رهي هئي تڏهن مان ان واري جو انتظار ڪري رهيو هيس ته مونکي ڳالهائڻ جو موقعو ملي ۽ ڳالهه کي فلم ڏانهن کڻي وڃان. منهنجي ڪوشش هئي ته ڪنهن ريت جهيڙي کي ٽاري وجهان پر مونکي وارو نه ملي رهيو هو ۽ خاموشي سان ويٺل رهيس. نو فلٽر نيها شو ۾ سندس ويڪ چوڻ هو ته واقعي کانپوءِ ڪيتريون ئي ميميز ٺاهيون ويون سوشل ميڊيا تي ڪنگنا کي ٽرول ڪيو ويو پر مان سمجهان ٿو ته خاموش رهڻ ۾ ئي چڱائي هئي.

راحت فتح علي ۽ عاطف اسلم سعودي ۾ ماڻهو جهومائي ڇڏيا

رياض(شوبز نيوز)پاڪستان جي عالمي شهرت رکندڙ فنڪارن راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم سعودي ۾ ماڻهو جهومائي ڇڏيا.سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي منصوبي تحت رياض سيزن ثقافتي ميلو جاري آهي.پاڪستاني فنڪارن پنهنجي جادوئي آواز ۾ ٻڌندڙن کان داد وصول ڪيو. راحت فتح علي خان ڪلاسيقي موسيقي سميت پنهنجا مشهور گيت ڳائي زبردست موٽ ماڻي. جڏهن ته عاطف اسلم به ٻڌندڙن کي زبردست سرور ڏنو.رياض سيزن ثقافتي ميلو 11 آڪٽوبر کان 15 ڊسمبر تائين جاري رهندو.

ڪٽنب سان محبت کي سوشل ميڊيا تي اجاڳر ڪندڙ اداڪارائون
مصروف هجڻ باوجود ٻارن لاءِ وقت ڪڍندڙ اداڪارائن جي سوشل ميڊيا تي واکاڻ

ڪراچي (شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ماڻهو شهرت ۽ پيسو ڪمائڻ لاءِ بلڪل ائين ئي محنت ڪندا آهن جيئن ڪنهن ٻئي شعبي ۾ ماڻهو پنهنجي ڪم کي محنت سان ڪن ٿا. فرق رڳو ايترو آهي جو شوبز سان واڳيل ماڻهو روايتي انداز ۾ ڪم ناهن ڪندا جو اڪثر انهن جي ڪم جو ڪو مقرر وقت ناهي هوندو. اهڙي صورتحال ۾ اداڪارائن جو پنهنجي گهر ۽ ٻارن لاءِ وقت ڪڍڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن جي محبت گهٽجي ويندي آهي پر هو به پنهنجي ٻارن سان ايترو ئي پيار ڪن ٿيون جيئن ٻيون مائرون پنهنجي اولاد سان ڪن ٿيون. پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ ڪيتريون ئي فنڪارائون آهن جيڪي گهر ۽ ڪم جي ذميواري سٺي نموني ادا ڪري رهيون آهن. اهڙين ئي مائرن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهيون آهن جن ۾ اهي اداڪارائون پنهنجي ٻارن سان محبت کي اجاڳر ڪندي نظر اچن ٿيون. اداڪارائن ۾ ريما خان، فضيلا قاضي، ماهرا خان، عيني خالد، عائزا خان، ندا ياسر، شائسته لوڌي، جگن ڪاظم، وينا ملڪ، فضا علي، نور بخاري، اسما عباس، گل رعنا، صبا فصل، سعديه امام، حديقه ڪياني، مهرين سيد، جويريه سعود، مومل شيخ، صنم جنگ ۽ مٿيرا شامل آهن جيڪي پنهنجي ڪٽنب سان تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪنديون رهن ٿيون ۽ پنهنجي ٻارن توڙي گهروارن سان وقت گذارين ٿيون. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڻ اهي تصويرون وائرل ٿين ٿيون جڏهن ته انهن جي واکاڻ پڻ ڪئي وڃي ٿي.

ماهرا خان پنهنجي ويجهي ساهيڙي ڏانهن ڪهاڻي لکي ڇڏي
منهنجي ساهيڙي نارو ڪاليج ۾ موسان ملي ۽ هر وقت ساٿ ڏنو: ماهرا

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي اداڪارا ماهرا خان سوشل ميديا تي پنهنجي ويجهي ساهيڙي ڏانهن ڪهاڻي لکندي ڪجهه پراڻيون تصويرون به شيئر ڪيون. ماهرا خان انسٽاگرام اڪائونٽتي پنهنجي ويجهي دوست سان پراڻيون يادون تازيون ڪندي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون گڏوگڏ هن ڪيپشن ۾ هڪ ڊگهي ڪهاڻي به لکي. سپر اسٽار ماهرا خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مان اوهان سڀني کي هي ڪهاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿي، هڪ ڇوڪري جي ڪهاڻي جنهن سان مان ڪافي سال اڳ ملي هيس، هي هڪ اهڙي ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جنهن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏي دل آهي. اداڪارا پنهنجي پراڻي ۽ سڀ کان ويجهي ساهيڙي جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته مونکي ياد آهي ته مان نارو سان ڪاليج ۾ ملي هيس، هي مون سان هر ان وقت گڏ هئي جڏهن منهنجو ڪنهن ساٿ نه ڏنو هو جڏهن مان هن کي پنهنجي سڀني خوابن بابت ٻڌايو ته منهنجي ڳالهين کي صبر سان ٻڌندي هئي. ماهرا خان پنهنجي ساهيڙي بابت وڌيڪ لکيو ته جڏهن سندس پيءُ دنيا مان هليو ويو ته هي پنهنجي ماءُ سامهون ڪڏهن نه رني، هي رڳو مون سان ڪاليج ۾ روئيندي هئي. 23 سالن جي عمر کان هن پنهنجي پيءُ جي ننڍڙي ڪمپني کي سنڀاليو ۽ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ باوجود به هي هميشه منهنجي لاءِ حاضر هوندي هئي. ماهرا ڪهاڻي ۾ پنهنجي دوست جي ڪاميابي جي واکاڻ ڪندي چيو ته جڏهن اڄ مان کيس اسٽيج تي ڏٺو سندس سمورا خواب پورا ٿي ويا، هي پاڪستان آٽو موٽو انڊسٽري جي واحد عورت سي اي او آهي ۽ هي اسان کي ٻڌائيندي هئي ته هڪ ڏينهن ضرور مونکي اهڙي ڪانفرنس ۾ مدعو ڪيو ويندو. اداڪارا ماهرا خان پنهنجي ويجهي دوست جي ڪاميابي جو سبب محنت قرار ڏيندي چيو ته سٺي نيت ۽ محبت سان ئي ڪاميابي ملي ٿي.

پاڪستان جي پهرين “مسلم عيسائي” گيت ڌوم مچائي ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيسائي برادري پاران ڪرسمس وڏي عقيدت، احترام ۽ جذبي سان ملهائي وئي، ان موقعي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ مسلم، عيسائي گيت ريليز ڪيو ويو آهي، جيڪو ريليز ٿين کانپوءِ مشهور ٿي ويو آهي. گيت ريليز ٿيڻ کانپوءِ لکين ماڻهو ان کي ڏسي چڪا آهن. مذهبي رواداري جو مثال قائم ڪندي پهريون ڀيرو مسلمان عيسائي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهو گيت ريليز ڪيو ويو آهي. گيت ۾ مخلتف مذهبن وچ ۾ هم آهنگي تي زور ڏنو ويو آهي. گيت کي مسيحي مشعل ۽ مسلمان حيدر چائو ڳايو آهي. گيت ذريعي پيغام ڏنو ويو آهي ته سڀني جو خدا هڪ آهي، انڪري هڪٻئي سان محبت ذريعي رهڻ گهرجي. گيت کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شيئر ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ان جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

جگر جي مرض ۾ مبتلا علي نور جي طبيعت ۾ بهتري

جگر جي عارضي ۾ مبتلا مشهور ڳائڻي علي نور جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ لڳي آهي. ميوزيڪڪل بينڊ نوري جي ليڊ سنگر علي نور جگر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اسلام آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. سندس ڳڻتي جوڳي حالت جون خبرون سندس ساٿي فنڪارن سوشل ميڊيا ذريعي ڏنيون هيون. علي نور جي ڀاءُ لکيو ته مداحن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته علي نور جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو هن چيو ته علي نور جي صحت پهريان کان بهتر ٿي رهي آهي ۽ علاج ڪاميابي سان جاري آهي.

اداڪار علي اعجاز77ورهين جي ڄمار۾لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي مشهور اداڪار علي اعجاز 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، علي اعجاز ڪافي عرصي کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار علي اعجاز لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، علي اعجاز 1961ع ۾ فلم “ انسانيت” سان فني دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، سندس مشهور فلمن ۾ “سالا صاحب”، دبئي چلو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، هو مزاحيه اداڪار طور گهڻو مشهور ٿيو، اداڪار علي اعجاز فلمن کانسواءِ ٽي وي ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، “ خواجا اينڊ سنز”، “کوجي” ۽ “ شيدا ٽلي” ڊرامن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو، علي اعجاز جي لاڏاڻي سان فني دنيا ۾ سوڳ پکڙجي ويو

اداڪار علي اعجاز

اداڪار علي اعجاز

وينا ملڪ پاران بلاول ۽ مريم نواز تي تنقيد، وزيراعظم جي واکاڻ
نوجوان سياسي اڳواڻن کي خانداني ڪرپشن جي تحفظ بدران خاتمو ڪرڻ گهرجي: وينا ملڪ

لاهور (شوبز نيوز )پاڪستاني اداڪاره وينا ملڪ سوشل ميڊيا تي گهڻو سرگرم آهي، تازو ئي اداڪاره ڪرپشن ۽ سياسي پارٽين پاران ڪرپشن کي ختم ڪرڻ بدران هٿي ڏيڻ تي سياسي پارٽين مٿان تنقيد ڪئي. وينا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 2 ڏينهن اڳ لنڊن جي علائقي پارڪ لين ۾ ملڪيت ڪيس ۾ نيب ۾ پيش ٿيڻ تي ٽوئيٽ ڪيو . وينا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيئر سياستدانن بدران نوجوان سياستدانن تي تنقيد ڪئي. وينا ملڪ لکيو ته نوجوان سياسي اڳواڻن کي خانداني ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ بدران ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي. اداڪاره پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي واکاڻ ڪئي.

پرنيتي ۽ اڪشي جي ”ڪيسري“ جي جهلڪ جاري

    ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا جي فلم ”ڪيسري“ جي ڪردار جون پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ڀاتي ميڊيا موجب اداڪاره پرنيتي چوپڙا ٽوئيٽر تي فلم ”ڪيسري“ جي پنهنجي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري ڪندي چيو ته ان فلم جو حصو بڻجڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اداڪار اڪشي ڪمار، ڪرن جوهر ۽ انوراگ باسو جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته فلمي شوقين ايندڙ سال 21 مارچ تي اها فلم ڏسڻ نه وساريندا. فلم جي عڪسبندي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرنيتي چوپڙا پنجاب جي ناري ۽ اڪشي سک جنگجو جو ڪردار نڀائي رهيا آهن.  

پرنيتي ۽ اڪشي جي فلم ”ڪيسري“ جو پوسٽر

پرنيتي ۽ اڪشي جي فلم ”ڪيسري“ جو پوسٽر