تازا ترين
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*
اسان دنيا کي نقصان پهچايو، هاڻي دنيا بهتر ٿي رهي آهي: عروه حسين
عالمي وبا سبب تباهي ٿي رهي آهي پر مون نوٽ ڪيو ته اسان جي دنيا کي بهتر ٿيڻ جي ضرورت هئي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا عروه حسين جو مڃڻ آهي ته جتي ڪورونا وائرس سبب دنيا جي تباهي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر سندس موجب ڪٿي نه ڪٿي هن وائرس سبب دنيا بهتر ٿي رهي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي اداڪارا سلسليوار ٽوئيٽس ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. عروه حسين لکيو ته مان سوچي رهيس هيس ته هن عالمي وبا جي حوالي سان منهنجي سوچ الڳ آهي جتي مان اهو سوچي رهي آهيان ته هن وائرس سبب تباهي ٿي رهي آهي اتي مان اهو به نوٽ ڪيو آهي ته اسان جي دنيا بهتر ٿي رهي آهي، ان کي بهتر ٿيڻ جي ضرورت به هئي ڇو ته اسان هن کي نقصان پهچائيندي پهچائيندي گهڻا لاپرواهه ٿي چڪا هئاسين. اداڪارا موجب جتي مون کي هن وقت پنهنجي ماءُ جي ۽ گهروارن جي ياد اچي رهي آهي اتي مان ان ڳالهه جو به شڪر ادا ڪري رهي آهيان ته مان پاڻ پنهنجي گهر ۾ محفوظ آهيان، منهنجا چاهيندڙ موجود آهن جن سان مان ڳالهائي سگهان ٿي. مون کي انهن سڀني ماڻهن سان همردردي آهي جيڪي هن وقت ڪنهن نه ڪنهن ڏکيائي ۾ ورتل آهن، جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي جن جن کي پنهنجي صحت جي حوالي سان ڪنهن قسم جي پريشاني آهي يا وري اهي ڊاڪٽر ۽ پوليس اهلڪار جيڪي سڀ کان اڳيان بيهي هن جنگ ۾ وڙهي رهيا آهن. بهادر بڻجي رهيو ۽ هاڪاري رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ سڀ کان ضروري شڪر ادا ڪريو ۽ پنهنجي گهرن ۾ ئي رهو.

ڪورونا وائرس سبب 9 سال پراڻي فلم جي مقبوليت ۾ واڌ

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪورونا وائرس اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، ايران،برطانيا ۽ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويو آهي ۽ وائرس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 سال پراڻي هالي ووڊ فلم وائرل ٿي وئي آهي. ڊائريڪٽر اسٽيون سودبرگ جي 2011ع جي ٿرلر فلم ڪونٽيجن کي ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ پهرين جنوري ۾ نئين زندگي ۾ ملي هئي ۽ هاڻي آمريڪا ۾ فلم رينٽل چارٽ تي سڀ کان مٿي آهي.

جاپاني ڪاميڊين ڪين شمورا ڪورونا وائرس وگهي فوت

ڪراچي (شوبز نيوز) جاپان سان واسطو رکندڙ مشهور ڪاميڊين ڪين شمورا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن سبب هو اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. خابرو اداري رائيٽرز جي رپورٽ موجب هو جاپان سان واسطو رکندڙ پهرين مشهور شخصيت هو جيڪا هن وبا جو شڪار ٿي. ڪين شمورا گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻهو ڏکپ جو اظهار ڪري رهيا اهن. 70 سالن جي ڪين شمورا ڪاميڊي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970 ۾ ڪئي هئي ۽ هو ڦڦڙن جي ڪينسر جو به شڪار هو سندس سرجري ٿي چڪي هئي.

زاهد احمد جون آئيسوليشن ۾ وقت گذارڻ لاءِ تجويزون

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪار زاهد احمد آئيسوليشن ۾ وقت گذارڻ لاءِ پنهنجي مداحن سان سوشل ميڊيا تي ڪجهه تجويزون شيئر ڪيون آهن. اداڪار انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن کي تجويزيون ڏنيون. سندس تجويزن ۾ پنج وقت نماز پڙهو، قرآن پپاڪ پڙهو، موبائيل فون ۾ حديد جي ڪا ايپ ڊائون لوڊ ڪريو. ننڍڙا ٻار آهن ته ساڻن گڏ ڪارٽون ڏسو. ٻارن سان ڪي به رانديون کيڏو، ميز تي کاڌو رکي گهروارن سان گڏ کائو. هن وڌيڪ لکيو ته اهو سڀ ڪرڻ کانپوءِ اوهان جي دل کي سڪون پهچندو، الله جي حڪمن تي عمل ڪندي پنهنجي گهراڻي سان به سٺو وقت گذرندو آهي. آئيسوليشن ۾ اهڙي ريت سٺو وقت گذرندو.

گهرن ۾ محفوظ رهو، جلد هٿ به ملائينداسين ۽ ڳلي به ملنداسين: مايا علي
آسمان ڏانهن ڏسي اميد ٿئي ٿي ته هي وقت به گذري ويندو، جلد پيارن سان ملي سگهنداسين

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا مايا علي جو چوڻ آهي ته انشاءَالله اسان جلد هٿ به ملائينداسين ۽ ڳلي به ملنداسين. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا مايا علي انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن کي ڏسڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ته مايا علي ڪنهن معجزي جي منتظر آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب مايا علي پنهنجي هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان آسمان ڏانهن ڏسندا آهيون ۽ گهڻو ڪجهه سوچيندا آهيون. آسمان کي ڏسندي اسان جيڪو سوچيندا آهيون ڪڏهن اهو هاڪاري خيال هوندو آهي ته ڪڏهن واري ناڪاري خيال به هوندو آهي. هن لکيو ته ان سان گڏوگڏ اها اميد به ٿئي ٿي ته جيڪا اسان کي مضبوط رهڻ ۽ هاڪاري رکڻ جي ترغيب ڏئي ٿي. مايا علي لکيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءُالله هي وقت به گذري ويندو، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مرڪنداسين، هٿ ملائينداسين ڳلي لڳنداسين ۽ پنهنجي پيارن سان ميڙاڪن ۾ گڏجنداسين. اداڪارا لکيو ته گهر ۾ رهو ۽ محفوظ رهو.

ننڍڙي مداح علي ظفر جي دل موهي وڌي، وڊيو شيئر

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي علي ظفر جي ننڍڙي مداح به ماڻهن جون دليون موهي وڌيون. علي ظفر ٽوئٽر تي هڪ ننڍڙي مداح جي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو علي ظفر جو تازو رليز ٿيل گانو ڳائي رهيو آهي. وڊيو ۾ ٻارڙو علي ظفر کي طيفا چئي رهيو آهي.

اينجلينا جولي پنهنجي ٻارن سان گڏ وقت گذارڻ لڳي

ڪراچي (شوبز نيوز) جڳ مشهور هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي هن وقت سيلف آئيسوليشن ۾ آهي جتي هو پنهنجي 6 ٻارن سان گڏ وقت گذاري رهي آهي جڏهن ته سندس ٻار پنهنجي پيءُ سان به ملاقاتن لاءِ وڇي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو ويب سائيٽ جي ذريعن موجب سمورا ٻار اينجلينا جولي سان گڏ رهن ٿا پر بريڊ پٽ سان به لاڳيتو ملاقاتون ڪري رهيا آهن. هي سڀئي ٻار پنهنجي پيءُ سان گڏ رابطي ۾ آهن جڏهن ته سمورو ڪٽنب ويهي فلمون ڏسي وقت گذاري رهيو آهي. ذريعن موجب جولي جا ٻار ميڊوڪس ۽ يونسي تازو موٽيا آهن ۽ آن لائين پڙهائي به ڪري رهيا آهن. گهريلو ڪمن ڪارن کانسواءِ هو نين ٻولين جي سکيا به آن لائين وٺي رهيا آهن جڏهن ته ساز وڄائڻ جي به سکيا وٺي رهيا آهن. جولي جا ٻار ماءُ کي کاڌا پچائڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪارا ايجلينا جولي هڪ سماجي تنظيم کي 10 لک ڊالر عطيو ڪيا هئا. هفتو اداڪارا جو چوڻ هو ته لکين ماڻهو اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته هاڻي ڪورونا وائرس سبب ڏکيائيون وڌي ويون آهن. سندس چوڻ هو ته سماجي تنظيم ٻارن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪندي جيئن جو صحت مند رهي سگهن. واضح رهي ته اينجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ طلاق کانپوءِ ڌار آهن ۽ اينجلينا جولي هن وقت پنهنجي ڪيليفورنيا واري بنگلي ۾ موجود آهي.

اداڪارا ميرا آمريڪا ۾ حادثي ۾ زخمي، اسپتال داخل

ڪراچي (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا آمريڪا ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي. پاڪستاني اداڪارا ميرا آمريڪا ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن سبب کيس ڳچي ۽ ٻانهن تي زخم رسيا آهن. نجي ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب آمريڪا جي نجي اسپتال ۾ اداڪارا ميرا جو علاج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽرن طرفان ميرا کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

عاطف اسلم پاران وزيراعظم جي قدمن جي آجيان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي عاطف اسلم ڪورونا وائرس جي حوالي سان وزيراعظم جي قدمن جي آجيان ڪندي پيغام جاري ڪيو آهي. ڳائڻي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پکڙيل صورتحال جي حوالي سان عمران خان جي طرفان کنيل قدمن جي آجيان ڪئي. هن ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ههڙي صورتحال ۾ جنهن جي جيتري حيثيت آهي اهو ان حساب سان ماڻهن جي مدد لاءِ اڳتي اچي ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن ۽ پاڙيسرين جي مدد ڪري.

فاصلو رکو: ماهرا خان ايس ايچ او بڻجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ماهرا خان پنهنجي فلم “سپر اسٽار” جي هڪ جهلڪ ذريعي ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي حوالي سان آگاهي ڏني آهي. ماهرا خان انسٽگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ٻن ماڻهن کي فاصلو رکڻ جو چئي رهي آهي. ماهرا طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ هن پوليس اهلڪار جي وردي پهري آهي. اداڪارا پنهنجي هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته فاصلو رکو، هي ايس ايچ او چيما جو حڪم آهي. هن لکيو ته هي تصوير فلم سپر اسٽار جي سيٽ جي آهي جنهن کي مان ياد ڪري رهي آهيان. ماهرا خان هن پوسٽ تي پاڪستان جي مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ عدنان انصاري مزاحيه انداز ۾ تبصرو ڪندي لکيو ته اري بچايو، اهي ئي ته آهن جن جي اڄ کي اڄ ڪلهه ڪٽڪو ڏنو پيو وڃي.

واهه واهه لاءِ غريبن جي عزت سان نه کيڏو: صنم جنگ
لاڪ ڊائون سبب غريبن جي مدد لاءِ ماڻهو ميدان ۾ لٿل

ڪراچي (شوبز نيوز) خطرناڪ وبا ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ سبب پاڪساتن سميت سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال آهي. ڏکئي وقت ۾ ماڻهو غريبن جي مدد لاءِ سرگرم نظر اچي رهيا آهن. ان حوالي سان ماڻهو تصويرون سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري رهيا آهن جنهن سبب عطيو وٺندڙ ماڻهن جي عزت نفس کي ڇيهو رسي رهيو آهي. اداڪارا صنم جنگ طرفان عطيو ڪندڙ ماڻهن لاءِ هڪ پيغام شيئر ڪيو ويو آهي. اداڪارا لکيو ته خدا لاءِ غريبن جي مدد ڪندي سوشل ميڊيا تي پنهنجي واهه واهه لاءِ سندن عزت نفس سان نه کيڏو.

هاڻي ته خواب ۾ به هٿ ڌوئيندي آهيان: ارمينا خان
اداڪارا احتياطي اپائن کي سنجيده وٺندي خواب ۾ به هٿ ڌوئڻ لڳي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ارمينا خان موت مار وائرس کان بچاءَ جي احتياطي اپائن کي ايترو سنجيده وٺي رهي آهي جو هاڻي هو ننڊ جي حالت ۾ به هٿ ڌوئي رهي هوندي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل سندس پيغامن ۾ سندس چوڻ هو ته هاڻي مان پنهنجي خوابن ۾ هٿ ڌوئي رهي هوندي آهيان. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ارمينا خان سگريٽ واپارائندڙن کي اهڙي عادت ڇڏڻ جي صلاح ڏني هئي.

”پيراسائيٽ“فلم منهنجي فلم جي ڪاپي آهي:ڀارتي پروڊيوسرجي دعويٰ

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي پروڊيوسر دعويٰ ڪئي آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ ڏکڻ ڪوريائي فلم “پيراسائٽ” سندس فلم مان ورتي وئي آهي ۽ هو ڪورين ڊائريڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪرائيندو. پروڊيوسر پي ايل ٿيناپن موجب ڏکڻ ڪوريا جي فلم پيراسائيٽ جي ڪهاڻي 1999ع ۾ رليز ٿيل سندس تامل فلم منساراڪنا مان چوري ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ڪوريائي فلم ساز بونگ جون هو جي پيش ڪش پيراسائيٽ آسڪر ايوارڊ ماڻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي هئي.

مايا علي ۽ شهريا منور جو فوٽو شوٽ مڪمل

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مايا علي ۽ شهريار منور هڪ برانڊ لاءِ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب مايا علي انسٽاگرام تي فوٽو شوٽ جون ڪجهه تصويرون به جاري ڪيون جنهن ۾ کيس ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريل آهي.

سيف ڪرينا جي ڪڪي تيمور جون اکيون متاثر ڪندڙ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار جوڙي سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي پٽ تيمور علي خان جون اکيون متاثر ڪندڙ بڻجي ويون آهن دنيا جي مختلف اخبارن ۽ ميگزين تيمور جي اکين کي فوڪس ڪندي پنهنجي ٽائيٽل پيجز تي رکيو آهي. ان حوالي سان سيف علي خان جو چوڻ آهي ته تيمور هاڻي کان ئي دنيا جي نظرن تي آهي ۽ هو خوشي محسوس ڪري رهيا آهن.

ڀارتي عورت ريپر پاران “ڪشمير ٽو خالصتان” گانو جاري

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي عورت ريپر هارڊ ڪور هڪ گانو جاري ڪيو آهي جنهن جا ٻول ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف وڃن ٿا. ڪشمير ٽو خالصتان جي عنوان سان گاني ۾ ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ سکن توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت ٻڌايو ويو آهي. ٽن منٽن 12 سيڪنڊن جي وڊيو جي شروعات ۾ چيو وڃي ٿو ته بي جي پي دهشگردن جو ٽولو آهي. ان کان اڳ ڳائڻي هارڊ ڪور هڪ ٻي وڊيو پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو هو. ڪرتارپور راهداري کولڻ تي ڳائڻي وزيراعظم پاڪستان جي واکاڻ به ڪئي هئي. ڪندي انسٽاگرام تي پوسٽ پڻ شيئر ڪئي هئي.

محبت جي شادي جو ڪو ارادو ناهي: سارا خان
والدين جي پسند کي پنهنجي پسند تي ترجيح ڏينديس

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سارا خان چيو آهي ته هو محبت جي شادي تي يقين نٿي رکي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اداڪارا چيو آهي ته هو محبت جي شادي تي يقين نٿي رکي ۽ پسند جي شادي ڪرڻ بدران پنهنجي والدين جي پسند کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي. سارا خان هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو هميشه اهو سمجهندي آهي ته عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور آهن. ان لاءِ حقن جي برابري لاءِ وڙهڻ جو ڪو سبب نٿي بڻجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ هر ڏکيائي مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ هميشه ڏکيائين جو مقابلو ڪيو آهي.

ڪيٽي وومين ٽي ٽوئنٽي فائنل جي تقريب ۾ پرفارم ڪندي

ڪراچي (شوبز نيوز) وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايندڙ سال فيبروري ۾ شروع ٿيندو ۽ 8 مارچ تائين جاري رهندو. فائنل عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي منعقد ڪيو ويندو ۽ هڪ انوکو رڪارڊ قائم ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ سي سي جون مشهور شوبز شخصيتن سان ڳالهيون جاري آهن. ڳالهين تحت اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته فائنل جي موقعي تي آمريڪي ڳائڻي ڪيٽي پيري به شاندار پرفارمينس ڪندي. آءِ سي سي جي جاري ڪيل بيان موجب ڪي ٽي پي فائنل دوران ٻه ڀيرا پرفارمينس ڪندي. انتظاميا کي اميد آهي ته هڪ نئون عالمي رڪارڊ ٺاهي سگهجي ٿو. انتظاميا چاهي ٿي ته وڌ کان وڌ ماڻهو فائنل ميچ ڏسن