تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*
اداڪارا مائرا خان ڪورونا کان انٽرويو وٺي ڇڏيو!
مائرا خان ٻٽي ڪردار ۾ پنهنجي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مائرا خان سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ موت مار ڪورونا وائرس جو انٽرويو ورتو. اداڪارا طرفان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اين فائيو ماسڪ پهريل اداڪارا ڪنهن وائرس يا اڻ ڄاڻ مخلوق جو انٽرويو ڪري رهي آهي. وڊيو ۾ اداڪارا ٻٽي ڪردار ۾ نظر اچي رهي آهي. اداڪارا ويمپائرز سان ڀيٽ رکندڙ ميڪ اپ ڪري پاڻ کي ڪورونا جي ڪردار ۾ پيش ڪيو. انٽرويو ۾ اداڪارا ڪورونا کان پڇي ٿي ته هو ڪير آهي جنهن تي ڪورونا پنهنجو نالو ڪورونا، سرنيم وائرس، عرفيت ڪووڊ، 19 سال، ماءُ جو نالو چين، دوست آمريڪا جڏهن ته اڳوڻو دوست اٽلي ٻڌائي ٿو.

ڪورونا وائرس: ماريا بي جي ملازم جي ٽيسٽ ناڪاري آئي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ڊيزائنر ماريا بي جي ملازم ۾ هلندڙ مهيني ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جڏهن ته هاڻي ٻيهر ڪيل ٽيسٽ ۾ نتيجا ناڪاري آيا آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ذريعن آچر تي ٻڌايو ته ڊيزائنر ماريا بي جي ملازم جو 26 مارچ تي ٻيهر ٽيسٽ ٿي جيڪا ناڪاري آئي

شهزاد راءِ ڪراچي ۾ صفائي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني ڳائڻي شهزاد راءِ چيو آهي ته ڪراچي صاف سٿرو شهر آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڳائڻي شهزاد راءِ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪراچي جي گندگي جو اندازو لڳائي گسهجي ٿو هن لکيو ته انشاءَالله اسان جي قوم ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪندي ۽ ماشاءَالله ڪراچي صاف سٿرو شهر آهي.

“مون کي آئيسوليشن ۾ اڪيلو نه ڇڏجانءِ” هانيا عامر جي ڊانس وائرل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا هانيا عامر آمريڪي گاني تي انوکي ڊانس پيش ڪري مداحن جون دليون کٽي ورتيون. اداڪارا پنهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيو کي انسٽاگرام اڪائونٽ تي انتهائي دلچسپ ڪيپشن سانشيئر ڪيو. وڊيو ۾ اداڪارا آمريڪي نوجوان ڳائڻي جي ڳايل مشهور گاني “هسٽل اينڊ فلو” تي انوکي انداز ۾ رقص ڪري رهي آهي. وڊيو شيئر ڪندي اداڪارا لکيو ته “مان چيو هو ته مون کي آئيسوليشن ۾ اڪيلو نه ڇڏجانءِ” هن دلچسپ ڪيپشن تي سندس مداحن جي وڏي انگ سندس واکاڻ ڪئي ۽ وڊيو کي پسند ڪيو.

همايون ائين ئي ڪم ڪندو رهيو ته حادثاتي طور اداڪاري سکي ويندو: نعمان اعجاز
همايون سعيد جي هڪ وڊيو ڪلپ ڏسي لڳو ته اڃا تائين هو اداڪاري ناهي سکي سگهيو

ڪراچي(انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي وي اداڪار نعمان اعجاز جو چوڻ آهي ته همايون سعيد ائين ئي ڪم ڪندو رهيو ته هڪ ڏينهن اداڪاري سکي وٺندو. پاڪستاني ٽي وي اداڪار نعمان اعجاز ۽ اداڪار ۽ هدايتڪار واسع چوڌري جي هڪ وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو اداڪار همايون سعيد ۽ عدنان صديقي بابت ڳالهائي رهيا آهن جڏهن ته وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ نعمان اعجاز کي مداحن طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وڊيو ۾ نعمان اعجاز جو چوڻ آهي ته هو انٽرنيٽ تي مختلف شيون ڏسي رهيو آهي ۽ ان دوران هن همايون سعيد جي هڪ لکپ ڏٺي ته کيس لڳو ته وقت سان گڏوگڏ اداڪار گهڻو ڪجهه سکي وڃن ٿا پر همايون اڃان تائين نه سکي سگهيو آهي. نعمان اعجاز وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن همايون سعيد اهڙي ريت ڪم ڪندو رهيو ته هڪ ڏينهن حادثاتي طور اداڪاري سکي وٺندو.

ڪورونا کان پاڪ پاڪستان جي ذميواري اسان جي آهي: شنيرا اڪرم

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور سماجي ڪارڪن شنيرا اڪرم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون ۾ نرمي ٿئي ٿي ته ماڻهو احتياطي اپائن تي عمل جاري رکن ڇو ته ڪورونا کان پاڪ پاڪستان جي ذميواري اسان جي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي زال شنيرا اڪرم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيوته ماڻهو لاڪڊائون ۾ نرمي جي صورت ۾ گهرن کان ٻاهر وڃڻ وقت ماسڪ ۽ گلوز استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائين.

الله تي يقين رکڻ وارن کي ڪو نقصان نٿو پهچي: نيلم منير

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪارا نيلم منير سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن لاءِ هڪ پيغام جاري ڪيو آهي. اداڪارا نيلم منير انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ چانڊڪي کي چمڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اداڪارا لکيو ته اسان مان جيڪي الله تي يقين رکن ٿا انهن کي سندن ڪمزوري ڪوبه نقصان نٿي پهچائي سگهي. جيڪي الله کانپري آهن انهن کي سندن طاقت ڪو فائدو نٿي ڏئي سگهي. الله طرفان بهترين اميد رکڻ اسان جي زندگي جي خوشي ۽ ڪاميابي لاءِ سڀ کان اهم آهي. هڪ ٻي پوسٽ ۾ اداڪارا پنهنجي تصوير به شيئر ڪئي.

وائرس جون علامتون ظاهر ٿيڻ تي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي: همايون

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار همايون سعيد ڪورونا وائرس جي حوالي سان آگاهي وڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي. هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اوهان ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿين ته اوهان کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي پر اوهان گهر ۾ ئي رهو، حڪومت جي ٽيلي ميڊيسن هيلپ لائن تي فون ڪري پنهنجي طبيعت بابت ٻڌايو. هن حڪومتي هيلپ لائين جا نمبر به ٻڌايا. واضح رهي ته همايون سعيد کانسواءِ ڪيترائي فنڪار ڪورونا وائرس جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي احتياطي اپاءُ ٻڌائيندي سماجي فاصلا رکڻ لاءِ صلاحون ڏئي رهيا آهن.

سونم ڪپور جو مڙس آنند لاءِ محبت جو پيغام

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سونم ڪپور شادي جي ٻي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي مڙس آنند آهوجا لاءِ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو. 8 مئي 2018ع تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ ڀارتي اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي شادي جي ٻي سالگرهه جي موقعي تي انسٽاگرام تي آنند آهوجا سان گڏ ورتل تصوير شيئر ڪئي ۽ مڙس لاءِ محبت ڀريو پيغام به جاري ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته هي اها تصوير آهي جيڪا مان پهريون ڀيرو آنند سان ورتي هئي. اڄ کان 4 سال اڳ منهنجي آنند سان ملاقات ٿي هئي جڏهن هو يوگا ۽ ڪاروبار ۾ ڳالهائي رهيو هو مان حيرت جوڳي طور تي آنند کي پرسڪون ۽ ٿڌي مزاج جو شخص سمجهيو هو.

پاڪستان ۾ ٽي وي کانپوءِ ٿيٽر ڪرڻ ناڪامي سمجهيو وڃي ٿو: گوهر رشيد

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار گوهر رشيد چيو آهي ته پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ جيڪڏهن ڪو اداڪار ٽي وي ۽ فلم کانپوءِ ٿيٽر ڪرڻ جي چونڊ ڪري ته اهو سندس ڪيريئر جو غلط فيصلو هوندو آهي. گوهر رشيد پنهنجي ڪيريئر ۾ ٿيٽر، ٽي وي ۽ سينما ٽنهي ۾ ڪم ڪيو آهي نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن چيو ته اڄ به يقين نه ٿو اچي ته هو شوبز انڊسٽري ۾ اداڪار جي طور تي ڳڻيو پيو وڃي ڇو ته کيس پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا تنقيد ڪئي وئي هئي. بس اهو سڀ الله جي مهرباني آهي.

عرفان خان عالمي وبابابت فلم۾ڪم ڪرڻ واروهو: هدايتڪارجو انڪشاف
مان ۽ عرفان خان پوني وڃي رهيا هئاسين ۽ اسان ٻنهي وچ ۾ سٺي دوستي ٿي وئي: آنند گانڌي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار عرفان خان انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جو اهم حصو هو، سندس لاڏاڻي جي خبر سندس مداحن ۽ سڄي دنيا جي فنڪارن کي ڏکارو ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب عرفان خان هدايتڪار آنند گانڌي جي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارو هو جنهن جو نالو “ايمرجنس” هو. هن فلم جي ڪهاڻي عورت سائنسدانن تي ٻڌل هئي جيڪي هڪ وبائي مرضن خلاف جنگ وڙهن ٿيون. هن فلم جي حوالي سان هدايتڪار آنند گانڌي جو چوڻ هو ته “عرفان ۽ مان هڪ ڀيرو گڏ پوني وڃي رهيا هئاسين جنهن کانپوءِ اسان جي سٺي دوستي ٿي وئي، هو مون سان گڏ ايمرجنس نالي فلم ۾ ڪرڻ وارو هو، ڪاش مان ساڻس گڏ ڪنهن پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪيو هجي ها. هدايتڪار اهو به انڪشاف ڪيو ته هن فلم لاءِ هن وبائي مرضن جي ماهر ليري بريليئنٽ سان به رابطو ڪري ورتو هو جيڪو هن فلم جي ايگزيڪٽو پروڊيوسر بڻجڻ واري هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته “منهنجي فلم جي اسڪرپٽ ۾ وبائي مرضن سان گڏ سياست ۽ ٻيا اهم موضوع به پيش ڪرڻ هئا. هي پراجيڪٽ آمريڪي اسٽوڊيو سان گڏجي ٺاهڻو هو. ياد رهي ته عرفان خان آخري ڀيرو بالي ووڊ فلم انگريزي ميڊيم ۾ ڪم ڪندي نظر آيو.

“ارطغرل غازي” جي اداڪاره ايسرا جي پاڪستاني هم شڪل
اداڪارا ايسرا بلجيڪ جي پاڪستان ۾ واکاڻ، صارفين هم شڪل ڳولي ورتي

راچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اردو ۾ نشر ٿيندڙ ترڪش سيريز ارطغرل غازي ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ايسرا بليجيڪ جي همشڪل سامهون اچي وئي. ترڪش سيريز ارطغرل غازي کي پاڪستاني عوام طرفان پسند ڪيو پيو وڃي. اداڪارا ايسرا بلجيڪ جي خوبصورتي ۽ جاندار اداڪاري جي به واکاڻ ڪئي پئي وڃي. ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته ايسرا جو چهرو پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل عليزي گبول سان ملي ٿو. عليزي گبول پاڪستاني فلم رنگ ريزه ۾ بلال اشرف سان گڏ اداڪاري ڪئي هئي. ماڊلنگ ۾ نالو ڪمائيندڙ 24 سالن جي عليزي هڪ ڌيءُ جي ماءُ آهي.

جنگي منظرن تي ٻڌل فلم “گري هائونڊ” جو ٽريلر جاري

ڪراچي (شوبز نيوز) جنگي منظرن سان ڀرپور فلم “گري هائونڊ” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم جي ڪهاڻي 1955ع ۾ لکيل سي ايس فورسٽر جي ناول “دي گڊ شيفرڊ” تي ٻڌل آهي جنهن ۾ جرمن فوجي آمريڪي بحيره کي ڏکيائي ۾ وجهي ڇڏين ٿا. واضح رهي ته فلم 12 جون تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي جنهن جو مداحن کي بي صبري سان انتظار آهي. هوڏانهن فلم جا وڌيڪ ٽريلر جلد سامهون ايندا.

ميرا جسم ميري مرضي تي بحث بدران توبهه ڪريو: رابي

ڪراچي (شوبز نيوز) اڳوڻي ڳائڻي رابي پيرزادا چيو آهي ته ميرا جسم ميري مرضي جهڙي پيغام تي بحث ڪرڻ بدران جيڪڏهن اسان الله تعاليٰ کان توبهه ڪريون ته بهتر هوندو. اڳوڻي ڳائڻي ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي مداحن کي اهڙي صلاح ڏني.

دعاآهي2020ع فلم انڊسٽري لاءِڪاميابين جوسال ثابت ٿئي: حيدرسلطان

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪار حيدر سلطان چيو آهي ته دعا آهي ته 2020ع فلم انڊسٽري سميت پاڪستان جي هر شعبي لاءِ ڪاميابين جو سال ثابت ٿئي. مان جيڪو ڪم 2019ع ۾ نه ڪري سگهيس ان کي نئين سال ۾ انجام ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيان. خابرو اداري سان ڳالهائيندي حيدر سلطان چيو ته منهنجون 3 فلمون آهن وڌيڪ فلمون پروڊيوس ڪندس، نئين سال خواهشن موجب ڪم ڪندس.

اداڪار سعود به فلم ٺاهڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ناليواري اداڪار سعود به فلم ٺاهڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٽي وي شو ۾ هن چيو ته جنهن فلم انڊسٽري کيس شهرت ڏني ان جي ڪاميابي لاءِ هو به حصو ملائي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته آئون فلم جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهيان جلد ئي ان کي قطعي شڪل ڏيندس. واضح رهي ته اداڪار سعود اڄڪلهه هڪ ٽي وي چينل تي پروگرام ڪري رهيو آهي.

پيرس: ڪورونا وائرس سبب آرٽ ميوزيم بند، سياح پريشان
دنيا ۾ مقبول پيرس جو لوور ميوزيم ڪورونا وائرس سبب بند ڪيو ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) آرٽ ۽ فن جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ انوکي اهميت رکندڙ يورپي ملڪ فرانس جي راڄڌاني ۾ موجود لوور ميوزيم کي ڪورونا وائرس سبب بند ڪيو ويو آهي. هن ميوزيم ۾ روزانو 5 هزار سياح اچن ٿا ۽ هتي 35 هزار کان وڌيڪ آرٽ نمونا ۽ فن پارا موجود آهن. خابرو اداري اي پي موجب لوور ميوزيم جي ورڪر يونين جي صدر چيو آهي ته ميوزيم کي وائرس جي پکيڙ سبب عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. هن سياحن کي تڪليف پهچڻ تي معذرت ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته لوور کي جلد کوليو ويندو. ميوزيم جي ويب سائيٽ موجب ميوزيم صحت جي اپائن تحت کنيو ويو آهي.

پي آءِ ايس ايوارڊ جي تقريب دبئي ۾ ٿيندي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي پهرئين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز جي تقريب دبئي ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ماهرا خان، صبا قمر ۽ فواد خان سميت ٻيا اسٽارز شرڪت ڪندا. گلف نيوز موجب دبئي پاڪستان جي پهرئين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ايوارڊز جو اعلان تازو دبئي سان واسطو رکندڙ ايوارڊز تقريب جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر فيصل خان ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ ناهي جنهن کي عالمي پليٽ فارم تي ڏيکارڻ گهرجي. فيصل خان وڌيڪ چيو ته تقريب دوران اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊن سان نوازيو ويندو. ايوارڊ جي تقريب ۾ ماهرا خان، فواد خان، صبا قمر، عائشه عمر، اشنا شاهه، حريم فاروق، ثروت گيلاني، عمران عباس، شهريار منور، جاويد شيخ، عمير جيسوال، جنيد خان، سارا لورين، ولاگر مورو، اسٽرينگز، فرحان سعيد، عروه ۽ ماورا حسين سميت ٻيا فنڪار جي شرڪت جو امڪان آهي. اداڪارا مهوش حيات شوٽنگ سبب ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي. ايوارڊ تقريب ايندڙ سال 7 فيبروري تي منعقد ڪئي ويندي.