تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *
سلميٰ کانپوءِشيري جوبه جويريه۽سعودتي لکين رپياڦٻائڻ جوالزام
شيري به سلميٰ ظفر جيان سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي جويريه ۽ سعود تي الزام لڳايا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي اداڪارا سلميٰ ظفر جي وڊيو منطڙ عام تي آئي هئي جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته اداڪارا جويريه ۽ سندس مڙس سعود سندس تقريبن هڪ ڪروڙ رپيا ڦٻائي ويا آهن. سلميٰ ظفر جويريه ۽ سعود جي پراڊڪشن هائوس تي نه رڳو رقم ادا نه ڪرڻ فنڪارن سان اڻ وڻندڙ ورتاءُ جو به الزام لڳايو هو. هاڻي اداڪارا شيري به سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته جويريه ۽ سعود سندس تقريبن 90 لک رپيا ادا نه ڪيا آهن. اداڪارا شيري پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته منهنجي هي وڊيو ٺاهڻ جو مقصد ڪنهن جي جذبن کي ڇيهو رسائڻ ناهي. هن چيو ته مان اداڪارا سلميٰ ظفر جي وڊيو به ڏٺي هئي مان کيس سمجهي سگهان ٿي ڇو ته مون سان به بلڪل ائين ئي ٿيو آهي، مان جي جي ايس پراڊڪشن سان 6 کان 7 سال ڪم ڪيو آهي ۽ ان دوران گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مان ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر مون کي ٺيڪ جواب نه مليو ۽ هاڻي ان معاملي کي 10 سال گذري ويا آهن هاڻي هي وقت سچ سامهون آڻڻ جو آهي. ٻئي پاسي اداڪارا سلميٰ ظفر جي وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ اداڪارا جويريه سعود سلميٰ خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. جويريه سعود پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته جي جي ايس پراڊڪشن سلميٰ ظفر جي ڪوڙن الزامن تي قانوني ڪارروائي ڪندو.

امبر هرڊ تشدد ڪيس جون ٻڌڻيون مڪمل

لنڊن (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪار 57 سالن جي جوني ڊيپ طرفان برطانوي اخبار دي سن خلاف داخل ڪيل ڪيس جون ٻڌڻيون مڪمل ٿي ويون آهن. هي ڪيس اپريل 2018ع ۾ جوني ڊيپ برطانوي اخبار خلاف داخل ڪيو هو. هن ڪيس ۾ 27 ۽ 28 جولاءِ تي جوني ڊيپ، برطانوي اخبار دي سن جي وڪيلن ۽ امبر هرڊ جي وڪيلن حتمي دليل ڏنا. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب حتمي دليلن دوران جوني ڊيپ جي وڪيلن دعويٰ ڪئي ته امبر هرڊ عدالت کي گمراهه ڪيو ۽ هن پاڻ تي تشدد جون تاريخون هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪيون. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ لنڊن جي عدالتن ۾ ساليانيون موڪلون آهن جنهن سبب خيال ڪيو پيو وڃي ته فيصلو ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ٻڌايو ويندو. رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته ممڪن آهي ته ڄاڻايل فيصلو ايندڙ سال ٻڌايو ويندو جڏهن ته ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

سوشانت جهڙو ماڻهو آپگهات نٿو ڪري سگهي: ڊاڪٽر

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آپگهات ڪندڙ بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت جي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته سوشانت جهڙو زنده دل انسان آپگهات نٿو ڪري سگهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڊاڪٽر رضي احمد چيو آهي ته کيس ان ڳالهه تي يقين نه پيو اچي ته سوشانت آپگهات ڪيو آهي. هو هڪ زنده دل انسان هو ۽ مون کي نٿو لڳي ته هن آپگهات ڪيو. آهي.

فنڪارن جو پب جي تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور فنڪارن وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته آن لائين گيم پب جي تي لاڳو ڪيل پابندي هٽائي وڃي. ٽوئٽر تي مشهور اداڪارا فيروز خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مون کي واقعي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته حڪومت کي پب جي گيم تي پابندي لڳائڻ جي صلاح ڪنهن ڏني. اداڪارا هانيا عامر به آن لائين گيم تي لڳايپ پابندي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته گيمنگ ڪو ڏوهه ناهي ۽ ان تي پابندي لڳائڻ سان حڪومت کي نفرت ۽ ڪاوڙ کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. ٻئي پاسي عاصم اظهر ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مسئلو رڳو گيم تي پابندي لڳائڻ جو جو ناهي پر ان تي پابندي سان پاڪستان جي ڊيجيٽل مستقبل تي خراب اثر پوندو.

ايسراپاڪستان۾جيون ساٿي ڳولي ورتو؟مان ته تيارئي نه هيس:احمد علي بٽ
پاڪستان ۾ پنهنجو نمبر ون ڳولي ورتو آهي: ترڪش اداڪارا ايسرا بلجڪ جو ٽوئيٽ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي ڪاميڊين اداڪار احمد علي بٽ ترڪ اداڪارا ايسرا بلجڪ جي ٽوئيٽ تي تصوراتي طور تي پنهنجي لاءِ سمجهندي مزاحيه رد عمل ڏنو آهي. ٿيو ائين جو گذريل ڏينهن جڳ مشهور ترڪ سيريز ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جو ڪردار ادا ڪندڙ ايسرا بلجڪ پاڪستانين لاءِ انوکو پيغام شيئر ڪيو. ايسرا پنهنجي مختصر پيغام ۾ لکيو هو ته هن پاڪستان ۾ پنهنجو نمبر ون ڳولي ورتو آهي. ٽوئٽ ۾ اهو واضح ناهي ته هو ڪنهن کي نمبر ون قرار ڏئي رهي آهي. اداڪارا طرفان ڪا وضاحت ناهي ڏني وئي پر سوشل ميڊيا صارفين اهڙي ٽوئيٽ تي ڳڻتي ۾ آهن ته نيٺ هو ڪنهن کي نمبر ون قرار ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مختلف اندازا به لڳائي رهيا آهن. ان ڏس ۾ احمد علي بٽ به تبصرن ۾ حصو ورتو ۽ مزاحيه پيغام شيئر ڪيو جنهن تي صارفين به مرڪي پيا. احمد علي بٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري شيئر ڪندي لکيو ته مان ته اهڙي ڪنهن ڳالهه لاءِ تيار ئي نه هيس، نيٺ اسرا مون کي ڳولي ورتو. هن ايسرا جو ٽوئيٽ به پنهنجي اسٽوري ۾ شيئر ڪيو جيئن صارفين کي ان بابت آگاهه ڪري سگهي. سوشل ميڊيا تي ايسرا جي ٽوئيٽ وارو موضوع ٽاپ تي آهي ۽ هن ٽوئيٽ فنڪار برادري جو به ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. پاڪستاني شوقين مختلف اندازا لڳائي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ هن ڪنهن کي نمبر ون قرار ڏنو آهي. پهريان اسان جو ڪم ۽ هاڻي اسان جو نوجوان کڻي وئي: ياسر حسين ڪراچي: ايسرا جي ٽوئيٽ تي ياسر حسين به پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. ياسر حسين انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري ۾ ايسرا جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي طنزيه انداز ۾ لکيو ته پهريان اسان جو ڪم ورتو ۽ هاڻي اسان جا نوجوان؟ واضح رهي ته هن وقت سمورو پاڪستان ترڪش سيريز ارطغرل غازي جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي ۽ اداڪار ۽ ميزبان ياسر حسين کي ترڪي جو ڊرامو ۽ ان جا اداڪارا ٽڪو نٿا وڻن ۽ هو مختلف وقتن ۾ مخالفت ڪري ٿو.

سوشانت سڙڪ 2 ۾ اداڪاري جو خواهشمند هو: مهيش ڀٽ

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات جي جاچ جاري آهي ۽ فلم ساز مهيش ڀٽ به ان سلسلي ۾ اڄ پوليس وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي. مهيش ڀٽ پوليس کي ٻڌايو ته هن سوشانت سنگهه راجپوت سان رڳو 2 ڀيرا ملاقات ڪئي پهريان ملاقات 2018ع ۽ ٻي فيبروري 2020 ۾ ٿي هئي. مهيش ڀٽ موجب سندس فليٽ تي ويو هيس ڪتاب ۽ يوٽيوب چينل کولڻ بابت ڳالهيون ٿيون هيون. هن انڪشاف ڪيو ته سوشانت سنگهه فلم سڙڪ 2 ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند هو هن ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو هو ته سوشانت کي ڪاسٽ ڪجي يا نه. کيس سڙڪ 2 جي مک ڪردار لاءِ ڪاسٽ نه ڪيو ويو. ڇو ته فلم پهريون ڀيرو فلم جي هيرو سنجي دت سان ئي ٺاهڻي هئي.

ڪورونا جو ڊپ ختم، هالي ووڊ فلم 70 ملڪن ۾ رليز ٿيندي

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا جا نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن پر لڳي ٿو ته هاڻي ڪورونا وبا جو ڊپ ختم ٿي رهيو آهي جنهن جو تازو مثال وارنر برادرز طرفان ايندڙ مهيني فلم رليز ڪرڻ جو اعلان آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب وارنر برادرز ۽ اي ٽي اينڊ ٽي اسٽوڊيو 27 جولاءِ تي اعلان ڪيو ته فلم کي ايندڙ مهيني 26 آگسٽ تي رليز ڪيو ويندو. پراڊڪشن هائوس طرفان فلم رليز ڪرڻ واري اعلان جو آمريڪا ۽ يورپ سميت ٻين خطن ۾ سينما مالڪن به آجيان ڪئي آهي جڏهن ته حڪومتي عهديدارن رلم جي رليز واري اعلان تي هيل تائين ڪو رد عمل ناهي ڏنو. ٽينيٽ جو پهريون ٽريلر ڊسمبر 2019ع ۾ سامهون آيو هو. فلم کي جولاءِ 2020ع ۾ رليز ڪرڻو هو پر وبا سبب رليز ملتوي ڪئي وئي هئي.

ڪم ذريعي شعور اجاڳر ڪرڻ چاهيان ٿي: نازش جهانگير

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا نازش جهانگير چيو آهي ته هو انوکو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. هن هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته سندس خواهش آهي ته هو پنهنجي ڪيريئر ۾ هر قسم جا پر منفرد ڪردار ادا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي ذريعي ماڻهن ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ چاهي ٿي.

ڪورونا کي مات ڏيندڙ ايشوريا مداحن جي ٿورائتي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس کي مات ڏيندڙ ڀارتي فلم اسٽار ايشوريا راءِ بچن مداحن جا ٿورا مڇيا آهن. انسٽاگرام تي ايشوريا راءِ بچن هڪ تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ اداڪارا ۽ سندس ڌيءَ اراڌيا بچن انوکي انداز ۾ پنهنجي پرستارن جا ٿورا مڃيندي نظر اچن ٿيون. تصوير پوسٽ ڪندي ايشوريا راءِ بچن لکيو ته مان انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان جن ڏکئي وقت ۾ اسان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ اسان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايشوريا لکيو ته مان اوهان سڀني جي هاڪاري رد عمل ۽ حمايت لاءِ هميشه اوهان جي ٿورائتي رهنديس. ڀارتي فلم اسٽار رڳو جي پوسٽ تي ڪجهه ڪلاڪن ۾ 4 لک 19 هزار کان وڌيڪ لائيڪس آيا. ان کان اڳ اڀيشڪ بچن ٽوئٽر تي مداحن کي ايشوريا راءِ بچن ۽ ڌيءَ اراڌيا بچن جي صحت جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٽوئيٽ ڪيو هو. اڀيشيڪ ٽوئيٽ ۾ مداحن طرفان جاري ڪيل پيغامن تي سندن ٿورا مڃيا ۽ ٻڌايو ته ٻنهي جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي.

ايمي ايوارڊز لاءِ نيٽ فليڪس جون 160 نامزدگيون!

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ايمي ايوارڊز جي تقريب سيپٽمبر ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. هلندڙ سال پهريون ڀيرو ايمي ايوارڊز جي نامزدگين ۾ لچڪ ڏيکاريندي هر عمر، رنگ ۽ نسل جي عورتن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن ڀيري سڀ کان وڌيڪ ڪاري نسل جي اداڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي ايوارڊز ڪيترا ڪاري نسل جا فنڪار کڻن ٿا. هلندڙ سال ايمي ايورڊز لاءِ سڀ کان وڌيڪ نامزدگيون ويب اسٽريمنگ چينل نيٽ فليڪس جي ڊرامن کي مليون آهن ۽ مجموعي طور تي ويب سائيٽ 160 نامزدگيون حاصل ڪيون آهن.

ويجهڙائي اها آهي جو ڪير خاموشي به پڙهي سگهي: مهوش
اداڪارا مهوش حيات پنهنجي تصوير شيئر ڪندي پيغام لکيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) تمغه امتياز ماڻيندڙ مهوش حيات جو چوڻ آهي ته ويجهڙائي اها آهي جڏهن ڪير اوهان جي خاموشِ پڙهي سگهي ۽ سمجهي سگهي. مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر تي مهوش حيات ويجهڙائي بابت هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي. اداڪارا جي چوڻ جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته اوهان ان شخص کي پنهنجي جذبات ۽ ڪيفيت بابت نه ٻڌائيندا پر هو پوءِ به اوهان جي احساسن کي سمجهي ويندو. مهوش حيات جي اهڙي ٽوئيٽ جي حمايت ۾ صارفين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

سوشانت کي ٽن فلمن جي آڇ ڪئي پر هن انڪار ڪيو: انوراگ ڪشيپ
سوشانت سنگهه راجپوت وڏن پراڊڪشن هائوسز ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند هو

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ولن ڊائريڪٽر جي طور تي مشهور فلم ساز انوراگ ڪشيپ انڪشاف ڪيو آهي ته هن آپگهات ڪندڙ اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ڀارتي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي انوراگ ڪشيپ انڪشاف ڪيو ته هن 2012ع ۾ پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم گينگ آف واسع پور ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي پر هن انڪار ڪيو هو. انوراگ ڪشيپ موجب سوشانت سنگهه راجپوت ساڻس ڪم ڪرڻ بدران يش راج چوپڙا ۽ ڌرما پراڊڪشن جهڙن پراڊڪشن هائوسز سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند هو. انوراگ ڪشيپ موجب گينگ آف واسع پور ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار کانپوءِ به هن سوشانت سنگهه راجپوت کي هڪ ٻي فلم هنسي تو ڦنسي ۾ ڪم جي آڇ ڪئي پر هن ٻيهر انڪار ڪيو ۽ ٽيون ڀيرو کيس مڪا باز نالي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر هن ڀيري به هن انڪار ڪيو هو. هدايتڪار موجوب ٽيون ڀيرو هو ڪرن جوهر جي پراڊڪشن هائوس ڌرما پراڊڪشن سان ڪم ڪرڻ چاهي پيو.

چڪ واسي سيد سڪندر شاهه راڳ ۽ موسيقي جو ڄاڻو هو جنهن ڪيترائي شاگرد متعارف ڪرايا

چڪ: چڪ واسي مرحوم سيد سڪندر شاهه صوفياڻي راڳ، سنڌي موسيقي ۽ سازن جو وڏو ڄاڻو هيو جنهن پنهنجي وقت ۾ ڪيترائي شاگرد متعارف ڪرايا جن ۾ چڪ واسي رميش لعل، احسان شيخ، سيد منور شاه، ساگر ڪمار، سونو ڪمار، آڪاش ڪمار هن وقت چڪ جا مڃيل سٺا نوجوان ڍولڪ ۽ طبلي نوازن ۾ شامل آهن جن موسيقي سان جڙيل فن جي سکيا سينيئر ڍولڪ نواز موسيقي ۽ راڳ جي فن جو علم رکندڙ مرحوم سيد سڪندر شاهه کان ورتي جيڪو سنڌي موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو ۽ پنهنجي وقت ۾ اتر سنڌَ جو جَڳ مشهور ڍولڪ نواز هو.

پرستارن مون کي وڏي اميد ۽ طاقت ڏني: ناديه جميل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪاره  ۽ سماجي ڪارڪن ناديه جميل  چيو آهي ته منهنجي هر هڪ چاهيندڙ  مون کي تمام گهڻي اميد ۽ طاقت ڏني آهي. ڪينسر جهڙي موذي مرض کي شڪست ڏيندڙ مشهور اداڪاره ۽ سماجي ڪارڪن ناديه جميل پنهنجي مداحن کي دعائون ۽ نيڪ خواهشن جي لاءِ تمام گهڻو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته اوهان سڀني جي محبت، پيغام ۽ تعاون مون کي تمام گهڻو خوش ڪيو آهي  مان سمورن پيغامن کي پڙهندي آهيان ۽ ڳوڙهن سان گڏ مسڪرائيندي به آهيان. اداڪاره چيو ته مان هر هڪ جي پيغام جو جواب نٿي ڏئي سگهان پر  منهنجي هر هڪ چاهيندڙ مون کي تمام گهڻي اميد ۽ طاقت ڏني آهي.

هارون رشيد مداحن سان رابطي ۾ رهڻ تي ٽيڪنالاجي جو ٿورائتو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ميوزڪ انڊسٽري جو مشهور ڳائڻي هارون رشيد پنهنجي مداحن کي آئيسوليشن ۾ ٽيڪنالاجي جو بهترين استعمال ڪرڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به لاڪ ڊائون جاري آهي. ڳائڻي هارون انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته مان ڪوروناجي هن دور ۾ وڊيو ڪالز جو استعمال ڪريان ٿو، وڊيو ڪالز کي مان پنهنجي ڪٽنب وارن ۽ دوستن سان ڳالهين لاءِ استعمال ڪريان ٿو، مان ريموٽ جي سهڪار سان پراڊڪشن ڪمپني ۽ ميٽنگز جو بندوبست ڪريان ٿو. هن لکيو ته انسٽاگرام تي لائيو سيشن مان اهو فائدو ٿيوآهي ته مداحن لاءِ پرفارم ڪري سگهان ٿو،ڳالهائي به سگهان ٿو مون کي هي ٽيڪنالاجي پسند اچي رهي آهي.

فلم ”دي روڊزناٽ ٽيڪن“ 13 مارچ تي رليز ٿيندي

ڪراچي (شوبز نيوز) آمريڪي فلم دي روڊزناٽ ٽيڪن جو ٽريلر جاري ڪيو ويو هو جڏهن ته فلم کي 13 مارچ تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. سالي پوٽر جي هدايتڪار ۾ ٺهندڙ فلم دي روڊز ناٽ ٽيڪن جو ٽريلر 7 فيبروري تي رليز ڪيو ويو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ ايلي فاننگ، سلما هائيڪ، جاوير برڊم ۽ لوراليني شامل آهن. فلم 13 مارچ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

30 سال راڳ کي ارپيندڙ فقير ديدار اوڏ بٺي تي مزدوري ڪري ٿو
راڳ ڳائي گذر سفر ڪندا هياسين پر هاڻي پيٽ نٿا پالي سگهون: منظور ميراڻي

چڪ: فقير ديدار اوڏ سنڌي صوفياڻي راڳ جو سٺي ڄاڻ رکندڙ فنڪار جنهن 30 سال فن کي ڏنا پر سندس ڪلا جو قدر نه ٿي سگهيو جنهن ڪري هن وقت هو گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ سکر جي هڪ بٺي ته مزدوري ڪري ٿو. فقير ديدار اوڏ جو چوڻ هو 11 سالن جي عمر ۾ راڳ ته دل مائل ٿي پورا 30 سالن هن فيلڊ ۾ رهيا سين پر وارثي نه ٿيڻ ڪري پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ڪيون پيا. چڪ واسي سنڌي فنڪار طوطل جي دلڙيءَ ذريعي شهرت ماڻيندڙ منظور ميراڻي چيو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ فن جو قدر گهٽيو آهي اڳي راڳ ڳائيندا هئاسين ته گذر سفر ٿي ويندو هيو پر هاڻي ته پيٽ به نٿا پالي سگهيون ۽ جديد دور اڇڻ ڪري سنڌي ڪلام ٻڌندڙ جو تعداد به گهٽيو آهي انڪري راڳ کان پاسيرا تي ڪڙمت ڪري ٻچا پاليون ٿا. مشهور ڍولڪ نواز احسان شيخ جو چوڻَ هو ته فن جو قدر نه ٿيڻ ڪري محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پالڻ لڳو. جلال چانڊئي کي استاد مڃيندڙ چڪ واسي فنڪار اوچتو جلال غربت سبب پيٽ پالڻَ خاطر گڏهه گاڏو هلائڻَ لڳو اوچتي جلال پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته استاد جلال کان متاثر ٿي پنهنجو نالي کي استاد جلال منسوب ڪيو سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته غربت سبب انتهائي تڪليف واري زندگي گذري پئي گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ گڏهه گاڏو هلائي پيٽ پاليون ٿا. برڪت مارفاڻي، ذوالفقار شيخ ۽ ڪنور فقير باگڙيءَ جو چوڻ هيو ته سنڌ راڳ جي سدا سهاڳڻ ڌرتي آهي پر هاڻي ان جو قدر ڪندڙ ماڻهو ناهن رهيا انڪري هاڻوڪي فن کان ماٺ ڀلي آهي اڄوڪي دور ۾ جيڪا شاعري ڳائجي ٿي ان کي ٻڌي اندر سڙي ٿو مجبورن فن کي ڇڏي ڊرائوري ۽ هارپو ڪيون پيا.

مينا کي مداحن کان وڇڙئي31ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مينا شوري جي گذريل ڏينهن 31هين ورسي ملهائي وئي. مينا شوري جو اصل نالو خورشيد جهان هو ۽ هو 1921ع ۾ رائونڊ ۾ پيدا ٿي. سندس فلمي ڪيريئر جي شروعات بمبئي ۾ سهراب مودي جي فلم سڪندر سان ٿي. هن فلم جي ڪاميابي کانپوءِ فلمي صنعت جا در مينا شوري لاءِ کلي ويا. ان زماني ۾ ٺهيل سندس ٻين فلمن ۾ ڦر ملينگي، پٿرون ڪا سوداگر، شهر سي دور، پت جهڙ، چمن ۽ ايڪ ٿي لڙڪي شامل آهن. مٿس فلمبند ڪيل هڪ نغمي جي ٻولن سبب سندس نالو لارالپا گرل پئجي ويو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ هن پهريون ڪراچي ۽ پوءِ لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس مشهور فلمن ۾ سرفروش، جگا، جمالو، بڙا آدمي، ستارون ڪي دنيا، گل فروش، بچا جمهورا، بهروپيا، آخري نشان، گلشن، تين اور تين، ڦول اور ڪانٽي، موسيقار، خاموش رهو، مهمان ۽ مجاهد شامل آهن.