تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

شهپرن جي انوکي اسٽائل سبب مشهوري ماڻيندڙ چاچو هاشم کوسو! …زاھد راڄپر

نوان جتوئي ڀرسان رھندڙ فقير محمد ھاشم کوسو پنھنجي شھپرن جي منفرد اسٽائيل سبب انوکو ڪردار بڻجي ويو آھي ۽ هن وڏي مڃتا ماڻي آھي. ھن کي صرف نوان جتوئي وارا نه پر آسپاس جا تقريبن سڀ ڳوٺائي کيس چڱي ريت سڃاڻن ٿا ۽ کيس چاچي جي نالي سان مخاطب ٿين ٿا. سندس ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن سان ٻانھن ٻڌڻ واري واٽ ۽ نياز مندي رکندڙ آھي. نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ “ملو کبڙ” جو رھواسي ۽ سٺ ايڪڙ کن زرعي زمين رکندڙ چاچو فقير محمد ھاشم کوسو جتي ننڍڙو زميندار آھي اتي پنھنجي ڳوٺ جي درگاھ “ملو کبڙ” جو ٻھاريدار ھجڻ کي به ڪڏھن عيب ناھي سمجھندو!
ست فوٽ قد رکندڙ قدآور مڙس، چاچو ھاشم وڏن شھپرن جو شوقين مڙس آھي ڪچھري ڪندي هن ٻڌايو ته وڏن شھپرن رکڻ جو شوق کيس آچر دونڌڻ ڏياريو جنھن جا به وڏا شھپر ھوندا ھئا شھپرن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ کيس وڏي محنت ڪرڻي پوندي آھي. پنھنجي دور جو پھلوان مڙس رھندڙ چاچو ھاشم ٻڌائي ٿو ته جواني ۾ سو ڪلو وزن ٻن ڪلو ميٽرن تائين اڪيلو کڻي ويندو ھو. ھن وقت به ھو ٻه مڻ وزن ھڪ ڪلو ميٽر تائين کڻي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ھو چوي ٿو ته ڪير به ساڻس ھن وقت به ھٿ ملائي ته ڇڏائي نه سگھندو. 80 سالن کان مٿي عمر ھجڻ باوجود اڄ به ڄڻ پنجاھ سالن کان گھٽ عمر جو لڳندڙ چاچا ھاشم سدائين فٽ رھڻ جو راز کير، مکڻ ۽ لسي ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آھي ته ھن عمر ۾ به ھو چار ڪلو کير روز پيئندو آھي. ڀلن ڏاندن ۽ ڀلين مينھن جو شوقين مڙس ھن وقت به ٻه ڀلا جوڙا ڏاندن جا ۽ ويھه ڀليون مينھون پالي رهيو آهي. گھمڻ ڦرڻ ۽ ميلن ملاکڙن جو شوقين ۽ اوطاقي مڙس چاچا محمد ھاشم جون ٻه شاديون آهن، جن مان کيس چوويھه ٻار آھن، ڏوھٽاڻ ۽ پوٽاڻ ملائي سئو کان مٿي سندس خاندان ۾ ڀاتي شامل آھن.
چاچو هاشم سنڌ جي قومپرست جسقم اڳواڻ بشير خان قريشي کان تمام گھڻو متاثر آهي ۽ ان جو عاشق آهي، سندس چوڻ آھي ته بشير خان جھڙا ليڊر ھينئر سنڌ ۾ بلڪل به نه آھن. ھن علائقي ۾ جڏھن به ايندو ھو ته ھو ساڻس ملندو ھو، بشير خان جو پٽ صنعان خان به کيس ساڳي عزت ڏيندو آھي. چاچا محمد ھاشم شھرن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙي جي قدرتي فطري حسن، ثقافت ۽ ڪلچر کي وڌيڪ پسند ڪندڙ پاڻ به ھڪ ڪلاسيڪل ڪردار لڳندو آھي. سگھڙ، فن ۽ ڏور ڳجھارتن سان محبت ۽ اوطاقي مڙس ھئڻ ڪري، ھن يار ويس، فقير صفت ۽ صوفي منش انسان جي اوطاق ھر وقت يارن دوستن جي محفلن سان ڀريل رھندي آھي ان کان سواءِ آئي وئي سوالي ۽ غريب غربي کي خالي ھٿين ڪڏھن به واپس نه ڪندو آھي ۽ سندن حال سارو مدد ڪندو رھندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *