تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

(شهادت جو ڏينهن)…سنڌ جو هيرو شهيد هوش محمد شيدي …تحرير: صدام جوکيو

عام رواجي زندگي گذارڻ وارا انسان وقت جي وهڪري هيٺ اچي مِٽجي ۽ ميسارجي ويندا آهن، دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جو نه نالو رهندو آهي نه نشان، پر ساڳيءَ ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا سرويچ، سپوت، سڄاڻ ۽ بهادر انسان به پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪندي، پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ضمير ۽ وجود جو مان مٿاهون ڪيو آهي. سنڌ ڌرتيءَ تي ته به اهڙا ڪيترائي جوڌا جوان پُٽ پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن سنڌ خلاف اُٿندڙ دشمن حملاآورن سان بهادريءَ سان مقابلا ڪندي ڪڏهن، فتح حاصل ڪئي ته ڪڏهن بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان وڙهندي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو ۽ سنڌ جو شان ۽ مان وڌايو آهي. اهڙو ئي برجستو بهادر ڪردار، سنڌ جو هيرو شهيد هوش محمد شيدي به آهي. جنهن سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سر گهور ڪري، پنهنجي وطن جي حقيقي مجاهد هئڻ وارا پورا فرض نڀايا، سندس مشهور نعرو هو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“. شهيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ هوشو شيدي سنڌ جا ٻه اهڙا شهيد آهن، جيڪي وطن خاطر انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيا. هوش محمد جي شهادت واري تاريخ بابت ٻه رايا ملن ٿا، ڪجهه ليکڪن لکيو آهي ته هي 23 مارچ جي شام تي شهيد ٿيو ۽ ڪجهه جو رايو آهي ته هي 24 مارچ تي شهيد ٿيو.
هوش محمد جا وڏا ايران جي علائقي نار جا هئا، اُتان هوش محمد جي والد کي غلام جي صورت ۾ ڪراچي بندر تي وڪري لاءِ آندو ويو هو، جنهن کي مير فتح علي ٽالپر پاڻ وٽ ملازم طور رکيو هو. مير فتح علي خان ٽالپر جو پٽ مير صوبدار خان 1791ع ۾ پيدا ٿيو ڪجهه حوالن تحت هوش محمد اُن جو هم عمر دوست ۽ ساٿي هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا، هوشو شيديءَ جي جنم جو سال 1801ع لکيو آهي. رچرڊ برٽن مطابق هوشو شيدي ماءُ پاران شيدي ۽ پيءُ پاران قمبراڻي هو. جڏهن جوانيءَ کي پهتو ته هن کي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو، جتي هن بندوق جي نشاني بازيءَ جي تربيت ورتي ۽ بهترين نشاني باز هئڻ ڪري کيس توبخاني جو انچارج مقرر ڪيو ويو. وليم نيپيئر موجب، هوشو، توبچيءَ وارو هنر فرينچ فوجين کان سکيو، جيڪي ان دور ۾ هندستان جي ميسور ۽ پنجاب سوڌو مختلف رياستن ۾ فوجي تربيت ڏيندڙ مکيه يورپي لوڪن مان هئا. تارخ لکي ٿي ته ٽالپر حڪمرانن جي وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا هئا، ان وقت انهن اختلافن جو فائدو وٺندي انگريزن بهاولپور جي نواب، قلات جي نواب ۽ جوڌپور جي راجا کي جابلو علائقا تحفي ۾ ڏئي پنهنجو ڪري ورتو هو ۽ اتر سنڌ ۾ مير مراد علي خان ۽ لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي به خريد ڪري پاڻ سان ملايو هئائون، ته جيئن سنڌ تي ڪاهه ڪجي ته ٽالپرن کي ٻاهرين مدد به نه ملي سگهي. اندران به غداري ڪرائي وڃي، ٽالپرن جي فوج مان ڌاريا اهلڪار توبخاني جو انچارج جان هاويل ۽ ٻيو فوجي آفيسر سائمن کي به خريد ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو.
24 مارچ 1843ع تي انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ جنگ لڳي جيڪا ”دٻي واري جنگ“ طور مشهور آهي، اُها جنگ حيدرآباد جي ٻاهران ديهه ناريجا ۾ دٻي واري هنڌ تي لڳي هئي. هن جنگ ۾ هوشو شيدي جرنيل جا فرض سر انجام ڏيندي وڏي بهادري ۽ سچائيءَ سان وڙهندو رهيو. جڏهن جنگ باقاعدي شروع ٿي ته سنڌي فوج وڏيءَ بهادري سان وڙهي رهي هئي، پر نواب خان محمد جي غداريءَ سبب نيپئر بارود کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب هوش محمد شيديءَ جي لشڪر وٽ بارود ختم ٿي ويو. اهڙين حالتن ۾ اڪثر فوجون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏينديون آهن، پر هن سنڌ جي سپوتن ۽ بهادرن هڪ انچ به سنڌ ڌرتيءَ جو ڌارين کي ڏيڻ پسند نه ڪيو ۽ همٿ سان وڙهندا رهيا، جرنل هوش محمد به پنهنجي صلاحيت ۽ فوجي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ آخري دم تائين سنڌي فوج جو حوصلو، همت ۽ جذبو وڌائڻ خاطر وڙهندو رهيو، بارود جو آسرو ختم ٿيڻ کان پوءِ هن چيلهه سان ٻڌل تلوار هٿ ۾ جهلي ۽ انگريز فوج تي ڪاهي پيو. ان وقت سندس زبان تي اهي لفظ شدت سان ورجائجي رهيا هئا ته ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ اڀ ڏاريندڙ اهي نعرا هڻندي هڻندي سنڌ جو هيرو هڪ آئرش سپاهيءَ هٿان شهيد ٿي ويو.
عنايت قمبراڻي لکي ٿو ته ”پاڻ ساهه جو سڳو ٽٽڻ باوجود زمين تي نه ڪريو. سندس هٿ ۾ تلوار جنهن جي نوڪ زمين ۾ کُتل هئي ۽ گوڏن ڀر زمين تي ويٺل رهيو، جنهن خوف سبب انگريز ٻڏتر جو شڪار هئا ته هي زندهه نه هجي ۽ حملو نه ڪري وجهي. ڪافي دير بعد انگريز، شهيدن جي بي وس وجود وٽ پهتا ۽ کيس هٿ لڳائي زمين تي ڪيرايو ته اچرج ۾ پئجي ويا. حيرت مان هڪ ٻئي جا چهرا تڪيندا رهيا. مجبورن هنن کي شهيد جي جرئت ۽ بهادري تي داد ڏيڻو پيو ۽ هنن کيس سلوٽ ڪيو. سندس مڙهه کي مڪمل فوجي اعزازن سان دفنايو ويو. تاريخ ۾ اهڙو عمل ڪٿي به نه ٿو ملي جو دشمن فوج پاران دشمن فوج جي ڪنهن سپاهي کي اعزازن سان نوازيو وڃي“. شهيد هوش محمد شيدي بابت ميجر جيڪب چيو، ”مان سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان، مون هوشوءَ جھڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي
دادا سنڌي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا پڻ تاريخن ۾ هن بهادر سپاهيءَ ۽ دٻي واري جنگ بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ٻنهي جنگين ۾ سنڌ جي هارائڻ جو سبب اندروني مخالفتون، گڏجي حڪمت ٺاهڻ جي اڻهوند، پنهنجن ۽ خاص ڪري ڌارين فوجي آفيسرن جي غداري هو. ٻنهي جنگين ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ جيڪي ذاتيون ۽ قيبلا هئا انهن ۾ شهداداڻي، ماڻڪاڻي، خاناڻي، شھواڻي ۽ ٻين ذاتين ۾ نظاماڻي، لغاري، جوکيا، کٽياڻ، پتافي، جمالي، بوزدار، مري، چانگ، لاشاري، ڪپري ۽ شيدي شامل هئا. شهيد هوشوءَ جي مزار ڪٿي آهي، ان بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته شهيد شهادت واري ميدان تي مدفون آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته شهيد جي مزار پڪي قلعي ۾ آهي، عنات کٽياڻ لکي ٿو ته ”شهيد هوش محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿين ۽ پرستارن لاش کڻائي اچي، مياڻيءَ جي ميدان ڀرسان، پنهنجي ڳوٺ ٻاهران دفنايو ۽ قبر مٿان هڪ ڪچو ڪمرو به ٺهرايو. جتي هاڻي سنڌ ثقافت کاتي پاران خوبصورت مقبرو ٺهرايو ويو آهي جنهن لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه خاص اُپاءَ ورتا کيس جس هجي ته هن سنڌ جي بهادر سالار هوش محمد شيديءَ (قمبراڻي) جو شانائتو مقبرو جوڙايو جتي سنڌ جا عاشق هن بهادر سالار کي سلام پيش ڪندا رهندا آهن. شهيد هوش محمد جي پونئرن ۾ سندس پٽ داد ڪريم، پوٽو بچل ۽ ٻيا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ آباد آهن. هوش محمد شيديءَ جي شخصيت تي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ منصور قادر ”جرنل هوش محمد شيدي“، محمد حنيف مهر ”شهيد سنڌي جنرل هوش محمد شيدي“، نصير اعجاز ”جنرل هوش محمد شيدي“ شامل آهن. هوش محمد شيدي سنڌ جي ماضيءَ حال ۽ مستقبل جو اهڙو اُتم ڪردار آهي، جيڪو سنڌين جي لاءِ بهادريءَ جو هميشه هڪ اعليٰ مثال رهندو. کيس ويٽنامين جي عوامي هيرو جنرل گياپ جيان سنڌ جو عوامي هيرو آهي سندس ياد ۾ حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ تي شهباز بلڊنگ ڀرسان هڪ ”فلاءِ اوور پل“ منسوب ڪئي وئي آهي ۽ سندس يادگار حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ وٽ نسب ٿيل آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *