تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

شخصيت … وتايو فقير … ڊاڪٽر نجم الدين الاشرفي

هڪ روايت موجب وتائي فقير جا وڏا اصل ۾ هندو هئا، سندس والد ميلهو رام پنهنجي گهرواري، پٽ ۽ ننهن سوڌو مسلمان ٿيو هو. سندس والد ميلهو رام جونالو شيخ غلام محمد رکيو ويو ۽ وتايو جنهن جو اصل نالو وتڻ مل هئو، ان جو نالو شيخ طاهر رکيو ويو پر عوام ۾ وتايو جي نالي سان مشهور ٿيو. وتايو فقير ايتري مشهور شخصيت هجڻ باوجود سندس بابت ڪا تحقيقي تاريخ اسان کي نٿي ملي. مختلف ڪتابن ۾مختلف روايتون هن سٻاجهي ۽ کل ڀوڳ ۾ حق جي گفتگو ڪرڻ واري شخصيت لاءِ موجود آهن. وتايو هن دنيا جي انهن مجذوب هستين مان هڪ هو جنهن انسانن کي اخلاص، محبت ۽ حق سچ جو درس ڏنو. هن جي ڀوڳن جي پويان سياڻپ ۽ حق جا عجيب و غريب نڪتا سمايل آهن. منهنجو ڪم فقير جي صرف انهن گفتن مان چند اهي گفتا بيان ڪرڻ آهي جيڪي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهو لاءِ موجوده حالتن ۾ اصلاح جو ڪارڻ بڻجن ۽ فقير جا اهي ڀوڳ بيان ڪجن جيڪي ڪنهن جي دل آزاري جو سبب به نه بڻجن ۽ گڏوگڏ سنڌ سونهاري جي ان عظيم شخصيت جو ذڪر به تازو ٿي وڃي ۽ اسان جي اصلاح جو سبب به بڻجي پوي.
مراد ما نصيحت بود و گفتيم حوالت باخدا ڪرديم و رفتيم. وفات: وتائي فقير جي مرڻ جا به 3-4 واقعا ملن ٿا، چون ٿا ته وتايو 3 ڀيرا فوت ٿيو هو، هن ڳالهه کان پاسو ڪندي هڪ روايت موجب پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ اٽڪل 70 سالن جي عمر ۾ پنهنجي سئوٽ شيخ عالي جي قبي تي مجاور ٿي ويٺو، هڪ ڏينهن فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀر واري ڪڙيي مان وضو ڪرڻ لاءِ ڪپ تي ويو ته پير ترڪي پيس، ڪڙيي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، پوءِ آخرڪار ماڻهن پاڻي مان ڪڍي پنهنجي سوٽ شيخ عالي جي قبي جي دروازي جي سامهون ٽنڊوالهيار شهر ويجهو دفن ڪيو ويو.
وتائي جا ڪجهه سبق آموز ڀوڳ؛ هڪ ڀيري وتايو فقير نفي اثبات جو ذڪر ڪري رهيو هو اوچتو ڪنهن ماڻهو هن کي هڪ رپيو ڏنو، خيال ڪرڻ لڳو، رپيي جو ان وٺان يا امان کي ڏيان يارکي ڇڏيان! ان سوچ ۾ ذڪر وسري ويس، سوچي سوچي چيائين هڪ رپيو آهي جو الله پاڪ جو ذڪر وساري ڇڏيو اٿائين! جيڪڏهن
گهڻا هجن ته الائي ڇا ٿئي ائين چئي ۽ ريي کي اڇلائي ڇڏيائين.هڪڙي ڀيري وتايو فقير بيٺو هو اوچتو هڪ ماڻهو دانهون ڪندي ڀڳوٿي ويو، وتائي ڀڄي وڃين کيس روڪيو ۽ پڇائينس ته ابا ڇو ٿو ڀڄين؟ چيائين ته ڳوٺ ۾ وڏيري اعلان ڪرايو آهي ته
جنهن جي نماز گسي ته مونکي ٻڌايو ان تي ڪتن جي بڇ ڪرائيندس، سو مون کان فجر جي نماز گسي وئي آهي اهاڪا وڏيري کي خبر پئجي وئي آهي، وڏيري جا ماڻهون منهنجي ڪڍ آهن ائين چئي وٺي ڀڳو، مٿي منهن ڪري وتائي چيو مولا! جيڪڏهن وڏيري جهڙو بندوبست هجي ته ڪو نماز ئي نه گسائي.هڪ ڀيري وتائي فقير کي گڏهه لت هئين ڏسي چيائين ته جيڪو مونکي توکي چوڻو هئو سو ته تون اڳ ۾ ئي آهين ان کان اڃان وڌيڪ ڇا چوان. هڪ ڀيري وتائي فقير جي ڀر واري گهر ۾ زال ۽ مڙس جو جهيڙو ٿيو، مڙس زال کي اچي موچڙن جا وسڪارا ڪيا تنهن تي وتايو به ان گهر ۾ گهڙي ويو ۽ اهو به موچڙو لاهي ان مرد جي زال کي هڻڻ لڳو تنهن تي مرد چيس ته تون ڇوٿو مارينس؟ چيائين ته پهريان تون ٻڌاءِ ته تون ڇو ٿو مارينس؟ چيائين ته مان مڙس آهيان، وتائي جواب ڏنو تون مڙس آهين! اسان باقي کدڙا آهيون ڇا؟ اسان به مڙس آهيون. تنهن تي ان مرد وتائي فقير کي چيو فقير معاف ڪر، وڃي گهر ويهه اسان جو پنهنجو معاملو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *