تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

شاگرد حيات بلوچ سان انصاف ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

بلوچستان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شاگرد حيات بلوچ کي قتل ڪيو ويو هو انصاف لاءِ سوشل ميڊيا تي ٻئي ڏينهن به جسٽس فار حيات بلوچ ٽرينڊ هلايو ويو، جسٽس فار حيات بلوچ هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪالهه ٻئي ڏينهن به ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل رهيو، ان سلسلي ۾ عبدالمالڪ بلوچ ٽوئيٽ ڪيو ته رياست جو رويو بلوچ ۽ بلوچستان جي حوالي سان ناقابل يقين حد تائين جابراڻو آهي حيات بلوچ جو قتل صرف هڪ قتل ناهي پر ظلم ۽ ناانصافي جو داستان آهي. جاويد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيات بلوچ جي ڀاءُ مراد محمد جو چوڻ آهي ته حيات بلوچ يونيورسٽين جي موڪل جي ڪري پنهنجي گهر واپس آيو هو ۽ هو والد جو سهارو بڻجي رهيو هو باغيچي ۾ حيات ڪم ڪري رهيو هو ان باغيچي جي ويجهو ايف سي جي گاڏي گذري رهي هئي ته اوچتو ڌماڪو ٿيو جنهن بعد اهلڪارن باغيچي ۾ اچي حيات بلوچ کي مارڪٽ ڪئي ۽ سندس هٿ پير ٻڌي روڊ تي آڻي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. امر هڪڙو وسعت الله خان جي لکڻي جو ٽڪرو شيئر ڪندي لکيو ته ڪاش حيات بلوچ کي گهلي هٿ ٻڌي گوليون هڻي مارڻ وارو واقعو سرينگر ۾ يا يروشلم ۾ پيش اچي ها ته مرثيو لکي ڪري ڪاغذ مان رت وهائي ڇڏيان ها انساني حقن جي لتاڙ جو ماتم ڪندي ڪندي قلم بيحال ٿي ڪِري پوي ها آئون رڙيون ڪري پنهنجو نڙي ويهاري ڇڏيان ها ته ڪٿي آهن انساني حقن جا علمبردار؟ هوران بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيات بلوچ جهڙو واقعو ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو، ان کان اڳ حيات بلوچ سان انصاف لاءِ آواز اٿاريو وڃي. حسن نثار حيات بلوچ جي لاش تي والدين جي روئڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آئون هن تصوير تي روئي ته سگهان ٿو پر ڪجهه لکي نٿو سگهان، انتهائي دردناڪ آهي. فرحت الله بابر لکيو ته حيات بلوچ جهڙيون تصويرون ظلم نا انصافي خلاف پرامن معاشرتي تحريڪن کي متحرڪ ڪري سگهن ٿيون. بشرا گوهر لکيو ته حيات بلوچ کي والدين سامهون قتل ڪيو ويو پر ان واقعي تي ڪٺ پتلي وزيراعظم خاموش آهي؟ بلوچ اڳواڻن لکيو ته نوجوان کي والدين سامهون قتل ڪيو ويو، هتي انصاف آهي ئي نه، جنهن کي وڻي ماري ڇڏن ڪير پڇڻ وارو ناهي پر سزا انهن لاءِ ضرور آهي جيڪي اهڙن واقعن تي سوال ڪن ٿا. حاني بلوچ، روميصه ملڪ، حامد مير ۽ ٻين پڻ حيات بلوچ واري واقعي تي پوسٽون شيئر ڪري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *