تازا ترين
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*

شاگردن جا مسئلا! … ورثا پيرزادو

هن وقت جتي سڄي دنيا ڪورونا جهڙي قدرتي آفت کي منهن ڏئي رهي آهي اتي سنڌ ۾ ڪورونا،ماڪڙ، بيروزگاري، غربت،آپگھات ۽ بدامني جهڙا مسئلا آهن.جن کي فوري طور تي حل ٿيڻ گھرجي.انهن سڀني مسئلن ۾ غربت وارو مسئلو پراڻو آهي جيئن ته اسان جو ملڪ عالمي طور تي ٽئين درجي جو ملڪ سڏيو ويندو آهي جنهن جو مطلب آهي ته هي انهن ملڪن مان آهي جتي غربت گھڻي آهي. شاگردن لاءِ سيميسٽر جي في ادا ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آيو آهي. سڌي طرح يا ان اڻ سڌي طرح ان جو تعلق ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون آهي.ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو فيصلو ساراهه جوڳو آهي.نيوزيلينڊ ۾ به سخت لاڪ ڊائون کان پوءِ ڪورونا جو خاتمو عمل ۾ آيو. ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪي غربت سبب ٻين ملڪن کان چندو وٺي گزارو ڪن پيا اهڙن ملڪن لاءِ لاڪ ڊاون مان ڪافي مسئلا پيدا ٿيا آهن، جن کي حل ڪرڻ حڪومت لاءِ مشڪل ڪم ثابت ٿيو ڇاڪاڻ ته ان لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت هوندي آهي ۽ اسان وٽ بهتر حڪمت عملي جي هميشه کان کوٽ رهي آهي.
تازو ئي ۾ يونيورسٽين پاران نوٽيفڪيشنز جاري ٿيڻ شروع ٿيا آهن جنهن ۾ شاگردن کي في ادا ڪرڻ جو چيو ويو آهي ان باوجود ته ڪجهه شاگرد پاڻ محنت مزدور ي ڪري پنهنجي في جمع ڪرائيندا آهن ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري سندن روزگار ختم ٿي ويو پر اسان جي تعليمي ادارن کي تعليم کان علاوه هر شي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن تعليمي ادارن ۾ نظر آئي آهي.شاگردن جو سوال اهو آهي ته جيڪا تعليمي بجيٽ اچي ٿي اها آخر ڪاڏي ويندو آهي؟ جيئن مان پنهنجي يونيورسٽي جي ڳالهه ڪيان ته نه ڪا بهتر تبديلي نظر آئي ،نه ڪو اهڙو انقلاب آيو جنهن جي ڪري تعليمي نظام بهتر ٿي سگھي پوءِ اسان جي تعليمي انتظاميا ڇا پئي ڪري؟ منهنجي يونيورسٽي ۾ ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي اسان کي ٽرانسپورٽ جي به سهولت ناهي.ڪيترين سالن کان ڪيترن ئي شاگردن ان لاءِ آواز اٿاريو پر ڪنهن به تعليمي وزير يا انتظاميا پاران ڪو به ردعمل نظر نه آيو.منهنجي يونيورسٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪنهن به قسم جي سٺي تبديلي نه ڏٺي آهي.ٽرانسپورٽ جي سهولت شاگردن جو بنيادي حق آهي ۽ اسان کي ان حق کان محروم رکيو ويو آهي.
جيئن خانگي يونيورسٽين جي ڳالهه ڪجي ته اتي جا شاگرد انهن خاندانن سان تعلق رکندا آهن جيڪي پنهنجي زندگي عيش وعشرت سان گذاريندا آهن.پر سرڪاري يونيورسٽن جا شاگرد پاڻ محنت مزدوري ڪري پنهنجا خرچ پورا ڪندا آهن.غريب شاگرد پهريون پنهنجي غربت سبب احساس ڪمتري جو شڪار آهن ۽ ان کان پوءِ سندن پڙهائي جو حق کسي کين ذهني مريض بڻايو پيو وڃي.ڪيترين شاگردن گھر جا خرچ پورا نه ٿيڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي.هن وقت تائين آپگھات ڪندڙ شاگردن جون خبرون اخبار جون سرخيون بڻجنديون آهن پر اسان جي انتظاميا وٽ ايترو وقت ناهي ته انهن غريبن بابت ڪا بهتر حڪمت عملي جوڙي ۽ تعليمي رليف بابت ڪو بهتر اعلان ڪري.
آن لائن ڪلاسون رکرائڻ بابت شاگردن جا مختلف رايا سامهون آيا آهن.اسان وٽ اهڙا شاگرد به موجود آهن جن کي پنهنجي سهولت کان علاوه ٻيو ڪير نظر نه پيو اچي.سندن موجب اسان کي حڪومت سان ملي پنهنجي تعليم بابت ٿيل فيصلن تي عمل ڪرڻ گھرجي ان سان تعليم جو سلسلو جاري رهندو ۽ ڊگري به ملي ويندي پر انهن کي احساس ناهي ته ٻهراڙي ۾ رهندڙ شاگردن کي تعليم سان حقيقي محبت آهي جيڪي شهرن ۾ اچي ننڍا ڪاروبار ڪري يا مزدوري ڪري پنهنجي تعليم جو خرچ پورو ڪن ٿا.ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجو سوچڻ بدران اسان انهن جو سوچون ۽ انهن جي آساني کي نظر ۾ رکي ڪا به حڪمت عملي ڪيون.هن وقت آن لائن ڪلاس رکڻ انهن غريب شاگردن سان نا انصافي آهي.حڪومت کي گھرجي ته ٻهراڙي سان تعلق رکڻ وارن نوجوانن لاءِ نيٽ ۽ ڊوائس جو بندوبست ڪري پوءِ آن لائن ڪلاس رکي.مان پاڻ انهن ايوريج شاگردن مان آهيان جن کي ڪا به شي سمجهڻ لاءِ وقت لڳندو آهي آن لائن ڪلاس مان ذاتي طور تي مونکي ڪو به فائدو نه ٿيو اسان جي هڪ بهترين استاد لاڪ ڊائون لڳندي ئي آن لائن ڪلاس رکيا جيڪي مان روزانو ورتا پر افسوس ته مونکي ڪجهه خاص سمجهه ۾ نه آيو.پر اهو مسئلو ٻيو آهي ان جو حل اهو آهي ته مان اهو عنوان نيٽ تان ڳولي ۽ ان بابت مختلف وڊيوز ڏسي سمجهي سگھان ٿي.پر بنيادي مسئلو اسان جي 25 سيڪڙو شاگردن جو آهي جيڪو آن لائن ڪلاس چاهيندي به نٿو وٺي سگھي.منهنجي ڪلاس ۾ پڙهندڙ هوشيار شاگردن جو تعلق پڻ ٻهراڙي سان آهي جيڪي دل لڳائي تعليم حاصل ڪندا رهيا آهن.هن وقت اهي پريشان آهن ته جيئن آن لائن ڪلاسون ٿيون ته شايد هو نه وٺي سگھن. حڪومت کي گھرجي ته غريب طبقي جي شاگردن لاءِ بهتر حڪمت عملي ڪري تعليم جو سلسو جاري رکڻ ۾ اسان سڀني شاگردن جي مدد ڪري.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *