تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جو مطالعو ڪئين، ڪجي؟ … صبغت الله رند

شاهه عبدالطيف پنهنجي ڏيهه جي ماڻهن جي سڃاڻپ جو اهڙو اهڃاڻ آهي. جنهن کان سواءِ سندن ثقافتي ورثو اڌورو آهي. هو رڳو سنڌي ماڻهن جو آواز آهي، پر هن سنڌي ٻوليءَ کي امر حيثيت به ڏني آهي، جنهن ڪري اسان سنڌي ماڻهو ۽ خاص طور تي سنڌي پڙهيل لکيل نه رڳو اهو ته سندس ٿورائتو آهي پر پاڻَ تي فرض به سمجھي ٿو ته پنهنجي عظيم شاعر کي سندس سڀني ڳڻن سان گڏ دنيا آڏو پيش ڪري، هيسيتائين انهيءَ سلسلي ۾ ڪيل ڪوششون ڪو وڏو لاڀُ انهيءَ ڪري حاصل ڪري نه سگهيون آهن جو مطالعو ڪندڙ عالمن ۽ دانشورن لطيف سرڪار رح کي پيش ڪرڻ بدران سندس نالي ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجن خيالن کي پئي پيش ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان وٽ ٻن قسمن جا لاڙا رهيا آهن. روايت پسندن لطيف سرڪار رح کي دنيا ترڪ ڪيل جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي، ٻئي پاسي ڪجهه وطن دوست ۽ ترقي پسند دانشورن لطيف رح کي بلڪل ايئن پيش ڪيو آهي ڄڻ لطيف سندن واتان پيو ڳالهائي. اهي ٻئي لاڙا عقيدت پرستي جي علامت آهن، غلامي جي باقيات اسان کي اڃا تائين خيال پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکيو آهي، اسان مطالعي جي بدران رڳو پنهنجي خيالن کي مڙهڻ ۾ پنهنجي سوڀ ۽ پنهنجي انا جي تسڪين سمجھون ٿا.
انهي ڪري ئي اسان پنهنجي هن عظيم شاعر جي ڪنهن به پاسي، ايستائين جو سندس ڪلام تي به صحيح تحقيق نه ڪري سگهيا آهيون. انهي قسم جي تحقيق ۾ هيٺين اُصولن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. ڪو به فنڪار هڪ خاص جاءِ تي پيدا ٿيندو آهي انهيءَ ڪري سندس زمان ۽ مڪان کي طئي ڪرڻ کان پوءِ انهي بنياد تي وڌيڪَ ورهاست هيٺين ريت ڪري سگهجي ٿي. انهي ڳالهه کي جاچڻو پوندو ته ان وقت سماجي جوڙجڪ ڪهڙي نوعيت جي هئي، پيداواري لاڳاپن ۾ ڪيتري هڪ جهڙائي ۽ ڪيترو تفاوت هو. انهي بنياد تي ئي اسان اهو طئي ڪري سگهنداسين ته ڇا سماج پنهنجي موجوده جوڙ جڪ ۾ ئي وڌيڪَ ترقي ڪري سگهي ٿو. يا منجھس ڪن بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي؟ سنڌ جي ان وقت جي سماج تي نظر وجھڻ سان ٿلهي ليکي اسان کي هيٺين صورت حال نظر اچي ٿي. سنڌي سماج طبقاتي لحاظ کان ان وقت جاگيردار ۽ هاري ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. انهي جو اولڙو اسان کي سياسي جوڙجڪ ۾ شخصي حڪومت جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. پر ساڳي وقت هِتي اسان کي سندس ڪُک مان هڪ اهم قوت جنم وٺندي نظر اچي ٿي. اُها قوت آهي! سنڌ ۾ ننڍي ڪارخانن ۽ واپار جو وڏي پيماني تي وڌڻ. انهي عمل جو انت بنا ڪنهن شڪ جي سنڌ مان ڪٽرپڻي جي خاتمي ۽ قومي ايڪي جي صورت ۾ وڃي نڪري ها. انهي خاص وقت ۾ سنڌي سماج ۾ شاهہ عنايت رح جي تحريڪ جو اُڀرڻ، مختلف جاين تي هارين جون بغاوتون ۽ حڪمرانن پاران ڏهڪاءُ جو کليو استعمال، سڀئي، ڳالهيون انهي سماجي گهوٽالي جو ڏس ڏين ٿيون. عوام سان انهي ٽڪر جي ڪري حاڪمن جي هيڻي هجڻ جي نتيجي ۾ مغلن جي غلامي ۽ ٺٺي جو پورچوگيزن پاران ڦرجڻ ۽ سڙڻ.انهي سڄي پس منظر ۾ شاعر، اديب ۽ ٻين فنڪارن لاءِ پنهنجي امرتا لاءِ رڳو هڪڙي واٽ رهندي آهي. اها واٽ سماج جي بنيادي تضادن کي سمجھڻ ۽ اڳتي نيئندڙ قومن جو ساٿاري ٿيڻ.انهي لحاظ کان لطيف سرڪار رح جي مطالعي ڪرڻ مان جيڪو تت نڪري ٿو، اهو آهي اسان جي عظيم شاعر جي حب الوطني ۽ ڪٽرپڻي خلاف سندس فڪر.اهڙي ريت سندس تاريخي حيثيت متعين ڪرڻ کانپوءِ اسان کيس پنهنجي دور جو نمائنده شاعر چئي سگهون ٿا. لطيف سرڪار رح جي اها اهميت اسان وٽ انهي ڪري اڃا وڌي ٿي وڃي جو هڪ ته اسان وٽ سندس دور جي ڪا مستند سماجي ۽ سياسي تاريخ ڪانهي جنهن ڪري سندس ڪلام اسان لاءِ اُنَ دور جي هڪ سونهين مثل آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *