تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ آيل لفظ “پرياڻ” بابت ويچار … ڊاڪٽر نواز علي شوق

محترم عبدالقادر کوسي صاحب جو مقالو شاهه جو سُر ڏهر/ڏاهر ۽ محققن جي تحقيق” پڙهيم. هي هڪ معياري مقالو آهي پڙهڻ کانپوءِ آءُ تمام گھڻو متاثر ٿيس ۽ معلوم ٿيو ته کوسي صاحب کي ڀٽائي جي ڪلام سان نه صرف دلچسپي آهي، پر هو شاهه سائين جي ڪلام جو پارکو پڻ آهي،توڙي جو هن ڪسرنفسي کان ڪم وٺندي اهڙي ڪا به دعويٰ نه ڪئي آهي. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جڏهن شاهه جو رسالو تيار ڪيو ته لغات لطيفي ۾ تيار ڪيائين . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنجاهه سال محنت ڪري، پنجاهه قلمي ۽ سمورا ڇاپي رسالا آڏو رکي، مستند شاهه جو رسالو تيار ڪيو ۽ قلمي نسخن ۾آيل سمورو مواد محفوظ ڪيو . ڊاڪٽر بلوچ تي اهو الزام غلط آهي ته هن شاهه جي ڪلام جو ڪجهه حصو رسالي مان ڪڍي ڇڏيو آهي . حقيقت هي آهي ته جيڪو شاهه جو ڪلام هو، تنهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، عنوان ڏيئي شاهه جي ڪلام جو مستند متن تيار ڪيو. باقي ٻيو ڪلام جيڪو 50 قلمي نسخن ۾ موجود هو تنهن کي ڊاڪٽر صاحب رسالي جو ڪلام يعني شاهه جي مختلف رسالن ۾ آيل ٻين شاعرن جو ڪلام ڏهين جلد ۾ محفوظ ڪيو آهي، ان کان علاوه روشني جي عنوان سان شاهه جي ڪلام جي لغات تيار ڪئي، جنهن جا ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. شاهه جي ڪن ٻين شارحن رسالي جي حاشيي ۾ يا آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني آهي مطلب ته رسالي سان گڏ ان جي لغات ڏيڻ وارا شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهن، جيڪي سنڌي ادب جا وڏا محسن آهن ڄڻ ٻه درياهي آهن . جن ادبي سرزمين کي سيراب ڪيو ، باغ بستان لڳي ويا. ادبي چمن جي گلن جي خوشبو هند سنڌ کي واسي ڇڏيو هي شاهه جي لغات تيار ڪرڻ وارن لاءِ ڄڻ آساني پيدا ٿي وئي آهي، ڪجهه لفظ گھٽائي وڌائي ، ڪي نوان لفظ شامل ڪري ڪن لفظن جون نيون معنائون ڏيئي نئين لغت تيار ڪري سگهجي ٿي پر مان دعويٰ سان ٿو چوان ته ان ۾ نَوي سيڪڙو مواد لغات لطيفي ۽ روشني تان کنيل هوندو باقي جيڪو ڏهه سيڪڙو نئون مواد ان نئين لغت ۾ شامل هوندو، سو به يقين سان نه ٿو چئي سگهجي ته اهو ڪيترو، مستند هوندو . مرزا صاحب پنهنجي تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي لغت تيار ڪئي ۽ ڊاڪٽر بلوچ به پنهنجي تيار ڪيل رسالي جي لغت تيار ڪئي . نئين لغت تيار ڪرڻ وارن کي اها وضاحت ضرور ڪرڻ گهرجي ته هنن شاهه جي ڪهڙي رسالي جي لغت تيار ڪئي آهي؟ ڇاڪاڻ ته ارنيٽ ٽرمپ کان وٺي هن وقت تائين ڪيترن عالمن شاهه جا رسالا تيار ڪيا آهن، تنهن ڪري ٿوري وضاحت لازمي آهي.
فاضل مقاله نگار پنهنجي مقالي جي ص -25 تي لکيو آهي،”هن سُر(ڏهر/ڏاهر) بابت شاهه جي 244 هين عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو ڪتاب سُر ڏهر 1989ع ۾ ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مرتب نواز علي شوق آهي، ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن جو ڇپايل آهي. انهي ڪتاب ۾ 16 نامور اسڪالرن جا مقالا ڇپيل آهن. ڪتاب جي ص – 219 کان 240 تائين آفتاب ابڙي جو لکيل مقالو سُر ڏهر جي لغت شامل آهي. پر اهي سڀ معنائون ساڳيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واريون تشريح سان لکيون اٿس، معلوم ٿيو ته هينئر رڳو هيراڦيري ڪري لئي ۽ قينچي کان ڪم وٺي، شارٽ ڪٽ ڪرڻ وارا لغڙائي لغتون تيار ڪندا ۽ پاڻ کي لغت جو ماهر سڏائيندا هئا. ائين ٺڳي چوري ، ڪوڙ ڪپت ۽ کوٽ جو ڪاروبار هلندو رهندو. جيئن اڄ ڪلهه هرشئي ۾ ملاوٽ وڌي وئي آهي. تيئن ادب ۾ ملاوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ڪڪڙ ڪوري جي ۽ نانءُ وڏيري جو مثال چٽو ٿي اکين آڏو اچي رهيو آهي ماهر محمار موڪلائي ويا. جن ادب جا محلات اڏيا، هينئر سر تغاري کڻڻ وارا رهجي ويا آهن. جن دانشوري جو دهمان ٻڌي رهيا آهن.
وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي
نتين سندا پويان، ڪٽين ڪٽ لوهار
فاضل مقاله نگار شاهه جي بيتن ۾ آيل لفظ”پُرياڻ“ جي معنيٰ ۽ مطلب متعلق مختلف عالمن جي تحقيق جا حوالا ڏنا آهن. هوئن ته اهو لفظ پرياڻ رسالي ۾ 24 جاين تي آيل آهي، جنهن لاءِ کوسي صاحب جو مقالو ٽه ماهي مهراڻ جي جنوري 2018ع واري شماري ۾ ڏسڻ گهرجن هي کوسي صاحب سُر ڏهر/ڏاهر جا فقط ٻه ٻيٽ ڏنا آهن.جي هن ريت آهن:
ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سنڌي من ۾
اوچتي پرياڻ، وگر هئي ويڇون ڪيا
ڪڏهن جهلين ٻڪرا، ويٺي منجهه وٺاڻ
اوچتا پرياڻ آهن ڌڻ ڌڻين جا
کوسي صاحب لکيو آهي ته ”پرياڻ“ لفظ جون شاهه جي شارحن ۽ محققن ڌار ڌار معنائون لکيون آهن. اهي هيٺ ڏجن ٿيون.
پرياڻ: اهڃاڻ، ڏس، پتو،آثار، نشان، پريتئو، پريان وارا،شاهه جي رسالي جي شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هن لفظ جون هيٺيون معنائون ۽ اشتقاق لکيا آهن. پرياڻ (سن. پرياڻ+ پر: اڳتي + يا : وڃڻ (منهنجي خيال ۾ اهو يا نه پر لفظ جو پويون اڌ ياڻ هوندو، شايد پروف جي غلطي آهي. پُهه، رٿ، ارادو: ”بيبي خديجه خواب ۾ پروڙيس پرياڻ“ (گل حسن شر) ويچار، خيال، نصيت، انجام ، ٻانداڻ مٿي جيڪي به معنائون ڏنيون ويون آهن. اهي پنهنجي جاءَ تي ، پر سُر ڏهر جي هيٺين بيت ۾ ڊاڪٽر بلوچ ”پرياڻ” لفظ جي معنيٰ ڏهڪاءٌ لکي آهي.
ڪونج نه لکيون ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾
اوچتي پرياڻ. وگر هڻي ويڇون ڪيا.
فاضل مقاله نگار لکيو آهي ته ”پرياڻ“ لفظ تحقيق طلب آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي عالمن ”پرياڻ“ لفظ جي جيڪا معنيٰ لکي آهي ان جي معنيٰ جي آڌار تي بيتن جي معنيٰ دل سان نه ٿي لڳي اهو سبب آهي جو هن محققن کي دعوت ڏئي آهي. ته ان لفظ تي ويچار ڪري اهڙي معنيٰ ٻڌائي وڃي، جيڪا صحيح معلوم ٿئي. آءٌ سنڌي ادب جو ادنيٰ شاگرد آهيان ۽ لغات جي موجودگي تمام معمولي ڄاڻ آهي. هندي جي هڪ عالم راجيسو راءِ اصغر جي هندي اردو لغت کي کولي ڏٺم ته ”پرياڻ“لفظ جي هيءِ منعيٰ معلوم ٿي.
پريان : هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ، رحلت ، روانگي، ڪوچ، حملو، موت، : (ص – 178)
اهي معنائون ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي. سوچيم ته شاهه لطيف لغت جو ڪيڏو نه ماهر هو ۽ وٽس مختلف ٻولين جو وڏو ذخيرو موجود آهي شاهه صاحب ۾ تز لفظ ڻي خوب خيال ۽ مثال ظاهر ڪيو آهي . هائي پهريون بيت ۽ ان جي سمجهائي ڏجي ٿي.
ڪونج نه لکيون ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾
اوچتي پرياڻ. وگر هڻي ويڇون ڪيا.
سمجهاڻي: ماري جي من ۾ جيڪو (ڪونج کي مارڻ لاءِ) تيرُ هو “ ارادو هو)سو ويچاري ڪونج سمجهي نه سگهي. (هن سوچيو ته هُوءَ ته ڪنهن جي دشمن ناهي، پوءِ کين ڪو ماريندو!) (ماري /شڪاري جي) اوچتي حملي جنهن ۾ ڪونج ويچاري مري وئي، (ظالم) وڳر وچ ۾ وٺهيون وجهي ڇڏيون. يعني پکي ڌارو ڌار ٿي ويا. (ڪونج ويچاري وڳر کان وڇڙي وئي)(ڪنهن ڪونج جو وڳر کان وڇڙڻ وڏو سانحو هوندو آهي، شاهه صاحب هڪ ته ماري (شڪاري)جي ٺڳي ۾ ظلم جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيو واري ڪونج جي مرڻ يعني (وڳر کان وڇڙي تي) ڏک جو اظهار ڪيو آهي . ٿي سگهي ٿو. ته ڀٽائي اهو منظر ڏٺو هجي ۽ ڪونجن کي به ڪرڪندي ڏٺو، ٿي سگهي ٿو. ته ڀٽائي اهو منظر آهي پيارن پريت وارن جو اوچتو مون ڄڻ ماري وجهندو آهي.
ڪڏهن جهلين ٻڪرا، ويٺي منجهه وٿاڻ
اوچتا پرياڻ آهن ڌڻ ڌڻين جا
سمجهاڻي: (لاکي جهڙا لڙائون، زوري زبردستي، مال ڪاهي ويندڙ، ايڏا ظلم آهن جو ڪڏهن وٿاڻن ۾ ويٺل ٻڪر به ڪاهي وڃن ٿا. (مسڪين ماڻهو ڏاڍن اڳيان ڪُڇي نه ٿا سگهن ڌڻ ڌڻين (مالووندن) تي اوچتا حملا ٿين. ڀٽائي هن بيت ۾ ڏاڍائي ۽ هيڻين جي هيڻائي بيان ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو. ٻئي بيت ۾ محاڪائي شاعري جو انتهائي اعليٰ مثال آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *