تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

شاعري ۾ سنڌ ڳالهائي ٿي…رام اوڏ

ادب آئينو نه آهي، ادب ذريعي هڪ دور جي تضادن تي ويچار ڪري، انهن کي واضح ڪبو آهي. ان ڪري ادب انساني شعور جو جمالياتي اظهار هجي ٿو. هڪ آرٽسٽ ڪيئن سوچي ٿو ۽ چاهي ڇا ٿو؟ منهنجي خيال ۾ ان جو اصل ڪم ترقي پسند سوچ پيدا ڪرڻ ۽ سچ جي وضاحت ڪرڻ آهي. جيئن ته پاڻ انڊسٽريل ۽ ڪالونيل دور کانپوءِ وڌندڙ سرمايه داري ۽ نظرياتي تڪرارن تي سوچي رهيا آهيون. ان ڪري اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ادب جو ڪم دور جي تضادن کي سمجهڻ ۽ مظلوم عوام جي سوچ ۽ احساس جي ترجماني ڪرڻ آهي. هر دور جا رجحان ۽ مزاج مختلف هجن ٿا: سياسي، سماجي، معاشي حالتون هڪجهڙيون نٿيون هجن. نئون فڪر ۽ نئين سوچ مسئلي جو حل آهي. ان ڪري هڪ شاعر سائنس ۽ فن ۾ هر نئين شيءَ جي آجيان ڪندو آهي.جيئن ته ادب جي وسيع ميدان ۾ پنهنجو اڄوڪو موضوع شاعري آهي. شاعري جي تاريخ قديم آهي، سنڌو ڪناري لکيل ويد ۽ يوناني شاعر هومر جا شاهڪار فنپارا الئيڊ ۽ اوڊيسي شاعري جي ساخت ۾ لکيل آهن. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ شاعري ڳائي زباني منتقل ڪئي ويندي هئي. هر دور ۾ شاعر درٻاري، صوفي، باغي، قومپرست ۽ سوشلسٽ ٿي رهيا آهن. ماياڪو وسڪي ان ڪري عظيم آهي ته هو هارين ۽ مزدورن جي تڪليفن کي ڏسي، سرمائيدارن جي ڪارن ڪرڪوتن تي احتجاجي نظم لکي ٿو. اسان گارشيا لورڪا کي ان ڪري ياد ڪريون ٿا ته هو اسپين جي خانه بدوشن کي پنهنجي گيتن ۾ جهونگاري، انهن جي پيڙائن کي پنهنجو ڪري ٿو. هي جپسي شاعر آمريڪا ۽ يورپ جي سرمائيداراڻي ڪلاس جي تضاد ۾ اندلس جي پهاڙن ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي سماجي حالت تي سوال ڇڏي ٿو. اهڙي طرح محمود درويش ان ڪري امر آهي ته هو اسرائيلي سامراجيت خلاف پنهنجي ڌرتي فلسطين تي ڌارين جي يلغار جا ترانا ڏاڍي مزاحمتي انداز ۾ ڳائي ۽ جاڳائي ٿو. شاعر جڏهن پنهنجي ڌرتي، عوام جي اهنجن، وڻن وٿاڻن ، ڪلچر، ٻولي، مٽي جي خوشبوءِ، سحر جي ڪلپنا، سمنڊ، هوڙن، سجاڳي، شعور، پنڌ، ويراڳ، خودمختياري ۽ حق جو ذڪر شاعري ۾ ڪري ٿو ته ان وقت هو سامراجي غلبي سميت هر قسم جي استحصال جي نفي ڪري ٿو، هو اهڙي اظهارِ بيان سان دراصل سيکاري ٿو ته جڏهن ماڻهو ڌرتي ڌڪاڻا ٿي ويندا آهن، ته پناهگير يا جلا وطن ٿي ويندا آهن، ان ڪري وطن جي حب ايمان جو جُز آهي. اهڙي پسمنظر سامهون شاعر رڌم جي ٻل تي پنهنجي موقف تي ثابت قدم ٿي بيهندو آهي، ۽ روشن صبح ۽ سويرن جو ڪارڻ ٻڌائيندو آهي. سنڌ جو نالو کڻڻ سان قبر روشن ٿي پوي ٿي ۽ شاعر آجپو حاصل ڪري ٿو وٺي:
ڀريو تو يار ڀاڪر ۾، اندر ۾ سوجهرو ٿي ويو،
سمورا گهاءُ ڏيئا ٿيا، مندر ۾ سوجهرو ٿي ويو.
مٽي آلي جي خوشبوءِ هُئي، پُڇيو منڪر نڪيرن ٿي،
امر نالو کنيو سنڌ جو، قبر ۾ سوجهرو ٿي ويو.
امر عباس ڀنڀرو جي شاعري محبت، حُسن، انسان دوستي، وطنيت، تاريخ شناسي ۽ انقلابيت جهڙن موضوعن سان پُر ڪيف آهي. هن رد انقلابي دور ۾ اها سُچيتائي ۽ سُرهاڻ به آهي. آرٽ ۾ هي اُڻت ديس دروهي خلاف بغاوت آهي. هو جذبن جي اُٿل ۽ رواني سان هڪ خيال کي امرتا ارپي حيرت کي جنمي ٿو ته هو نقاد کي به شاعرانه فن جو اصل مقصد سمجهائي ٿو.
من جو کيٽ وڃي سا کيڙي،
ڇيڙن کي ڇمڪائي سوئي،
روز وڃي ٿي ساز هو ڇيڙي،
ميران کي سمجهائي ڪوئي.
سياسي شعور جي کوٽ سبب اڪثر شاعر پيڙهيل طبقي کي رومانوي ڪري پيش ڪندا رهيا آهن. مارڪس وٽ حُسن جو جوهر پورهيو آهي. هي شاعر امر عباس ڀنڀرو به سولي زبان ۾ اهڙي ئي درد ڪٿا سمجهائي ٿو. هو شاعري تي جاگيردارانه نفسيات جو اثر قبول نٿو ڪري، لفظن جو پسمنظر هڪ جرئت هجي ٿو، ته حقيقت پسندي به هجي ٿو. هڪ شاعر جي ڪيفيت ڪڏهن رڻ ۾ راڙو بڻجي ٿي، ته ڪڏهن دل شڪسته قافلي کي اُتساهي ٿي. اها انسپائريشن جرئت جي سيني مان اُڀري حيرت ٿي تخليق ڪري. امر جي شاعري ۾ سنڌ ڳالهائي ٿي:
مون کي پنهنجو جوڙ ڏيئي ڇڏ سمهاري،
ها هينئي کي لوڙ ڏيئي ڇڏ سمهاري،
سنڌ لاءِ جاڳي نٿو تنهنجو ضمير،
لعنتون پوءِ کوڙ ڏيئي ڇڏ سمهاري.
شاعري ڪلچر، تهذيب ۽ تاريخ سان سٻنڌ جوڙي ٿي، اهڙي موضوعاتي فهم علامتي به هجي ٿي. اوڻهين صدي ۾ فرانس ۽ بيلجيم مان شاعري ۾ علامت نگاري هڪ تحريڪ ٿي اُڀري هئي. امر عباس وٽ ڀٽائي ۽ سقراط ( جنهن جي فلسفي جو اهم نڪتو Know Thyself يعني خود شناسي آهي.) رڳو ٻه ڪردار ئي نه پر سچ ۽ ڏاهپ جون ٻه علامتون آهن. هن جي شاعرانه ليگيسي جا لطيف جي فلسفي جي پوئيواري ڪري ٿي:
پيالو زهر جو اوتي، کلي پيو خود شناسي تي،
خدائي کي ڀري ويو آ ڏسو سقراط ڀاڪر ۾.
ڀٽائي ڀونءِ ڏانهن نڪتو ٻڌي سندرو سامونڊي جو،
تمر تنهن ويل تڙپي کنئي جُتي ۽ تات ڀاڪر ۾.
منهنجو خيال آهي ته سيڪيولر ماڻهو ئي ڀلوڙ آرٽسٽ ٿي سگهي ٿو، نه ته ٻي صورت ۾ هن جا خيال مجروح ٿي سگهن ٿا. ڇو ته تخليق جو هي لطيف فن خيال، سوچ، ۽ تصور جي حدبندي سان ڪا نئين لهر نٿو اُڀاري سگهي، ڪو حيرت انگيز ماسٽر پيس تخليق نٿو ڪري سگهي. شاعري جو ڪينواس به ڪجھ اهڙو ئي آهي، ڇو ته ڪوي جي تصوراتي تانگھ به نوان سوال تراشي ٿي. ڪائنات جي افق تي تصور جا نوان اُپگرھ اهڙي ريت جنم وٺن ٿا. هي شاعر زندگي جو جياپو آرٽ ۾ تلاش ڪري ٿو. ناسازگار حالتن تي ويڳاڻو ٿي، ٻهروپيت سامهون وري به شاعري جو پانڌ پڪڙي ٿو:
ٻُڌا اقبال جون مُرليون، موهن کي شاھ جون وايون،
خميسي خان جا لهرا، اسان جو جيء جهورين ٿا.
ڇير جي جهنڪار تي گيت رچنا جو تصور روهيڙي جي رتل گل جهڙو سندر ۽ دلربا آهي. هي ڪوي سوچي ٿو ته جانجهر جو موت رقص، تهذيب ۽ روشن خيال صدا جو موت هجي ٿو:
تنهنجي ڇير جي رڌم تي مون گيت ٿي لکيا،
اڄ رات وڳي ناهي، جانجهر جو موت ٿي ويو.
امر جي شاعري ۾ خوبصورت رواني ۽ بي ساخته وهڪ آهي. جيئن ڪا رقاصا پير ۾ ڇير ٻڌي رقص ڪري ٿي، ايئن هن ڪوي جي شاعري ۾ سرلتا ندي جي ڌيمي وهڪ جهڙي لڳي ٿي:
ٿي واءُ تنهنجيون ٻانهون مون لام ۾ لڏن ٿيون،
ڏين لاڏ مان ٿي لوڏو اوڏانهن اسين لَڙون ٿا.
سسئي پنهون ۽ ليلي مجنون واري “عشقيه ائپروچ” ڪلاسيڪل داستانن ۾ سحر انگيز لڳي ٿي. محبت جنسي ڇڪ آهي، ذهني ڪيفيت آهي، ۽ هڪ سڪ ڀريو رويو به آهي:
تو پٿر جيئن ڀرم کي ڀوريو پئي،
مون سڄو سُرمون ڪري پائي ڇڏيو.
چنڊ پنهنجي ڀاڪرن کي ويو ڏسي،
رات اوڇڻ پاڻ تان لاهي ڇڏيو.
هڪ شاعر کي دور جي درد ۽ جذبن جي ترجماني ڪرڻ گهرجي. ڇسي تڪ بندي کين واھ واھ جي سحر ۾ مبتلا ته ڪري سگهي ٿي، پر ايندڙ وقت ۾ اهڙي ڪوتا جي لفظن تي دز چڙهي ويندي. ان ڪري تصورن جي تانگھ ۾ ڪيفيتن ۽ حالتن جي ڀرپور عڪاسي هئڻ گهرجي. سوال ته اٿي ٿو ته هڪ شاعر ڌرتي جا خواب گهوڙن جي سنبن هيٺ لتاڙي محبوب جي ٻانهن ۾ مدهوش ٿي، ان جا وار ويٺو سنواري؟
هُتان مقتل مان هوڪا هُئا، هتان محبوب پئي سُڏڪيو،
اسان ڏس دار نه هوندي به ڦاهي تي پئي لٽڪياسين.
روشن آئيندي لاءِ شاعري جو سگهاري صورت ۾ اچڻ ضروري آهي ته جيئن گُهٽ ٻوسٽ گهٽ ٿئي ۽ زندگي لاءِ اسپيس پيدا ٿئي. شيخ اياز لکيو آهي ته: “ سنڌ ۾ ٻيا فنِ لطيف ڪنهن نه ڪنهن ريت نهوڙيا ويا آهن. فقط شاعري ئي بچي وئي آهي، جو ان جي بچاءُ ۾ لطيف ۽ مون بي جگري سان مقابلو ڪيو ۽ ايترو طوفان کڙو ڪيو جو مخالف ان جي دز ۾ دٻجي ويا.” سنڌ ۾ اهڙي انقلابي آدرش جو تسلسل هڪ امر عباس ڀنڀرو به آهي، جيڪو پُڇي ٿو ته شهيد تي به لڙڪ لاڙي روئبو آهي ڇا؟
آ بلاول سنڌ کي سمجهاءِ اچي،
ڇو ڀلا شهيد تي روئي پئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *