تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

شادي ڪارڊ … ھمير گاد

گهڻو خوش گذاريندي منهنجي پٽ سان تنهنجي ڇوڪري، ڪپڙن سان گڏ ٿانو به ڌوئندو آ منهنجو پٽ.(ٽي منٽي)
مان وارا سائين…..السلام عليڪم
جيئن ته نورچشم سڪيلڌو (الله ان جي شر کان هر هڪ کي محفوظ رکي) ولد الائي ڪيئن لڌو جي شادي اڌ بربادي اڻ ڄاتل مدي تائين  خبر ناهي ڪيئن طئي ٿي آهي.اوهان کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي ۽ پاڻ سان گڏ پنج ماڻهو ٻيا به ساڻ وٺي ايندا ۽ ماني گهران کڻي ايندا ته جيئن  ٻئي ڪنهن کان گهُرڻي نه پوي.نه ته شھادت يا شرمندگي توهان کي نصيب ٿيندي.
تاريخ- 51 ڊسمبر 200200
پروگرام…
گڏجاڻي- صبح جو نائين بجي کان جيستائين گهوٽ کي غسل ڏيئي تيار ڪيو وڃي.
نڪاح- مولوي صاحب جڏهن اچي.
دعوت طعام- هر هڪ ماني پنهنجي ٽفڻ باڪس ۾ کڻي اچي.
ٽماٽن سان آجيان ڪندڙ:
من گهريا مائٽ ۽ دل گهريا دوست
آسائتا: چريا فيملي
هنڌ: گدو بندر

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *