تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

شادي کان اڳ ٿيلسيميا ٽيسٽ ڪرائڻ ڇو ضروري آهي؟……..اعجاز تيوڻو

ٿيلسيميا رت جي اهڙي خرابي آهي جنهن ۾ رت جا جزا جسماني ضرورتن مطابق آڪسيجن جو مناسب مقدار مهيا ڪرڻ جي قابل نه رهندا آهن. ٿيلسيميا جا 2 قسم آهن، هڪ مائينر يعني معمولي ٿيلسيميا هوندي آهي، جڏهن ته ٻي ميجر يعني وڏي ٿيلسيميا هوندي آهي. ٿيليسيميا مائينر وارا ماڻهو ظاهري طور صحتمند هوندا آهن پر اهو مرض سندن رت ۾ موجود هوندو آهي ۽ سندس جين ايندڙ نسل ۾ بيماري منتقل ڪري ڇڏيندو آهي.
ٿيلسيميا مائينر، متاثر زال مڙس جي جزن ذريعي ٻارن ۾ منتقل ٿئي ٿي، رت جي هن خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٻارکي هر مهيني رت لڳائڻ ۽ ٻين دوائن جي ضرورت پوندي آهي جڏهن ته انهن مريضن کي وقت تي رت فراهم نه ڪيو وڃي يا انهن جو صحيح طريقي سان علاج نه ڪيو وڃي، ته اهي اڪثر ڪري هڪ سال کان 8 سالن جي عمر تائين فوت ٿي ويندا آهن. ٿيلسيميا مائينر جي مرض ۾ ورتل ماءُ ۽ پيءُ مان پيدائشي طور ٻار ۾ منتقل ٿئي ٿي، هن بيماري جي ڪري رت جي ڳاڙهن جزن ۾ هيمو گلوبن ٺاهڻ جي صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ ٻار ۾ رت جي سخت کوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي. پوءِ اهو ٻار جڏهن وڏو ٿيندو وڃي ٿو ته ان کي رت جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي ۽ ظاهر آهي ته سڄي ڄمار ٻار کي رت لڳرائڻ والدين توڙي ٻارن لاءِ مشڪل عمل آهي.
جڏهن ته ميجر ٿيلسيميا انهن ٻارن کي ٿئي ٿو، جن جا والدين مائنر ٿيلسيميا جي مرض جو شڪار هوندا آھن. ميجر ٿيلسيميا جي شڪار ٻارن جو بون ميرو ۾ رت ٺاهڻ جي صلاحيت نه هوندي آھي. ان ڪري مائينر ٿيلسيميا جي مرض جو شڪار والدين کي عورت جي حمل ٿيڻ کانپوءِ 3 مهينن اندر سي وي ايس ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گهرجي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته پيدا ٿيندڙ ٻار ميجر ٿيلسيميا جي مرض جو شڪار ته ناهي. ان پيٽ واري ٻار کي ميجر ٿيلسيميا جو مرض ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ اڪثر ماڻهو اهو ٻار ضايع ڪرائي ڇڏيندا آهن ته جيئن والدين ۽ ٻار سڄي عمر جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ کان بچي سگهن. بهرحال، اهو به هڪ ڪٺن مرحلو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه شخص ڀلي ڪيترو به سخت دل ڇو نه هجي، پر اهو ڪڏهن به پنهنجو ٻار ايئن ضايع نه ڪرائيندو، ماءُ لاءِ ته اهڙو خيال ئي ڏيڄاريندڙ آهي.
پنهنجي ايندڙ نسل کي ٿيلسيميا کان بچائڻ لاءِ واحد طريقو اهو آهي ته شادي کان پهرين مرد ۽ عورت ٻنهي جي ٿيلسيميا جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي. جيڪڏهن مرد ۽ عورت ٻئي ٿيلسيميا مائينر جو شڪار هجن ته انهن جي پاڻ ۾ شادي ڪرائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ته جيئن ٿيلسيميا جهڙي بيماري ۾ ورتل ٻارن جي پيدائش کي روڪي سگهجي.
اڄ ڪلهه ٿيلسيميا جو مرض وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي معصوم ٻار موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، ملڪ ۾ ٿيليسيميا جي متاثر ٻارن جي علاج ۽ کين رت لڳائڻ لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊزيز ڪراچي، فاطميد فائونڊيشن، حسيني بلڊ بينڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته نوابشاهه ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ٿيليسميا جي متاثر ٻارن کي علاج ۽ رت لڳائڻ لاءِ 2007ع ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي والد حاڪم علي زرداري ٿيليسيميا سينٽر شروع ڪرايو ويو. ان سينٽر تي هن وقت ضلعي شهيد بينظيرآباد کانسواءِ نوشهروفيروز، سانگهڙ سميت ٻين 16 ضلعن جا 1900 ٻار رجسٽرڊ ٿيل آهن، جن مان روزانو 70 کان 100 ٻارن کي رت لڳايو وڃي ٿو. رت جي بندوبست لاءِ هر هفتي مختلف علائقن ۾ ڪيمپون لڳايون وڃن ٿيون. ماڻهن کي اپيل ڪئي ويندي آهي ته اهي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي زندگي بچائڻ لاءِ صحتمند رت جو عطيو ڏين.
جيتوڻيڪ، ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جو علاج ۽ رت وغيره مفت ۾ ملي ٿو، پر ان باوجود اهي مريض ٻارڙا ۽ سندن والدين جيڪو ڀوڳين ٿا، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. روز روز سينٽرن جا چڪر ۽ ٻارڙن جو پوري زندگي علاج ماڻهن لاءِ مسئلو بڻجي ويندو آهي. ان ڪري صحتمند ٻار جي پيدائش لازمي آهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن شادي کان اڳ جوڙن جو ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرايون وينديون، انهن جي مڪمل چڪاس مان ئي خبر پئجي سگهندي ته اهي اڳتي هلي صحتمند ٻار پيدا ڪري سگهن ٿا يا نه. صحتمند ٻار يقينن قدرت طرفان والدين لاءِ هڪ تحفو هوندو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *