تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

شادي….توبهرام ڪرشن

ڪنهن چيو شادي وڌ ۾ وڌ ترغيب سان تسڪين جي موقعن جو نالو آهي ننڍي عمر ۾ شادي اعتماد، جواني ۾ شادي خوشي ۽ پوڙهاپي ۾ شادي هڪ وڏو سهارو هوندي آهي. شادي وقت دوست، شادي کان پو۽ گهروارا ۽ شادي هلندي رهي ته پاڙي وارا به خوش رهندا آهن پر مسلسل هلندي رهي ته ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ته مار اهو مسئلو ته مسلسل آهي. شادي هڪ پريشاني نه آهي مسلسل پريشانين جو نالو آهي. زال گهڻن مسئلن جو گڏيل نالو آهي. شادي مرد ڪندا آهن ۽ برداشت به مرد ڪندا آهن پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. پر اهڙين لاچار خوشين ۾ ٻار اچي ويندا آهن پوءِ رڳو ٻارن جي خوشين لا۽ ماڻهو سموري زندگي پريشان رهندا آهن. ڇا ٿيندو انهن مڙسن جو جن جا ٻار ته نه ٿيا پر پريشانيون مسلسل رهيون. ارينج ميريج وارا پهرين شادي ڪندا آهن ۽ پوءِ پيار ڪندا آهن جڏهن ته پيار جي شادي ڪرڻ وارا شادي کان پوءِ رڳو پراڻي پيار کي ياد ڪندا آهن پيار هڪ وڌڻ وارو جذبو آهي پر زال سان پيار ڪندو ته ٻار وڌي ويندا ٻئي ڪنهن سان ڪندو ته زال ڪاوڙجي ويندي. ڇا ٿيندو انهن زالن جو جن نه پنهنجو خيال رکيو ۽ نه وري مڙسن کي ڪنهن جو خيال رکڻ ڏنائون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *