تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سڪندر اعظم ڪير هو؟ … سجاد جوکيو

سڪندر اعظم يونان جو رهواسي هو سندس والد جو نالو فلپ(ٻيو) هو “جيڪو مقدونيا جو بادشاهه هو جنهن کي 336 ق”م ۾ قتل ڪيو ويو هو “ سڪندر جي والدا جو نالو اولمپياس هو ” جيڪا يونان جي راڻي هئي سڪندر اعظم تعليم يافته نوجوان هو ”هو عظيم مفڪر ارسطوءَ جو شاگرد هو جنهن کيس فلسفي، سائنس ۽ تاريخ جي ڄاڻ ڏني سڪندر 20 سالن جي عمر ۾ بادشاهه بڻيو کيس سڪندر مقدوني به سڏيو ويندو آهي هو هڪ ذهين چالاڪ لچڪدار طبيعت رکندڙ مليا ميٽ ڪندڙ هڪ بهادر ويڙهاڪ هو تاريخ ۾ اچي ٿو ته ”هو بي انتها خوبصورت انسان هو ”ڏيرج ۽ صاف سوچ وارو ماڻهو ۽ شهرت جو بکيو هو پنهنجي شخصي خوشين لاءِ چريو هوندو هو شان ۽ شوڪت جو مجسمو هو ڏکين حالتن ۾ هڪد م ئي پهچي ويندو هو ۽ حقيقتن جي مشاهدي کان پوءِ صحيح اندازي لڳائڻ ۾ ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي جنگ جي منصوبا بندي ڪرڻ “فوجين کي هٿيارن سان مسلح ڪرڻ ۾ کيس مهارت هئي لشڪر ۾ اعتماد بحال ڪرڻ حوصلا بلند ڪرڻ ۽ کين جنگي روح ڦوڪڻ ۾ قدرت کيس ڏات ڏني هئي جتي حالتون ڏاڍيون خطرناڪ هونديون هيو ته اڳ ۾ پاڻ بي ڊپو ٿي ڪڏي پوندو هو ۽ سندس فوج جو ڊپ هڪدم ختم ٿي ويندو هو خطرن کي بهادري سان منهن ڏيندو هو ضررورت مطابق پنهنجي ڏاهپ دور انديشي سان پنهنجي دشمن جي خواب ۽ خيال کان به اڳتي صورتحال کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري وٺندو هو اهي گڻ سندس اهڙا هئا جيڪي هر تعريف کان مٿي هئا نه ڪنهن سان ٺڳي ڪيائين نه ڪوڙ ڳالهيائين ۽ نه ڪير کيس ٺڳي سگھيو وچن جو پڪو هو پنهنجي ذاتي خوشين لاءِ تمام گھٽ خرچ ڪندو هو پر ٻين مٿان پاڻي وانگر پئسو هاريندو هو
سڪندر کي خيال آيو ته سڄي دنيا فتح ڪجي ان لاءِ هڪ وڏو لشڪر ٺاهي ڪيترا ملڪ فتح ڪري بر بيابان سر سبز واديون لتاڙي ڏونگر ڏوري نديون نالا پار ڪري اچي قديم سنڌ تائين پهتو پر سنڌي سورمن ساڻس مقابلو ڪيو کيس شڪست ته ڪون ڏئي سگھيا پر سندس لشڪر ۽ ساز سامان کي ايترو مفلوج ڪيائون جو هن هندستان ۽ سنڌ ڏانهن اڳتي وڌڻ جو ارادو ترڪ ڪري واپس وطن وڃڻ ۾ خيريت سمجهي،عام طور تي اهو مشهور آهي ته سڪندر اعظم سنڌي ماڻهن هٿان مئو هو حقيقت اها آهي ته سڪندر سنڌين جي هٿان زخمي ٿيو هو ۽ زخم مرڻ تائين ڪونه ڇٽا هئس سڪندر کي مالي سرحدن ۾ زخمي ڪيو ويو هو اهو هڪ آزاد سنڌي قبيلو هو اهو شهر به مالي قوم جو هو مالي قبيلي ئي سڪندر مٿان تيرن جو وسڪارو ڪري ڏنو وفات وقت پنهنجي پويان ستر اهڙا شهر ڇڏي ويو جن کي سڪندريه جو نالو ڏنل آهي اهي شهر .مصر. ايران. افغانستان ۽ وچ ايشيا کان ويندي هندستان تائين پکڙيل آهن
يوناني جنهن به شهر تي ڪاهه ڪندا هئا ته سنڌي شهر ڳوٺ خالي ڪري نڪري ويندا هئا ۽ پنهنجي هاٿين کي ڇڙو اڳ ڇڏي ڏيندا هئا جيڪي يونانين کي گھڻو پريشان ڪندا هئا يونانين لاءِ اهي جانور عجيب و غريب هوندا هئا جيڪي هنن اڳ ڪونه ڏٺا هئا “ نه صرف ايترو پر مور پکي ۽ ڪپهه جي پوک به هنن پهريون ڀيرو هتي ڏٺي هئي سڪندر اعظم جي حڪومت ٻارنهن سال ۽ اٺ مهينا هلي پاڻ مرڻ کان اڳ اها وصيت ڪيائين ته سندس هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍيا وڃن ڇاڪاڻ ته جن کيس شهنشاهيت دوران ڏٺو هو تن کي خبر پوي ته سڪندر هڪ عام ماڻهو وانگر هٿئين خالي هن دنيا مان موڪلائي ويو” سڪندر جي موت جي پوري طرح خبر نه پئي ته سڪندر جو موت ڪئين ٿيو ؛ ڪن جو چوڻ هو ته سڪندر کي زهر ڏئي ماريو ويو زهر ايران جي شهزادي رخسار ڏنس ڪن جي چوڻ مطابق سڪندر شهر بابل پهچي سڄي رات شراب پئندو رهيو سڪندر کي پهريان نارمل بخار ٿيو پوءِ اهو بخار نمونيا ۾ تبديل ٿي ويو جنهن سان سڪندر جو موت ٿيو،ڪجهه وري اهي به ڳالهيون هليون ته سڪندر پوري دنيا فتح ڪري نه سگھيو جنهن ڪري سڪندر شراب ۾ تمام گھڻو مبتلا ٿي ويو ۽ شراب پيئندي پيئندي موت جو شڪار ٿي ويو

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *