تازا ترين
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سڪندراعظم جي ڪاميابي جا سبب … علي حيدر

تاريخي پنن مان جيڪڏهن جائزو وٺجي ته اوهان کي ائين محسوس ٿيندو ۽ اوهان ان ڳالھه کان متفق هوندو ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو فتح مند انسان اوهان کي يونان (Greek) جو سڪندراعظم ئي ملندو جنهن اڄ کان تقريبن 23سوَ سال اڳ دنيا جي تقريبن حصن تي پنهنجي فوج ۽ پنهنجي بهادري سان فتح حاصل ڪئي. هن جو پيءُ فلپ “King Philip II”جيڪو اڳ ئي يونان جو بادشاه رهي چڪو هو ان جي تيار ڪيل فوج جو تعداد تقريبن 35 هزار هو جنهن جي ذريعي هنن فارسي (Persian حڪمرانن کان فتح حاصل ڪئي هئي. اصل حقيقت هي هئي ته هنن جي فوج فارسين جي مقابلي ۾ گهٽ هئي ۽ انهن جا حڪمران ان غور فڪر ۾ هوندا هئا ته اسان جي فوج انهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي ته پوءِ ڇا سبب آهي جنهن جي ذريعي هو اسان کان جنگ کٽيو ٿا وڃن؟ سڪندراعظم جي ڪاميابي جا اصل ٽي سبب هئا جنهن جي ذريعي هنن فارسين سان گڏ ٻئي دنيا کان به فتح حاصل ڪئي.
پهريون ته سڪندراعظم جي فوج جيڪا هن جو پيءُ فلپ هن کي ڏئي ويو هو، اها فوج فارسين سان گڏ دنيا جي ٻين فوجن جي مقابلي ۾ گهڻي طاقتور هئي بهادر هئي ان جو سبب هي هو ته سڪندراعظم جي پيءُ ان فوج کي سٺي ٽريننگ ڏني هئي. ٻي نمبر تي ته سڪندراعظم پاڻ خود فوج جو جنرل هو جيڪو سڀني فوجن کان وڌيڪ سياڻو ۽ هوشيار هو. ٽي نمبر تي هن جي پنهنجي بهادري هئي جيڪا هن پنهنجي استاد يونان جي مشهور سائنسدان ۽ فلاسافر ارسطو کان سکي هئي ۽ هي سڀني فوجن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سوچ وارو ماڻهو هو.
سڪندراعظم کان بعد وارا جيڪي به سياستدان ۽ بادشاهه ان ڳالھه کي وڌيڪ ترجيع ڏيندا آهن جيڪڏهن ان جي پيءُ جي فوج نه هجي ته شايد هو شڪست کائي ها پر ڪن ڳالهين ۽ تبصرن ۾ ان ڳالھه کي به نظر ۾ وڌو وڃي ٿو ته سڪندراعظم فارسين سان گڏ دنيا جي بادشاهن کان جيڪا فتح حاصل ڪئي ان ۾ سڪندراعظم جو پنهنجو وڏو ڪردار هو ۽ هو وڏو بهادر انسان هو. جيڪڏهن سٺي سوچ ۽ نظريي بابت سوچجي ته ڪائي به فوج يا قوم چاهي ڪيڏي به وڏي بهادر ڇونه هجي پر جيڪڏهن هنن جو اڳواڻ هيڻو ۽ نادان هوندو ته اها قوم ڪڏهن به فتح حاصل نه ڪندي ۽ جيڪڏهن انهن جو اڳواڻ بهادر ۽ ڏاهو هوندو ته اها فتح ضرور حاصل ڪندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *