تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

سينٽ لوئيس ماڊل يعني ڪرونا ڪا نئين بيماري ناهي …سنڌيڪار طفيل مگسي

دنيا منجهه ڪرونا ڪا پهرين عالمي بيماري ناهي پر اها چوڏھين صدي ۾ طاعون جي شڪل ۾ پکڙي ۽ 20 ڪروڙ زندگيون ڳڙڪائي چڪي هئي 1918ع ۾سپينش انفلوئزا نڪتو ۽ هن به دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ۾ 10ڪروڙ ۽ آمريڪا ۾ 20لک ماڻھو متاثر ڪيا هئا.۽ ھينئر دنيا نوول ڪرونا جي خوف ۾ مبتلا ٿي چڪي آھي. ڊسمبر 2019ع ۾ ڪرونا جو خوف پکڙڻ شروع ٿيو ته دنيا جي سامهون ٻه ماڊل هئا سينٽ موئس ماڊل ۽ فلاڊليفا ماڊل. اهي ٻئي ماڊل صحت جي عالمي اداري سان گڏ دنيا جي سمورن اعليٰ فورمن تي بحث ٿيڻ ۽ آخر ۾ دنيا سينٽ لوئس ماڊل تي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اوهان هن وقت سڄي دنيا جو نقشو پنهنجي سامهون رکي ڪري ڏسو ته اوهان کي سمورا ملڪ لاڪ ڊائون ملندا. اهي ڇو بند آھن؟ اهي سينٽ لوئس ماڊل جي سبب بند آھن. هاڻي سوال هي آهي ته ماڊل آھي ڇا؟ ۽ اسان کي اهو سمجهڻ جي لاءِ  بيڪ گرائونڊ ۾ وڃڻو پوندو.1918
1918 ع جي وچ ۾ سپينش انفلوئزا امريڪا ۾ پهتو. سينٽ لوئس ۽ فلاڊليفا ٻنهي شھرن ۾ سيپٽمبر ۾ پهريون ڪيس سامهون آيو. ٻنهي شھرن جي انتظاميا اجلاس گهرائي. فلاڊليفا جو مدئر ٿامس ۽ ڪيئر ليس هو. هن بورڊ ميٽنگ ۾ اعلان ڪيو“اها معمولي لهر آئي آھي ۽ گذري ويندي“ نزلو يا زڪام ڪا بيماري ناهي اسان کي روزانو زڪام ٿئي ٿو ان ڪري پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. ماڻھن کي احتياط جي هدايت ڪريو ۽ شھري زندگي کي هلڻ ڏيو. ڪجهه معززن اعتراض ڪيو پر ميئر سندن اعتراضن کي ٿڏي ڇڏيو باوجود ان جي ميمبرن نه مڃيو ميئر 28سيپٽمبر 1918ع  ۾ سينٽ پيٽرڪ ڊي پريڊ جو اعلان ڪيو.. ميمبر رڙيون ڪندا رهجي ويا پر ميئر مان نه مڃان تي بيهي رهيو. جڏھن ته ٻئي پاسي سينٽ لوئس ۾ انفلوئزا جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو ته ميئر بورڊ جي ميٽنگ جي ڪال ڪئي سينٽ لوئس ۾ به پيٽرڪ ڊي پريڊ شيڊول هئي پر ميئر اها پريڊ رد ڪري ڇڏي ۽ سڄي شھر ۾ عوامي گڏجاڻين تي پابندي ھڻي ڇڏي هئي. اسڪول. بس. ٽرين. شاپنگ سينٽرز .اناج ۽ سبزي منڊي ايستائين ته جنازي تائين به پابندي وجهي ڇڏي. ميئر پوليس کي حڪم ڏنو ته شھر جا سمورا چرچ به شام تائين لاڪ ڪيا وڃن. ماڻھن ميئر جي انهن انتظامن کي پسند نه ڪيو. شهرن ۾ احتجاج شروع ٿي ويا. والدين . واسطيدار ۽ چرچ جي انتظاميا ۽ دڪاندارن“ميئر مرده باد“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا پر ميئر به اصول جو پڪو هو. پاڻ به نه مڙيو. هن هوريان هوريان ماڻھن کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو. شھر جي حالت اها هئي ته ڪو شخص دري کان منهن به ڪڍي آواز ڏيندو هو ت اڌ شھر ۾ ان جو آواز پڙاڏو ڪندو هو.
پوليس گشت ڪندي هئي ته انهن ڏينهن ۾ ڪتو به ڏيک نه ڏيندو هو. اها پابندي ٻه مهينا جاري رهي. نومبر جو مهينو آيو ۽ فلاڊليفا ۽ سينٽ لوئس ٻنهي ميئرن جي حڪمن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿيا. فلاڊليفا ۾ انفلوئزا پکڙيو ۽ ھن تباهي پکيڙي ڇڏي.50هزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا. شھر ۾ ڪو هڪ به اهڙو گهر نه هو. جنهن ۾ لاش نه هجي ۽ شھر ۾ ڪو گورک قبر کوٽڻ جي لاءِ نه رهيو پر پادري به جنازا پڙھائڻ جي لاءِ تيار نه هئا ان ڪري انتظاميا لاشن کي ساڙڻ تي مجبور ٿي پئي. جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ سينٽ لوئس محفوظ ترين شھر ٿي رهيو. انفلوئزا اتي به هو پر موت ۽ بيمار ماڻھن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر هو. ٻار ۽ عورتون به محفوظ هئا. اوهان اڄ به 1918ع1919ع جي انگن جو گراف ڪڍي ڏسو. اوهان فلاڊليفا جو گراف وڌندي ڏسندو جڏھن ته سينٽ لوئس ۾ ھيٺ کان هيٺ ايندي ڏيک ڏيندو سپينش انفلوئزا 1919ع جي پڇاڙي ۾ امريڪا ۾ ختم ٿي ويو پر اهو ويندي ويندي فلاڊلفيا جي ميئر ٿامس به سينٽ لوئس جي ميئر کي هيرو بڻائي ويو.
عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين جي 1919ع جي هڪ تقرير ۾ جيڪا هن وقت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آھي. صدام حسين ان تقرير ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته امريڪا اسان کي عراق ۾ ڪورونا وائرس پکيڙڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آھي. اها ٻئي ڳالهيون حقيقت آھن.ڇاڪاڻ ته ڪورونا وائرس 70 سال کان دنيا ۾ موجود آھي. اسان منجهان ڪافي ماڻھو هر سال ۾ هڪ اڌ ڀيرو ان جو شڪار به ٿيندا هئاسين پر پوءِ به اسان ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندا هئاسين. موجوده وائرس صرف ڪورونا ناهي پر اهو نوول ڪورونا آھي ۽ اهو ڪورونا وائرس جي ايڊوانس ۽ خوفناڪ شڪل آھي ۽ اسان جي سگهه واري قوت ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي.
دنيا نوول ڪورونا جي ڪري ڇو پريشان آھي؟ان جا ٽي سبب آھن.اڳ ۾  اسان اهو نٿا ڄاڻون ته اها ڪيئن پکڙجي ٿي.؟ اها هٿ کان پکڙجي رهي آھي .ساهه کان يا وري هوا کان. ٻيو هي ته اها انسان کي ڪنهن حد تائين نقصان رسائي سگهي ٿي. طبي ماهرن جو خيال آھي ته ڪورونا وائرس گرمي برداشت نه ڪري سگهندو جيتوڻيڪ اسان جو گرمي پد جيئن ئي 30سينٽي گريڊ ٿيندو ته اهو ختم ٿي ويندو. ميڊيڪل سائنس وٽ ان جو ڪو جواب ناهي ۽ ٽيون نوول ڪورونا جو علاج ڇا آھي؟ دنيا هينئر تائين ان جو علاج ڳولي ناهي سگهي .ان ڪري جنهن ڏينهن ان جي ويڪسن مارڪيٽ ۾ اچي وئي ۽ پوءِ دنيا ان طرح ٽڙي پوندي جهڙي ريت اها طاعون ۽ انفلوئزا جي خاتمي کانپوء ٽڙي هئي.
اسان کي مڃڻو پوندو ته اسان ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي اهليت ناهي .اها بيماري هينئر تائين چين .اٽلي ۽ امريڪا جهڙن ملڪن کي لٽي چڪي آھي. اڍائي سئو ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آھي .اهو نقصان ڪيستائين ويندو دنيا نٿي ڄاڻي ان ڪري جيڪڏھن پاڪستان ۾ ڪورونا پکڙجي ويو ته اسان هٿ ملائي ملائي ان کي 22 ڪروڙ ماڻھن تائين رسائي ڇڏينداسين اسان وٽ صرف سينٽ لوئس ماڊل کانسواءِ ڪوبه آپشن نٿو بچي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *