تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سيما…وفا صالح راڄپر

هوءَ نه رڳو منهنجي ڀيڻ ياسمين جي دل گهري ساهيڙي پر اسان جي پاڙيسري به آهي. وچولي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سيما هڪ شريف گهراڻي جي پڙهيل لکيل ، سگهڙ ۽ سنجيده مزاج رکندڙ ڇوڪري آهي. رنگ گورو ، ڪٽورا نيڻ ، پورو پنو قد ، لباس، سادگي ، سليقو ، ڳالهائڻ ، ٻولهائڻ ۾ ڌيرج ، شائستگي. هوءَ منهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندي آهي.ڪاليج کانپوءَ گهر ۾ ماءُ جو هٿ ونڊائڻ کانپوءِ جيڪو پاڇي وقت بچندو اٿس ، ياسمين سان گڏ گذارڻ لاءِ اسان جي گهر هلي ايندي آهي. ٻنهي گهرن جا پراڻا واسطا ۽ تعلقات آهن ان ڪري کيس اسان جي گهر ۾ ڪابه اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي.مان ادب سان لاڳاپيل ڪهاڻيڪار آهيان ۽ هوءَ ادب جي سٺي پاڙهو آهي. خاص ڪري سٺي ڪهاڻي يا شاعري سندس ڪمزوري آهي. جڏهن به شاعريءَ يا ڪهاڻيءَ جو نئون ڪتاب خريد ڪندو آهيان ته هوءَ پڙهڻ لاءِ گهر کڻي ويندي آهي. مزاج سان ٺهڪندڙ هوندس ته رات ۾ پڙهي ٻئي ڏينهن تي نه رڳو ڪتاب سليقي سان موٽائي ڏيندي آهي پر ان تي تبصرو به ڪندي آهي. جڏهن به ڪا نئين لکڻي لکندو آهيان ته ڇپجڻ کان اڳ پڙهي وٺندي آهي. جڏهن کان منهنجي گهر واري نصرت ، پهرين ويم دوران پٽ کي جنم ڏئي ، پنهنجي پٽ ۽ مون کان منهن موڙي وڇڙي وئي آهي تڏهن کان مان اندران ئي اندران ڀڄي ڀري پيو هئس. نصرت جي وڇوڙي کي اٺ مهينا گذري ويا هئا ، پر مان اڃا تائين پاڻ کي ان صدمي مان ٻاهر نه ڪڍي سگهيو هيس. صدمي جي ان ڪيفيت ۾ مون کان لکڻ ، پڙهڻ ، ڇڏائجي ويا هئا. مونکي ان صدمي جي ڪيفيت مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سيما ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. منهنجو گهڻو خيال رکڻ لڳي هئي. ان خيال کان ته مان پاڻَ کي مصروف رکڻ لاءِ ٻيهر ان تخليقي دنيا ۾ موٽي اچان. ايئن سيما سان احساس جو رشتو جڙي ويو هو. هن جي آٿٿ جهڙي ورتاءُ مان ٻيهر تخليقي دنيا ۾ موٽڻ لڳو هيس. ان ڏهاڙن ۾ هڪ ڪهاڻيڪار دوست مون ڏانهن ڪهاڻين جو مسودو مهاڳ لکڻ لاءِ ڏياري موڪليو هو. دل نه چاهيندي به لکڻ لاءِ هڪ سبب پيدا ٿي پيو.
ڪهاڻيڪار جو مسودو پڙهي ، نوٽس وٺي ، مهاڳ لکڻ ويٺس. اڃا ابتدائي سٽون مسَ لکيم ته سيما ڪمري جي ٻيڪڙيل دروازي کي کولي چيو؛ “وسيم…..!!مان اندر اچي سگهان ٿي؟” “ها سيما…..!! ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” مون پين ، پنن مٿان رکي وراڻيو. “وسيم… ! سچ ته توکي ايئن لکندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم” هن ڪرسيءَ تي ويهندي چيو. “سيما ، اهو تنهنجي خلوص جو ثمر ئي ته آهي ، نه ته…. ” “وسيم…! ليکڪ قومن جا دماغ هوندا آهن انهن کي حالتن جي بي رحم وهڪري ۾ ضايع ٿيڻ نه گهرجي” “تون ٺيڪ ٿي چوين ، سيما” “وسيم!! الائجي ڇو؟ مونکي تنهنجي ڪهاڻي پڙهڻ جو گهڻو انتظار آهي جنهن کان تون منهن موڙي ويو آهين” “تنهنجي خواهش جو مونکي احترام آهي، سيما” ايتري ۾ ياسمين ٽري ۾ چانهه کڻي ڪمري ۾ اندر داخل ٿي. هن چانهه جي ٽري ٽيبل تي رکندي چيو؛ “اديب حضرات ڪهڙي موضوع تي گفتگو پيا ڪن؟” “ڪو خاص موضوع ناهي ، ياسمين” سيما وراڻيو. “گفتگوءَ جو ڪجهه ته عنوان هوندو؟” “ياسمين! وسيم ٻيهر لکڻ پڙهڻ ڏانهن موٽ کاڌي آهي ، ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو عنوان هوندو؟” سيما وراڻيو. “ها سيما….! شڪر آهي ادا ، مسَ وڃي پاڻُ سنڀاليو آهي” “سيما جي مهربانين سان” مون کلندي چيو. “ٺيڪ آهي، ان خوشيءَ ۾چانهه پي تازا توانا ٿيو” ياسمين وراڻيو.
سيما ، حساس هردو رکڻ واري سلڇڻي ڇوڪري هئي. هوءَ نه رڳو منهنجو پر منهنجي ننڍڙي پٽ ڪليم جو به خيال رکڻ لڳي هئي. ڪليم به ساڻس مانوس ٿي ويو هو ، هوءَ اديب ته نه هئي پر ادب جو چڱو مطالعو رکندي هئي. ادب جي نظماڻين توڙي نثرائين صنفن تي ڳالهائيندي هئي. مون وٽ ايندي هئي ته مونسان بي تڪلف گفتگو ڪندي هئي. نه رڳو ادب پر زندگيءَ جي ٻين موضوعن تي به مون سان ڳالهائيندي هئي. ساڻس احساسن جو اهڙو رشتو جڙي ويو هو ، جو سندس موجودگيءَ ۾ اڪيلائپ جو احساس نه ٿيندو هو ، سندس ويجهڙائپ جي ڪري نه رڳو ادب پر زندگيءَ سان به پيار جاڳي پيو هو. ننڍڙو ڪليم سالَ کن جو ٿي ويو هو. بانبڙن کان اڳڀرو ٿي کٽ جي ايس کي وٺي هلڻ لڳو هو. موڪل واري هڪ ڏينهن هوءَ گهر آئي ته مان پنهنجي ڪمري ۾ ننڍڙي پٽ ڪليم کي هنج ۾ کڻي ويٺو هيس. سندس ٻاتِڙين ٻولين ۾ دنيا جهان کي ايئن وساري ويٺو هيس ڄڻ سموري ڪائنات سُسي سوڙهي ٿي، منهنجي هنج ۾ سمائجي وئي هئي. سيما ڪمري ۾ داخل ٿي ته ڪليم کيس ڏسي روئڻ لڳو ۽ کڻڻ لاءِ ڏانهس هٿ جون اڇلون ڏيڻ لڳو. هن اڳتي وڌي ڪليم کي مون کان ورتو ۽ ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي رهي. ڪليم سندس هنج ۾ هو ۽ سندس وکريل وارن سان کيڏڻ لڳو.هو. هوءَ اوچتو سنجيده ٿي وئي. هوءَ ڪا مهل ايئن گُم سُم رهي اکيون کڻي ڪڏهن مون ڏانهن ته ڪڏهن ڪليم ڏانهن ڏٺائين. “سيما….. !!” “جي وسيم….!!” “ماٺ ٿي وئينءَ ، ڇا پئي سوچين؟” هن اونهو ساهه کڻي ڪليم ڏانهن ڏٺو ۽ سندس ڳل تي چمي ڏيندي وراڻيو؛ “وسيم…! تو ڪڏهن سوچيو ته هن معصوم کي ماءُ جي پيار جي ضرورت آهي؟” “سيما…! مان ليکڪ آهيان، ليکڪ حساس هوندا آهن، سوچيان ضرور ٿو پر…!” مون جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. “پر ڇا وسيم؟” “اهوئي ، ته ماءُ جهڙي ماٽيلي ماءُ ڪٿان آڻيان؟” “اهڙي ته صفا سڃ به ڪونه ٿي آهي..” “ڪيئن ڀلا..؟” “ڏس نه وسيم.. گهر ۾ هڪ ئي عورت آهي، تنهنجي ڪراڙي ماءُ ، ياسمين ته نياڻي آهي پرائو ڌَڻُ. اڄ نه سڀاڻي پنهنجي گهر هلي ويندي. هن معصوم جو ڇا ٿيندو؟” “ها سيما…. اهو ته مان به سوچيان ٿو ، پر…” “پر وري ڇا؟” “سيما ، تو جهڙي سگهڙ ، سُلجهيل ۽ حساس عورت ڪٿان آڻيان؟” “تو جهڙي ڇا…..؟” “ڇا مطلب..؟” حيرت مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ ماٺ ٿي وئي. پوءِ ڪجهه سوچي ڌيمي لهجي ۾ چيائين؛ “وسيم ، مون جهڙي ڇو ، مان ڇو نه؟”
هڪو ٻڪو ٿي حيرت گاڏڙ خوشگوار احساس مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ڪليم کي کڻي ويٺي هئي. ڪليم جي پتڪڙين ٻانهن جو هارُ سيما جي ڳچيءَ ۾ هو. سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي ايئن سڪون جي ننڊ ۾ هو، ڄڻ ڪيترن ڏهاڙن کان سُتو ڪونه هو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *