تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سير ريگستان مختصر جائزو … ڊاڪٽر نواز علي شوق

هڪ چوڻي آهي ته “ وسي ته ٿر ، نه ته بر جو بر” سير ريگستان جي مصنف محمد اسماعيل عرساڻي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته: وسڪاري جي وقت ٿر کي سنڌ جو ڪشمير چئجي ته زيبا آهي، برسات بعد ڪيئن نه گسن تي گاهه ڦٽندا آهن، ڏهر ڀٽون، مڙها مڙڪيون، دڙا دڪيون سڀ ساوڪ سان سٿجي ويندا آهن، گويا سموري وارياسي زمين قدرتي سائو وڳو ڍڪي سوڀياوان پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پلر جي پالوٽ سان ٽوڀا ۽ ترايون ڇاڇرجي ڇلي ويندا آهن، گاهن تي ٻڪرارن جون رهاڻيون، ڀٽارين جون رنڀون هڪ واري روح کي راحت بخشيو ڇڏين، وري وڻندڙ هير ته هيڪاري چت چورايو وٺي، (ص-6-5)
عرساڻي صاحب ڪتاب جي منڍ ۾ ٿر لفظ جي معنيٰ ڏني آهي، يعني ٿر جي لغوي معنيٰ آهي “ وارياسي زمين“ ان کانپوءِ ماڻهن جي گذران بابت لکيو اٿس ته ماڻهن جو گذران عام طور مال تي آهي ، مال چارڻ ۽ گيهه پيدا ڪري ان جو نيڪال ڪرڻ، هر هڪ ٿري جو مکيه ذريعو روزگار آهي… ٿر ۾ برساتون پيون ته گاهه جام ٿيندو( ص-8) ڪتاب جي مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ ٿر جي ايراضي ۽ ٿر جي مختلف ڀاڱن تي پڻ روشني وڌي آهي، هو ٻڌائي ٿو ته ٿر جون ڀٽون عجيب آهن، ميلن جا ميل رڳو ڀٽون ئي ڀٽون ، ٿر جا ماڻهو ڀوڳ چرچي ۾ ڀٽن جو بيان هن ريت ڪندا آهن، چوندا آهن ته: ٿر آهي بر، ڀٽون آهن ڀوت ، اڃا هڪڙي چڙهان ئي ڪين ته ٻي ٿي ڪڍي ٻوٿ. ٿر جي ڀٽن بابت عرساڻي صاحب لکيو آهي ته ، قدرت الاهي سان ٿر جون ڀٽون سڀ الهندي کان اڀرندي طرف پکڙيل آهن، فقط نالي ماتر به ڪا اهڙي ڀٽ نه هوندي جا اتر کان ڏکڻ نظر اچي. ڪتاب جي مصنف اهو به ٻڌايو آهي ته اهي ڀٽون ڪيئن ٺهيون؟ ان بابت هن پنهنجا رايا ڏنا آهن.
1-ڪنهن زلزلي سبب ڀٽون ٺهيون.
2-ڪنهن سمي رڳو سمنڊ هو، اهو اتان هٽي ويو ته ڀٽون ٺهي پيون.
3-اهي ڀٽون اصل ۾ وارياسي پٿر جاجبل هئا جي گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ ڀري واري ٿي پيا.
عرساڻي صاحب پڙهندڙن جي معلومات وڌائڻ لاءِ “ ڪڇ جي رڻ” هاڪڙي ۽ مهراڻ ندي بابت به پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن، جن مان چڱي معلومات ملي ٿي، ٿر ۾ جيئن ته رڳو ڀٽون ئي ڀٽون آهن، پنڌ ۽ پيچرن جي معلومات خاطر ڀٽن تي نالا رکيا ويا آهن، مصنف مٺي جي آسپاس وارين ڀٽن جا نالا به ڏنا آهن، ڀٽن جي نالن سبب هڪ هنڌان ٻئي هنڌ سفر ڪرڻ ۾ رهنمائي ملي ٿي. عرساڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ٿر جي ڪن وڻن ٻوٽن جا نالا ڏنا آهن، جن ۾ روهيڙو هڪ قيمتي وڻ آهي، حڪومت طرفان ان جي واڍي تي بندش پيل آهي، روهيڙي جي تعريف ڪندي مصنف لکيو آهي ته اهو درخت (وڻ) نهايت شاندار ۽ سهڻو ٿئي ٿو، ٿر جي صحرا لاءِ اهو وڻ هڪ باغ بهار آهي، بهار جي موسم ۾ ان وڻ ۾ قدرت الاهي سان ڳاڙها، سونهري ۽ پيلا گل پيدا ٿيندا آهن، جنهنڪري آهستي آهستي روهيڙن جا سڄا وڻ ڪي ڳاڙهن ڪي پيلن ۽ ڪي سونهري گلن سان ڇائنجي ويندا آهن، اهو نظارو هوندو آهي، جو گويا ائين پيو ڀائنبو آهي ته ڪنهن ڪشمير جي چمن ۾ سير پيو ڪجي(ص) 49)
جيئن ته عرساڻي صاحب چڱو عرصو ٿر ۾ رهيو ۽ هن ٿر جو خوب سير سفر ڪيو، تنهنڪري هن جو ڪجهه ڏٺو سو پنهنجي ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو. ٿر جي وڻن ولين، گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر حضرت شاهه عبداللطيف به ڪيو آهي، سر مارئي ۾ ٿر جي سچي تصوير نظر اچي ٿي، عرساڻي صاحب به وڻن ٻوٽن کان علاوا ٿر جي گاهن ۽ ولين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جا نالا به ڪتاب جي ص نمبر 75 تي ڏنا آهن، مصنف ٻڌايو آهي ته ڀٽن جي وچ واري زمين تي جڏهن مينهن پوي ٿو ته اتي جوئر، ٻاجهري، مڱ ۽ گوار ٿيندي آهي انهن اناجن کانسواءِ ٿري پنهنجي ٻنين ۾ گدرا، هنڌاڻا ۽ ميها به پوکيندا آهن، انهن مان هنڌاڻو گهڻو ٿو ٿئي، هنڌاڻي جي ڳر کانسواءِ ان جا ٻج به سيڪي کائين، ٿر جي معدنيات جو ذڪر ڪندي مصنف لکيو آهي ته ٿر ۾ معدني پيدائش بلڪل ڪانه ٿئي، جيڪا ٿوري ٿڪي آهي ان جو هن ذڪر ڪيو آهي، مثلن مٺي ۾ ڪاري ۽ اڇي مٽي جون کاڻيون آهن، جن جي مٽي ڪارائتي آهي، ان کان علاوا ٿر ۾ ڪيتريون ئي لوڻ جون ڍنڍون آهن ننگر پارڪر شهر ۽ چوڙيه ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ پهاڙي آهي، جنهن جو پٿر ڳاڙهو آهي جيڪو ڪارائتو آهي،
ٿر ڪيئن آباد ٿيو؟ ان ڳالهه تي به مصنف روشني وڌي آهي جنهن لاءِ هن ڪي تاريخي شاهديون ڏنيون آهن، عرساڻي صاحب ٿر جي قومن ۽ قبيلن جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي چڱي معلومات ملي ٿي. هن ٿر جي تڙن، کوهن ۽ وسندين بابت پڻ اهم معلومات ڏني آهي، هن ڪن تڙن ۽ ڳوٺن جا نالا به ڏنا آهن، ٿر جي قدرتي نظارن جوبه سهڻي نموني ذڪر ڪيو آهي ۽ جيڪي مشهور تلاءُ آهن جهڙوڪ: گهوٽياري، ڏونگري ۽ ڀوڏيسر، تن کي به ڪونه وساريو آهي، ٿر جي مشهور شخصيت تروٽ صاحب جو به ذڪر ڪيو آهي، هن لکيو آهي ته تروٽ هڪ انگريز هو، پنهنجي خداد قابليت سبب کيس حيدرآباد جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ سندس هڪ يادگار باغ آهي، چون ٿا اهو باغ هن پاڻ آباد ڪيو هو، اڄ به اهو تروٽ جو باغ سڏجي ٿو، هن ٿر جي ڪوٽن ، قلعن ۽ مندرن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي جن ۾ گوڙي جو مندر وڌيڪ خوبصورت آهي قلعن ۾ اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ نئين ڪوٽ وارا قلعا مشهور آهن، چيلهار، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي قلعن ۾ توبون پڻ رکيل هونديون هيون.
ٿرين جو گذارو ڏٿ تي هوندو آهي، جهنگلي ميوي يا اناج کي ٿري ڏٿ چوندا آهن، پيرون، سڱريون، کنڀيون، ڏونرا، گولون، ڳاڳيون، پپون، چڀڙ، للر، مريڙو، لنب، سائون، آراڙي وغيرا، اهي سڀ ٿري ويچارا پيٽ قوت لاءِ ڪم آڻين، شاهه صاحب فرمايو آهي.
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏيهاڙي سومرا
منجهان لنب لطيف چئي، چانڙ ڪيو چاڙهين
پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙي سين
سير ريگستان جي مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ ٿر جي نانگن، بلائن ۽ جيتن جڻين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، بلائن ۾ خطرناڪ بلا پيئڻ آهي، جيڪا ڏنگ ڪونه هڻندي آهي پر پنهنجي زهريلي ڦوڪ ستل ماڻهو جي وات ۾ ڦوڪيندي آهي، پوءِ ان ستل کي زور سان پڇ هڻي جاڳائي تڪڙو هلي ويندي آهي، ان بلا جو ڦوڪيل ٿوري دير ۾ دم گهٽجڻ سبب مري ويندو آهي، ان جو علاج ڦٽڪڙي آهي، پر ورلي ڪو ماڻهو بچي پوندو آهي، نه ته اڪثر مري ويندا آهن. عرساڻي صاحب ٿر جي وڻج واپارجو مختصر ذڪر ڪيو آهي، ٿري ڍڳا ۽ ڍڳيون مشهور آهن، انهن جو واپار هلي ٿو، ان کان علاو رڍن ۽ ٻڪرين جو واپار پڻ ٿئي ٿو، گيهه مکڻ جو به گهڻو واپار ٿئي ٿو کٿا، توپرا، ٻورا، ٻوريون، فراسيون به جام ٺهن ٿيون جيڪي ٻنين هنڌن موڪليون وڃن ٿيون، ٿر جا ميلا مشهور آهن، مصنف ٿر جي ميلن جو ذڪر سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي، هن ٻڌايو آهي ته ٿر ۾ هي ميلا مشهور آهن،
1-پارهم برهم جو ميلو: هي ميلو ڏيپلي کان ڇهه ست ميل اتر طرف ويڙهي جهپ نالي هڪ ڳوٺ ۾ لڳي ٿو.
2-راضي شاهه جو ميلو: هي ميلو نئين ڪوٽ جي ڀرسان راضي شاهه بزرڳ جي مزار تي لڳي ٿو
3-رامگر جو ميلو: هي ميلو ڇاڇري تعلقي ۾ رڙلي جي ڀرسان لڳندو آهي. ان کان علاوا ٻيا به ڪي ننڍا ميلا لڳندا آهن.
عرصاڻي صاحب ٿر جي زبان يا ٻولي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هندن جي مادري زبان ڍاٽڪي آهي، جا مارواڙي ٻولي جهڙي آهي درحقيقت ڍاٽڪي ٻولي يا زبان ڪونهي پر هڪ لهجو آهي، ٿر جي مسلمانن کي به ڍاٽڪو ايندي آهي پر سندن مادري زبان سنڌي آهي. ڪتاب جو مصنف ٻڌائي ٿو ته ٿر ۾ اڪثر مڪڙ ايندا رهن ٿا، مڪڙ آفت الاهي آهن جو اهي فصل، گاهه، وڻ ٻوٽا کائي چٽ ڪري ڇڏين ٿا، اهڙي حالت ۾ ٿري مڪڙ ماري پچائي کائين. مڪڙ ۾ جيئن ته چرٻي هوندي آهي تنهنڪري گيهه جي ضرورت ڪانه پوندي آهي، هن ٿر جي مهمان نوازي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته هوند وارا ماڻهو جيڪڏهن مهمان نوازي ڪن ته ايتريقدر لائق تحسين نه آهي جيترو اڻ هوند وارا، ٿر ۾ ههڙا ڏڪار آيا، ڪنٽرول جا زمانا آيا، جن ۾ ٿرين ويچارن جنسي گاهه کاڌو، گوار جو ان واپرايو ۽ ڪنڊن جي ڇوڏن کي پيهي اٽو ڪري استعمال ڪيو پر اهڙن وقتن ۾ به ايمان ۽ مهمان نوازي پنهنجي هٿان وڃڻ نه ڏنائون. اهڙي نفسا نفسي جي زماني ۾ به جيڪڏهن ڪو مهمان گهر اندر پيهي ايندو هو ته حال سارو اول ٽڪر ان جي سامهون رکندا هئا ۽ ٻچا ۽ پاڻ بعد ۾ کائيندا هئا (ص – 200)
ڪتاب جي مصنف ٿري مردن ۽ عورتن جي پوشاڪ سندن رهڻي ڪهڻي، وهم وسوسا، شڪار، ڪچهري، مرڻي پرڻي جون ريتون رسمون ۽ لوڪ گيتن بابت به چڱي معلومات ڏني آهي. مطلب ته سير ريگستان جي ذريعي پڙهندڙن کي ٿر بابت مفيد معلومات ملي ٿي، سهڻي ٻولي سبب ڪتاب نهايت دلچسپ بڻجي ويو آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *