تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سيتا … روشن داس

سيتا جي معنيٰ آهي ’زمين جي ڌيءَ‘. ويدن ۾ سيتا کي ’کيتي واڙي، زراعت ۽ ميون جي ديوي‘ چيو ويو آهي. رامائڻ ۽ پوءِ وارن پراچين مذهبي ڪتابن ۾ آهي ته سيتا وديهه جي راجا جنڪ جي ڌيءَ ۽ ايوڌيا جي راجا دسرٿ جي وڏي پٽ رام جي زال هئي. جيئن ته سيتا زمين جو تحفو هئي، انهيءَ ڪري منجهس زمين جي حُسن جون سڀ خوبيون موجود هيون. جنڪ ۽ سندس زال، سيتا کي ڏاڍي پيار سان پاليو ۽ سٺي سکيا ڏنائون. جڏهن سيتا جي عمر شاديءَ لائق ٿي ته جنڪ سيتا جي شاديءَ جو سويموَر (پنهنجي ور جي چوند جو ڏڻ) ڪوٺايو. جنڪ وٽ شِوَ جو ڌنش (ڪمان) پيل هو، ان ڪري هن اعلان ڪيو ته ”منهنجي ڌيءَ سيتا سان اُهو شادي ڪندو، جيڪو شِوَ جو ڌنش ٽوڙيندو.“ پوءِ ڪيترائي راجمڪار/ شهزادا آيا، رام ۽ لڪشمڻ پڻ پنهنجي گروءَ وشوامتر سان گڏجي آيل هئا. سڀني آيلن پنهنجي قسمت آزمائي ڪئي، پر ڪو به اهو ڌنش ٽوڙي نه سگهيو. ان بعد رام پنهنجي گروءَ جي اجازت سان ڌنش کي ٽوڙڻ لاءِ اُٿيو ۽ ان کي ٽوڙي ٽڪر ڪري وڌائين. چوڌاري واهه واهه ٿي وئي. سيتا مجلس مان اُٿي رام جي ڳچيءَ ۾ وَر مالها پارائي ۽ کيس مڙس طور قبول ڪيو. پوءِ ايوڌيا جي راجا دسرٿ کي نياپو موڪليو ويو، جنهن ٿوري وقت بعد رام ۽ سيتا جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي.
سيتا پنهنجي مڙس ۽ سس سهري جي فرمانبردار رهي ۽ ڏک سک ۾ راضي رهندي هئي. راجا دسرٿ جڏهن رام کي گادي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن سندس زال ڪيڪئيءَ، کيس پنهنجا ٻه وچن ياد ڪرايا ۽ انهن جي پاڙڻ لاءِ زور ڀريو. رام پيءُ جو وچن پورو ڪرڻ لاءِ راڄ ڀاڳ ڀرت جي حوالي ڪيو ۽ چوڏهن ورهيه بنواس (جهنگ ۾ رهڻ) لاءِ تيار ٿيو. سيتا ماتا به مڙس سان گڏ بنواس وڃڻ لاءِ تيار ٿي. بنواس دوران لنڪا جو راجا راوڻ، سيتا کي ٺڳيءَ سان اغوا ڪري ويو. رام، راوڻ سان جنگ ڪئي ۽ کيس ماري، سيتا کي سندس قيد مان آزاد ڪرايو. رام جو ڀاءُ لڇمڻ به ساڻن گڏ بنواس ڪاٽڻ ويو هو. هن به بنواس جون تڪليفون ۽ ڏک به ڏٺا. سيتا سچائيءَ سان مڙس سان گڏ چوڏهن ورهيه بنواس جا ڏکيا سُکيا ڏينهن پورا ڪري ايوڌيا واپس آئي. ان ڏينهن ايوڌيا ۾ گهر گهر شادمانا ۽ خوشيون ٿيون ۽ ڏيئا ٻاريا ويا، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ’ڏياريءَ جو ڏِڻ‘ ڪري ملهايو ويندو آهي.
رام پنهنجي راڄڌانيءَ جو ڪاروبار نهايت امن سان هلائي رهيو هو. هڪ رات جو هو چمڙاپوش ڪري جيئن شهر جي گهٽين ۾ گهمي رهيو هو ته هڪ ڌوٻيءَ جو پنهنجي زال سان جهڳڙو ٻُڌائين. هو پنهنجي زال
کان رات جو گهر کان ٻاهر رهڻ بابت سبب پڇي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته آءٌ رام ناهيان، جنهن جي زال سيتا، راوڻ جي محل ۾ گذاري آئي ته هن پنهنجي محل ۾ واپس رکي ڇڏيو، ان ٽوڪ سبب رام کي ڏُک ٿيو، جنهن سيتا کان ’اگني پريڪشا‘ (باهه مان گذرڻ جو امتحان) ورتو ۽ سيتا باهه مان سلامت گذري وئي. اُن هوندي به ماڻهن جي چوپچو جي ڪري سيتا کي بن ۾ رشي آشرم ۾ ڇڏي آيو، جتي هن رام جي پٽن: لو ۽ ڪش کي جنم ڏنو. اُهي آهستي آهستي وڏا ٿيا ۽ رشيءَ وٽ علم/ وديا سکي جوان ٿيا. رام اشوَميڌ (گهوڙي جي قرباني) ڪئي ۽ هڪ گهوڙي کي راجائن وٽ موڪليو ته جيڪو هن گهوڙي کي پڪڙيندو، هُن کي رام سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ٻين سڀني راجائن، رام کي ’چڪر ورتي‘ راجا قبول ڪري ورتو، پر لو ۽ ڪش گهوڙي کي جهلي قابو ڪيو. مجبوراً لڇمڻ ۽ رام هڪ طرف، لو ۽ ڪش ٻئي طرف لڙائيءَ جي ميدان ۾ تيار ٿي بيٺا. سيتا ٻنهي پٽن کي منع ڪيو ته پيءُ ۽ چاچي سان جنگ نه ڪبي آهي. رام پنهنجن ٻارن کي سڃاڻي به نه سگهيو. نيٺ رشيءَ ٻارن کي اصلي ڪٿا ٻُڌائي ۽ ٻارن کي پيءُ جي آڏو پيش ڪيو. رام پنهنجن ٻنهي پٽن کي ڀاڪر پائي، اکين مان زار و قطار نير وهائي ويٺو. آخر ۾ ٻنهي پٽن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي تخت تي ويهاريائين. سيتا رام وٽ نه وئي، ڇو ته سندس دل ٽُٽي پئي هئي. هن درد ڀري نوع ۾ ڌرتي ماتا کي پڪاريو، اُن ئي وقت ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ سيتا ان ۾ الوپ ٿي وئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *