تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

سوال.. نيٺ ٿيندو ڇا ؟ سياستدانن ملڪيتن ۽ آمدني جي حساب سان گهٽ ٽيڪس ڏنو آهي، غريب ماڻهو هر شيءِ تي ٽيڪس ڀري ٿو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف ۽ ٻين سياستدانن پاران ڏنل ٽيڪس کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سياستدانن پاران ملڪيتن ۽ آمدني جي حساب سان تمام گهٽ ٽيڪس ڏنو ويو آهي، جڏهن ته غريب ماڻهو هر شيءِ تي ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ آهي تنهن تي صوبي ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن. سوال /سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته ٽيڪس ادا ڪرڻ بهترين عمل آهي، جيڪو هنن سياستدانن ٽيڪس ادا ڪيو آهي اهو صحيح آھي يا غلط اهو پتو لڳائڻ لاءِ هتي قانون هجي، عوام ماچيس وٺي ته ان جي رسيد وٺي اتان جيڪو ٽيڪس ملي اهو عوام جي ڀلائي تي تعليم،روڊ رستن اسپتالن تي خرچ ڪيو وڃي، پرويز علي لکيو ته ٽيڪس جمع ڪرائڻ هڪ قانوني عمل آهي. پر مختلف ملڪن کان پاڪستان ۾ تمام گهٽ ٽيڪس جمع ٿيندي آهي. ۽ خاص ڪري سياستدان ته پنهنجا گهڻا اثاثا لڪائن پيا، گل حسن شر لکيو ته جيتري ملڪيت اٿن ان حساب سان ٽيڪس نه ڏنو اٿن، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته اهو سٺو عمل آهي ته انهن سياستدانن ٽيڪس ڏنو آهي اميد ٿي ڪجي ته اها رقم عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيندي، سنڌ صوبو ٽيڪس ڏيڻ ۾ پهرين نمبر تي آهي اتي وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ماڻھو وڏا، ملڪيت وڏي، ٽيڪس گهٽ ؟ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا ملڪي سياستدان ۽ وڏا ليڊر ملڪ ۽ قوم سان ڪيترا سچا آهن، رحمت الله ميراڻي لکيو ته ملڪ جي حڪمرانن ۽ سياستدانن طرفان ٽيڪس جمع ڪرائڻ مجبوري آھي جيڪڏھن اليڪشن ۾ پنھنجي ملڪيت ظاھر ڪرڻ جو شرط نه ھجي ھا ته ھي نه ملڪيتون ظاهر ڪن ها نه ئي ٽيڪس ڏين ها، عاشق حسين لکيو ته مونکي لڳي ٿو ته ايف بي آر صرف سياستدانن جي ان حصي جي ٽيڪس ٻڌائي جيڪا ھي پارليامينٽ مان پگھار کڻندا آھن ذاتي ملڪيت کي اڃان لڳي ٿو پوءِ ظاھر ڪندا، اورنگزيب لغاري لکيو ته ملڪ جي حڪمرانن طرفان جيڪا ٽيڪس جمع ٿي آھي اھا صرف انھن جي پارليامينٽ جي پگھار جي حصاب سان آھي بقايا جيڪي انھن ملڪيتن جو حساب ڪتاب آھي ئي نه، فضل الرحمان ڪنڀر لکيو ته سٺو عمل آهي پر چند ماڻھن جي ٽيڪس سان ڇا ٿيندو جڏھن سڀ وڏا واپاري ۽ امير ماڻھو ٽيڪس ڏيندا ۽ان ٽيڪس جو صحيح استعمال ٿيندو تڏھن ئي ملڪ اڳتي وڌي سگھي ٿو. فراز علي قادري لکيو ته اسان جي سياستدانن کي گهرجي ته اڃا ٿورو ٽيڪس وڌائي ڏين، حنيف رضا بلوچ لکيو ته انهن سياستدانن کان وڌيڪ ته عام ماڻهون ٽيڪس جي چڪي ۾ پيڙهجي پيو، جاويد احمد لکيو ته اهي سياستدان رڳو عوام کان ٽيڪس وٺڻ لاءِ آيا آهن، ابراهيم خليل لکيو ته مونکي انهن سياستدانن تي رحم ٿو اچي، ويچارا غريب آهن، عوام کان ماني ڳڀو کسي وڃن ٿا ۽ جڏهن ڳالهه ٽيڪس ڏيڻ جي ته ڪنگال ٿي وڃن ٿا، ڪاشف بلوچ لکيو ته انهن سڀني سياستدانن جون ملڪيتون وڌيڪ آهن پر ٽيڪس تمام گهٽ ڏنو آهي، شبير سهتو لکيو ته ٽيڪس ڏيڻ انهن جو فرض آهي، غلام الله سيال لکيو ته عوام جو پئسو عوام کان ڦري، سرڪار کي ڏيڻ ٽيڪس جي ادائگي ناهي، سياستدانن جو حساب ڪتاب سڌو ٿيڻ گهرجي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ملڪ ۾ غريبن جا حق کائڻ وارن جي اها ٽئڪس ڪا به اهميت نٿي رکي، راسومل لکيو ته وڏا سياستدان ٽيڪس پاڻ پنهنجي ملڪيت جي حساب سان ڏين ته غريب عوام تي هي مهانگائي جو بار نه پوي ها، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته سٺو عمل آھي پر سڀ امير ٽيڪس ڏين ته سٺي ڳالهه آهي، روشن داس لکيو ته جيڪڏهن ملڪ جو ھر ننڍو وڏو سياستدان توڙي واپاري ٽيڪس ادا ڪندو ته ملڪ ترقي ڏانهن وڌندو، يارمحمد مڱريو لکيو ته سياستدان ٽيڪس چور آهن سڀني جا اثاثا ضبط ڪيا وڃن، ظفر رند لکيو ته ٽيڪس ڏيڻ سٺو عمل آهي، مهاوير واسو لکيو ته ٽيڪس جمع ڪرائڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي، علي گل دايو لکيو ته ٽيڪس ڏيڻ سڀني تي قومي فرض آھي، محبتي مڪيش لکيو ته اھو ھڪ سياسي اشو آهي، حبيب الله جمالي لکيو ته سياستدانن کي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، عاقب نظاماڻي لکيو ته اهو ٽيڪس اڃا گهٽ آهي هنن کي کپي اڃا وڌيڪ ٽڪس ڏين، مزمل قادري لکيو ته ٽيڪس سان گڏ سندن ملڪيت ۽ آمدني جو ذريعو پڻ لکڻ گھرجي ھا جيئن خبر پوي ته اسان جي سياستدانن کي ڪيتري ملڪيت آھي ۽ ذريعو ڪھڙو آھي، علي حيدر چانگ لکيو ته ٽيڪس ڪھڙو انهن ڏنو آهي؟ سڪندر بلوچ لکيو ته سياستدانن پاران ٽيڪس جمع ڪرائڻ ھڪ سٺو عمل آھي ڇاڪاڻ ته ٽيڪس جو پيسو عوام ۽ ملڪ جي امانت تصور ڪيو وڃي ٿو امير طبقو اڪثر ٽيڪس ڏيڻ کان لنوائي ٿو جڏھن ته غريب ماڻھون ھر شيءِ تي ٽيڪس ڀري ٿو. جي ايم چانڊيو لکيو ته هن ملڪ جي سياستدانن جي ڳالھه ڪجي ته هنن ملڪ لٽي پوءِ ٽيڪس ادا ڪيو آهي، محرم خاصخيلي لکيو ته سنڌ جا مسڪين ماڻهو اڄ به بک وگهي مري رهيا آهن. واضح رهي ته ايف بي آر 2018ع جا ٽيڪس تفصيل جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته عمران خان 2 لک 82 هزار، بلاول 2 لک 94 هزار، آصف زرداري 28 لک، شهباز شريف 97 لک، شاهدخاقان 24 ڪروڙ، ڪنول شوزب 165 رپيا ٽيڪس ڏنو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *