تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سونهن،حسن وجمال جي زنده تصوير..مونا ليزا …سنڌيڪار: طفيل مگسي

دنيا جو ڪهڙو اهڙو بدنصيب شخص هوندو.جنهن موناليزا جي سونهن ڀري ۽ من موهيندڙ مرڪ واري تصوير نه ڏٺي هجي. سورنهين صدي جي عظيم اٽالوي مصور ۽ مجسمي ساز لونارڊ ڊارچي واري موناليزا صرف زناني مرڪ جي دلفريبي جو ئي نه پر انساني تاريخ جو هڪ تعجب ۾ وجهندڙ واقعو پڻ آھي. جنهن ۾ ڪنهن خيالي عورت جي مصوراڻي مرڪ پاڻ پنهنجي ايتري وڏي تاريخ ڪڏھن به ناهي لکي. بيشڪ انهي پينٽنگ بعد ۾ اچڻ واري هر باڪمال مصور لاءِ ھڪ چيلينج جي صورت اختيار ڪئي.رنگن جي سونهن .مهانڊن جا نقش .عورتاڻي سادگي ۽ معصوميت، مقصد ته مصوري جي تاريخ ۾ موناليزا جي شاهڪار کي هڪ نصاب جو درجو ملي ويو آھي.شاهن جي راڻين انهي مرڪ کي پنهنجي محلاتي ۽ درٻاري زندگي ۾ ڀرپور نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.اسڪرين ۽ شوبز جي دنيا ۾ انهي مرڪ ڪمرشلائيزيشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.فلمي اداڪارائن موناليزا جي مرڪ چپن تي سجائڻ لاءِ گليمر جا نوان رخ تلاش ڪيا ۽ پوءِ ھڪ دور اهڙو به آيو جڏھن موناليزا جهڙي تصوير ٺاھڻ واري ڊوڙ ۾ اصلي موناليزا جي پينٽنگ چوري ٿي وئي ۽ پوءِ ان جون سوين نقلي ڪاپيون مارڪيٽ ۾ ڦھلايون ويون ۽ ميوزم ۾ ھڪ جي بجاءِ سورنهن موناليزائون ڪٺي ڪيون ويون.
دنيا جي سمورن ملڪن ۾ موناليزا جي تصوير کي ڀت تي ٽنگڻ فخر جو سبب سمجهيو ويو. وڏن وڏن عجائب گهرن ۽ آرٽ گئلرين ۾ انهي نازڪ بدن حسينا جي مرڪندڙ تصوير ڳرن اگهن تي خريد ڪري هنئي وئي مرڪندڙاهو سهڻو چهرو ڪتابن جي سرورق تي نروار ٿيو .ان کي رسالن .پوسٽرن ۽ اشتهارن ۾ تمام گهڻو استعمال ڪيو ويو. لکن جي انگ ۾ ماڻھن انهي تصوير جا پورٽريٽ خريد ڪيا.امريڪا.يورپ.وچ اوڀر .افريقا ۽ ايشيا ۾ موناليزا جهڙي مرڪ جي تخليق جي جستجو ڪنوارين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. نينگرين پنهنجي فطري مرڪ کي تياڳي موناليزا جهڙو تبسم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ٺوڪرون کاڌيون پر هزارين مايوس ۽ ڏکايل چهرن انهي مرڪ مان حياتي جي تڙپ محسوس ڪئي.نسوانيت کي موناليزا قدرت جي سهڻي جذبي ۽ احساس کان آشنا ڪيو. لونارڊ کي جيڪا شھرت موناليزا جي تصوير تي ملي اها شايد ئي ڪنهن ٻئي مصور کي نصيب ٿي هوندي. لونارڊ بابت اهو چيو وڃي ٿو ته سندس برش اهڙين بي حساب سهڻين عورتن کي ڪينواس تي پيش ڪيو پر سندس اسٽوڊيو جي جان موناليزا ئي رهي. ٻئي پاسي اها ڳالهه عجب جهڙي آھي ته مصوري. شوبز. صحافت .اشتھارن .ريڊيو. وڊيو ۽ ڪارٽونن ۾ ڪن شرارتي مصورن مونا ليزا جي مرڪ کي نماڻي انداز ۾ پيش ڪيو آھي. هن ويچاري جي شجل کي ڀيناڪ انداز ۾ ميساريو ويو ۽ ھن جي مرڪ کي نت نئين اندازسان اهڙو ت تصوري مذاق اڏايو ويو ت جو ان جو مالي شايد ئي ملي.يورپي مصورن ب هن جو تمام گهڻو مذاق اڏايو.
موناليزا جي مرڪ تي علمي ۽ فلسفياڻي بحٿ جي شروعات مشھور نفسياتي ماهر “سمگندڊ فرائيڊ“ جي انهي انڪشاف سان ٿيو. جنهن ۾ ھن چيو ته مونا ليزا جي تخليق جي پٺيان مصور جي هڪ جنسي حياتي جي ڪينوانس آھي. هن مونا ليزا کي مصور ۽ تصوير جي روماني جذبائيت ۽ وحدت جو مظھر ٺھرايو. فرائيڊ جو خيال آھي ته موناليزا جي مرڪ اصل ۾ ليونارڊ جي ننڍپڻ جي دٻيل خواهش جو پاڇو آھي. سندس ماءُ ڪيٽرينا کي پنهنجي چئن ورهين جي ٻارڙي سان بي پناهه محبت هوندي آھي. جيڪا اڳتي هلي هڪ غير فطري رنگ اختيار ڪري ويندي آھي. اهائي مرڪ ليونارڊ جي عورتاڻي تصويرن ۾ ھرهنڌ نظر اچي ٿي. اها مصور جي داخلي حياتي جو مصوراڻو اظھار آھي. ڪن مبصرن ۽ نقادن فرائيڊ جي انهي تجربي کي رد ڪيو آھي ته موناليزا مصور جي ٺاھيل ماڊل جو لاشعور پروجيڪٽس آھي.انهي موضوع تي “ويبتري “هڪ خوبصورت ناول لکيو آھي.“هرز فيلڊ“ جي چوڻ موجب مونا ليزا جي جي شڪل ۾ ليونارڊ پنهنجو پاڻ سان جنگ جوٽڻ جو اظھار ڪيو آھي.ڪن جو وري اهو خيال آھي ته اها انهي عورت جي مرڪ جي مرڪ آھي. جنهن ليونارڊ جي دل موهي وڌي هئي. جيڪا شايد ايتري سهڻي ۽ معصوم ڪيئن هئي.۽ جيڪو ڪجهه مونا ليزا جي مرڪ ۾ آھي. اهو مصور جو پنهنجو تخيل ۽ سندس منفرد برش جو ڪمال آھي.
مورن جي هڪ ٽولي جو خيال آھي ته ليونارڊ کي ڪٿي ڪو اهڙو چهرو نظر آيو.هوندو .جنهن کي هن پنهنجي تصور ۽ تخيل وسائي موناليزا جي صورت ۾ دنيا جي آڏو پيش ڪيو.سن1996ع ۾ “رينا دي فائرنز“جو نالو“دي مسٽري آف موناليزا“ شايع ٿيو.جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو.ت ليونارڊ جي ماء ڪيٽرينا ليزا هئي ۽ اھا مرڪ اها مرڪ سندس ماء جي جذبن سان ڳتيل آھي. بهرحال انهي بحٽ کي ڇڏي موناليزا جي مرڪ جو سفر چار سئو صدي کان جاري آھي. اها ايتري ته طاقتور مرڪ آھي جو ان کي فتح ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي مصورن ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر ناڪام رهيا. ليونارڊ جي شاگردن به انهي جادو ڀري مرڪ جي خوشبو پنهنجي شاهڪارن ۾ شامل ڪئي. مصورن جي مطابق مرڪندڙ چهرا اهو ٻڌائين ٿا ته انهي ۾ ھڪ اسرار ڀري محبت شامل آھي. انهي تصوير وسيلي ليونارڊ ناڪام. محبتن ۽ ستل خواهشن جو فنڪاراڻو اطهار ڪيو آھي. چوڻ جو مقصد ته موناليزا جي رومانٽڪ ۽ ديومالائي قد ۽ ڪاٺ جي اڳيان ڪا ٻي تصوير اڄ تائين ٽڪي نه سگهي آھي ۽ اهائي مونا ليزا جي مرڪ جي انفراديت ۽ سحر انگيزي آھي. هڪ پينٽر هن کي ڪئي بڻائي ۽ ان جو نالو.“مونا مائوس “رکيو.ڪنهن هڪ گوريلو بڻايو ۽ ان کي “مونا گوريلا“جو نالو ڏنو.ڪن موناليزا کي “ڊراڪولا“جي روپ ۾ به پيش ڪيو هو.سن 1919ع “۾ “مارسل ڊرچپ“پنهنجي ٺاهيل مونا ليزا جي تصوير ۾ سندس چهري تي مڇون لڳرايون هيون. هن تي ڪافي فلمون به ٺاهيون ويون مطلب ته هن کي ميسارڻ جون سموريون ڪوششون ڪيون ويون پر پوءِ به هن جي تصوير جي اصليت کي ڪو به مات نه ڏئي سگهيو.۽ ھن جي مرڪ اڄ به اهائي ساڳئي آھي .جيڪا ليورناد هن کي هڪ ڀيرو ڏئي ڇڏي هئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *