تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سوشل ميڊيا تي منفي سوچ ۽ عدم برداشت کي جنم ڏيندڙ روَيا … شمع پليجو

ڪجھه وقت کان وٺي سوشل ميڊيا تي زور ۽ شور سان ھڪ منفي ڪلچر پيدا ٿي رھيو آھي، جنھن کي چڱا ڀلا ادبي، نظرياتي ۽ سماجي ساٿي ھٿي ڏئي رھيا آھن. وقت بوقت مختلف ڌُرين مان ٽي خاص ٽيمون تيار ٿين ٿيون. انھن ٽيمن مان ھڪ ساٿيءَ کي تنقيدي پوسٽ لکڻ جي ذميواري ڏني وڃي ٿي، اھو ساٿي وڏي پيار، پاٻوھ ۽ محنت سان تنقيد نامون لکي ٿو. ٻي ٽيم ان پوسٽ تي ڪمينٽ ڪري ٿي، ڪمينٽ ڪندڙن کان ان جي قد ڪاٺ مطابق ڪمينٽس ڪرايا ويندا آھن ته سائين توھان ڪراچي منجهان ڪمينٽ ڪجو ته”ابا تو سنڌ لڄائي“ ۽ فلاڻا سائين توھان وري اسلام آباد مان ھڪ ميٽر جو ٽھڪ ڏجو(.hahaahaaaaaaaaa). توھان گھوٽڪي مان فلاڻو ڪمينٽ ڪجو. انھن مان ڪافي ڪمينٽس ڪندڙ اڳ ۾ ئي پنھنجي ذاتي الجھنن ۾ الجھيا پيا ھوندا آھن، جڏھن ڪمينٽ ڪندا آھن ته سڄي ڪسر ان پوسٽ مان ڪڍندا آھن ھاڻي سمجھي سگھو ٿا ته ڪمينٽ ڪھڙي انداز جو ھوندو. ان کانپوءِ ٽين ٽيم جيڪا دراصل اُن پوسٽ جي مالڪ ٽيم ھوندي آھي، اُھا سڀني سونپيل ڪمينٽس تي ايئن ھڪ پير تي بيھي لائيڪ ھڻندي جيئن ڳوٺن ۾ مرڻي پرڻي ڪجھه ماڻھون اُڀا ٿي ڀَتَ جون ديڳيون ورھائيندا آھن. اِھي ٽيمون پنھنجي سڄي ذھني سگھه، طاقت، علم، دانش ان پوسٽ تي ايئن لڳائيندا آھن جيئن ھي ھڪ ٻئي جا ذاتي جاني دشمن ھجن، ڇا اِھي رويا اسان کي اڳتي وڌڻ ڏيندا ؟؟پر سچ پڇو ته اھڙيون پوسٽون لکائيندڙُ يا لکندڙُ تنقيد نه پر ھڪ ٺٺولين وارو ميدان ٺاهيندو آھي جنھن تي ڪجھه ماڻھون ڪجھه ٽائيم لاءِ بيھي ھمبوشيون ھڻندا آھن. ڇا اِن روايت کي ھٿي ڏئي مضبوط ڪرڻ گھرجي، جيڪا روايت ڏينھون ڏينھن مضبوط ٿيندي پئي وڃي ؟ تنقييد ڪرڻ جا ٻيا به گھڻا طريقا آھن. سڀ کان پھرين اھو ڏسڻ گھرجي ته جنھن فرد خلاف اسان اِھي ٽيمون تيار ڪيون آھن، ڇا اُن ماڻھوءَ سوشل ميڊيا تي يا عملي ميدان ۾ سنڌ جي لاءِ ٻه چار چڱا ڪم ڪيا ھوندا !؟؟ ته پوءِ بجاءِ انجي ته سڄي سوشل ميڊيا تي دُھل، شرنائيون ۽ تُوتِليون کڻي انکي سنگسار ڪجي،ان ماڻھو سان روبرو به ڳالھائي سگھجي ٿو، واٽس ايپ تي ھڪ ننڍڙو گروپ ٺاھي بنا ڪنھن گروپ بندي ڪرڻ جي به مسئلي کي نبيري سگھجي ٿو. جيڪڏھن توھان ٿورڙو غور ڪريو ته ھن وقت سنڌ جون حالتون تمام گھڻيون خراب آھن ،سڄي سنڌ گپ ۽ گٽر ٿي وئي آھي، ماڻھن جا فصل تباھ ٿي ويا آھن، سڪين مارُو ماڻهو روڊن تي اچي ويا آھن. سنڌ ۾ ھر روز غيرت جي نالي تي عورت ذات جو قتل عام ٿي رھيو آھي، اسان جا معصوم ٻارڙا جنسي ڏاڍئي جي ور چڙھي رھيا آھن. انھن وحشتن جي حالتن ۾ ھڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ جي بجاءِ ڇو نه ھڪ ٿي پئون، ۽ جيڪڏھن اِھي مختلف ڌريون پنھنجا دُھل، باجا، شرنايون توتليون ۽ توتاريون کڻي روڊن تي اچي وڄائين ته حڪمرانن جا ڪن ڦاٽي پون.
مونکي ياد آھي اسان جي سنڌ جي نوجوان ڏُکين حالتن ۾ بنا ڪنھن ليڊر جي ھڪ ٿي جڏھن سوشل ميڊيا تي جعلي ڊوميسائيل معاملي تي مضبوط مهم هلائي، اُتر سنڌ جي ساڙيندڙ گرميٓ ۾ سرڪاري آفيسن جا ڌِڪا کائي انگ اکر گڏ ڪيا، سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو، ۽ سنڌو تي ڊيم خلاف ٽويٽر تي ٽرينڊ ھلايو ته پيپلز پارٽي جا اُهي وزير به روئي پِٽي آخر ۾ اچي ھن ٽرينڊ ۾ شامل ٿيا هئا جن جي نيت ئي نه ھئي. اِھا نوجوانن جي ٻڌيٓ جي طاقت ھئي جو انهن وزيرن مشيرن به سنڌ جي نوجوانن جي ڪريڊٽ کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي آڱر ڪَٽي شھيدن جي لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ چاهيو. تڏهن هڪڙي سنڌي اخبار ان ڪامياب ٽرينڊ جو ڪريڊٽ نوجوانن کي ڏيڻ بجاءِ نالي چڙهين اديبن جون تصويرون ۽ نالا شايع ڪيا. ھتي به حوصلا افزائي جي ڪمي رھي. سوال اِھو آھي ته ان وقت ھي ٽيمون ڪٿي ھيون ؟؟ ھنن ٽيمن مان ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ انھن نوجوان جي تصوير رکي؟؟ ھنن جي حوصلا افزائيءَ ۾ ٻه اکر لکيا؟؟ ھنن کي گهرجي ها ته هي سڀ پنهنجا دُهل شرنايُون کڻي ھنن متحرڪ نوجوانن تي به ھمبوشيون ھڻن ھا! صرف تنقيد ڇو؟ سوشل ميڊيا تي تعريف به ٿيڻ گھرجي ۽ حوصلا افزائي به ٿيڻ گهرجي. اسان جو نوجوان ۽ ايندڙ نسل اسان کان سکندو، اسان جيڪي روايتون قائم ڪنداسين ھُو اِنھن کي فالو ڪندو. جيڪڏهن اڄ اسان سوشل ميڊيا جي طوفان ۾ پنهنجا روَيا نه سُڌاريا ته پنهنجي اڀرندڙ نوجوان طبقي کي منفي روايتن جي ور چاڙهي ڇڏينداسين ۽ انهن لاءِ سُڌريل معاشرو ڪڏھن نه جڙي سگهندو.!.
(فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *