تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… گوسڙو ڊاڪٽرن کان پگهارون به واپس وٺڻ جو مطالبو: ڊاڪٽرن جي پرائيويٽ اسپتالن ۾ نوڪري تي پابندي لڳائي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته 1132 غير حاضر ڊاڪٽر برطرف ۽ 2200 ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پاران غير حاضر ڊاڪٽرن کي برطرف ڪرڻ واري عمل جي آجيان ڪئي وئي ۽ چيو ويو جيڪي نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا انهن کان اهو حلف ورتو وڃي ته اهي پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڊيوٽي نه ڪندا، جيڪي غير حاضر ڊاڪٽر ثابت ٿيا آهن انهن کان پگهارون به واپس ورتيون وڃن ۽ رڳو صحت کاتي ۾ نه پر سنڌ حڪومت جي هر اداري ۾ غير حاضر ملازمن جو پتو لڳائي انهن کي فارغ ڪيو وڃي. واضح رهي ته سنڌ صحت کاتي 1132 عادي گوسڙو ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي ڀرتي ڪيل 1500 مان 1132 ڊاڪٽرن کي نوڪرين تان لاڳيتو غيرحاضر رهڻ تي ڪيئي ڀيرا شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا، انهي باوجود ڄاڻايل ڊاڪٽر نوڪرين تي حاضر نه ٿيا، جنهن بعد کين گھر ڀيڙو ڪيو ويو. ڪئي سالن کان ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن جو صحت کاتي جي اختيارين وٽ بايو ميٽرڪ رڪارڊ به موجود نه هجڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو، ان کانسواءِ صحت کاتي پاران 2200 ڊاڪٽرن سوڌو 19100 ملازم ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عتيق الرحمان لاکو لکيو ته تمام سٺو فيصلو آهي. پر اهو فيصلو بيمار صحت واري نظام کي صحتياب ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. صحت کاتي ۾سڌارا آڻڻ لاءِ انقلابي اپاءَ وٺڻا پوندا. نوشاد خاصخيلي لکيو ته غير حاضر ڊاڪٽر هجن يا ماستر انهن کي بر طرف ڪرڻ ئي بهتر آھي، انهن جي جاءِ تي سٺا ۽ ايماندار ڊاڪٽر مقرر ڪجن، اختيار علي لکيو ته جيڪڏھن واقعي ڊاڪٽر ڊيوٽي نٿا ڪن ته بلڪل سرڪار جي اھڙي فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي نه صرف انھن کي برطرف ڪيو وڃي پر انھن جون پرائيويٽ ڪلينڪون به سيل ڪيون وڃن. عبدالله جروار لکيو ته ڀرتي جو پراسيس ايترو ڊگهو ۽ ڏکيو آهي جو سال تائين به ڊاڪٽر ڀرتي نه ٿي سگهندا. ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۾ عوام کي ڀوڳڻو پوندو، علي حسن لکيو ته اگر ڪير به آهي ڊاڪٽر ماستر توڙي جو ڪنهن به کاتي جو غير حاضر ملازم آهي انهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو عمل بهتر آهي، خواجه صدام لکيو ته حڪومت جو اھو قدم بھترين آهي، ڊاڪٽرن جون وڏيون پگھارون ھجڻ باوجود پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کي ٽائيم ڏئي رهيا آهن، امجد خان لکيو ته تمام سٺو عمل آهي پر لڳي نٿو ته ان تي عمل ٿيندو ڇو ته ڊاڪٽر به سياسي طاقت رکندا آهن، نيڪ محمد لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته غير حاضر ڊاڪٽرن وانگر غير حاضر استادن کي به برطرف ڪري، سراج سومرو لکيو ته انھن مان اڪثريت انھن ڊاڪٽرن جي آھي جيڪي سنڌ گورنمينٽ جي اجازت سان سنڌ صوبي جي مختلف يونيورسٽين ۾ ڪم ڪن ٿا، مهاوير واسو لکيو ته حڪومت جو اھو بھترين فيصلو آھي، سڪندر بلوچ لکيو ته ڊاڪٽر جيڪي گھر ويٺي لکين رپين جون پگھارون کڻي رھيا آھن انھن خلاف ضرور ڪاروائي ٿيڻ کپي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ وقت انهن کان اهو حلف ورتو وڃي ته اهي پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڪم نه ڪندا، عمران پٺاڻ لکيو ته ايترا ڊاڪٽر هڪ ئي وقت ڪيئن غير حاضر ٿيا؟مطلب سنڌ سرڪار ايتري بي خبر رهي ٿي جو پگهار به کڻندا هئا پر ڊيوٽي نه ڪندا هئا، ديدار بلوچ لکيو ته اهڙي عمل سان اسپتالن ۾ ڪو خاص فرق ته نه پوندو صرف خانا پوري ڪئي پئي وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته سدائين ٻين تي الزام لڳا آهن ته اهي غير حاضر آهن هاڻ ته ڊاڪٽر غير حاضر رهندڙ ظاهر ٿيا آهن، زوهيب جيهو لکيو ته سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪريون ٿا سنڌ حڪومت کي گھرجي ته نه صرف صحت کاتو بلڪه سنڌ حڪومت جي ماتحت ھر اداري بابت اھڙي قسم جي ڇنڊ ڇاڻ ذريعي سمورن گوسڙو ۽ نااھل ملازمن کي فارغ ڪري، راسومل لکيو ته بلڪل فيصلو درست آھي هنن کان ته پگهارون به واپس وٺڻ گهرجن، روشنداس ۽ مڪيش ڪمار لکيو ته تمام سٺو عمل آهي پر اهي ڊاڪٽر به سياسي طاقت رکندا ھوندا، جنيد زرين لکيو ته اهي به انهن جهڙا ئي ٿي ويندا جيڪي ڀرتي ڪيا ويندا اهو مسئلي جو حل ناهي، احمد شير کوکر، سجاد حسين ويسر، محمد اسماعيل لانگاهه گلشير سومرو لکيو ته بهترين فيصلو آهي، پر پهريا گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي جو هاڻ ٿيندي؟ اياز احمد پتافي لکيو ته اهڙي فيصلي سان ڪرپشن تي ضابطو ايندو، تعمير حسين سريوال لکيو ته ميرٽ تي ايندڙ ڊاڪٽرن جي ضرورت آهي، عبدالعليم کوکر لکيو ته پهريان به سفارشي هئا هاڻ وري انهن کان وڌيڪ هوندا، محمد جمن ساند، سرتو مل ڀيل، صبغت الله رند، غلام اڪبر گوپانگ، مهمد قاسم ميمڻ، افضل ڀٽو ، عاقب نظاماڻي، حافظ سڪندر جوڻيجو، علي سيال، حڪومتي قدم جي آجيان ڪئي، عابد حسين شر لکيو ته سرڪار جو بهترين فيصلو آهي پر عدالتن ۾ ڊاڪٽر پاڻ کي ريگيولر ثابت ڪري وري بحال ٿي ويندا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *