تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪراچي ڪاميٽي سنڌ مٿان ايٽم بم حملو سمجهون ٿا، صوبائي خودمختياري تي وار برداشت نه ڪنداسين: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي ڪاميٽي قائم ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن ان ڪاميٽي کي رد ڪندي سنڌ دشمن قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪراچي ڪاميٽي ون يونٽ جهڙو خطرناڪ قدم آهي، ڪاميٽي کي صوبائي خودمختياري تي وار سمجهون ٿا ۽ سنڌ ورهائڻ جي پهرين وک سمجهون ٿا. ڪراچي ڪاميٽي کي سنڌ مٿان ايٽم بم حملو سمجهون ٿا، صوبائي خودمخيار تي وار برداشت نه ڪيو ويندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي دريا خان جهتيال لکيو ته پيپلز پارٽي جي ننڍن وڏن ڪارڪنن 18 ترميم جي هاڪ هنئي ته ان ترميم خلاف ڪير ويندو ته اسين کين ڀرپور جواب ڏينداسين، پر ٿيو ايئن جو سنڌ جي وحدانيت خلاف پهريون قدم پ پ پ کنيو ۽ ڪراچي مان سيڙجي مراد شاهه اسلام آباد وڃي سنڌ جي گادي واري هنڌ جا سلام آباد جا انتظام لکي ڏئي آيو، ٻٽي نظام کانپوءِ هي خطرناڪ ون يونٽ جهڙو قدم آهي، فرمان ٽالپر لکيو ته هن ڪاميٽي سان ڪجهه به نه ٿيندو، هي سڀ ڪراچي کي وڪڻڻ ۾ چڪر ۾ آهن، گل حسن شر لکيو ته پ پ سرڪار وفاق آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، نجيب سنڌي لکيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي واري معاملي تي واويلا ڪري، معاملن کي ٽيبل ٽاڪ تائين آڻي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، عوام کي سجاڳ ٿيڻ کپي. صفدر چانڊيو لکيو ته سنڌ دشمن منصوبو آھي سنڌين کي مالڪي ڪرڻ کپي، سنڌ جا حلالي پٽ اهڙي غلط پاليسين تي ٻڌل ڪاميٽي کي رد ڪن ٿا، قادر سنڌي لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي، سنڌ جو ڄڻ ورھاڱو آھي يعني سمورا انتظامي معاملا وفاق جي حوالي ٿيندا اھا پيپلزپارٽي جي سوديبازي آھي اڻ سڌي طرح پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ون يونٽ پئي لاڳو ڪرائي ڪراچي سنڌين جو تاريخي وطن جنھن جو ورھاڱو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي رد ڪريون ٿا، عاشق حسين لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ، ڪراچي جي بھتري لاءِ چونڊيل نمائندن کي بااختيار ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ وفاق ڪاميٽي جوڙي آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اسان کي ”ڪراچي ڪاميٽي“ ۾ شامل پارٽين جي بدنيتي جي بوءِ محسوس پئي ٿئي۔ آخر ”ڪراچي ڪاميٽي“ ٺاهڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟ جڏهن چونڊيل حڪومت موجود آھي. اياز چانڊيو لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي سنڌ جي صوبائي خود مختياري مٿان وار آھي وفاق سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ ٿو چاهي هن معاملي تي سنڌ جي قومپرستن وڪيلن اديبن ۽ سمورن سنڌ دوست ڌرين کي اٿي کڙو ٿي ٻٽي نظام وانگر ڪاميٽي کي به رد ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.زبير احمد لکيو ته ڪراچي ڪميٽي کي اسين بالڪل رد ڪريون ٿا ۽ پيپلز پارٽي جي انهي فيصلي تي اسان کي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، ڪراچي ڪميٽي سنڌ حڪومت جي خود مختاري تي وار آهي، عباس چاوڙو لکيو ته ڪنهن کي طاقت ئي ناهي جو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري سگهي. لطف سنڌي لکيو ته سنڌ کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو شروعاتي قدم ڪاميٽي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. وڪيل حسين لکيو ته اهڙي ڪاميٽي جي ڪا به ضرورت ناهي جيڪا سنڌ تي وار هجي، ظفر رند لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي اسان سنڌي رد ٿا ڪريون، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آھي ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. عبدالصبور لکيو ته اسان پنھنجي مٿان اھو ھڪ ائٽم بم ٿا سمجھون ۽ ان کي رد ڪريون ٿا. خواجه صدام لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ڪراچي جا اختيار صرف صوبائي حڪومت کي ڏيڻ گھرجن. محبتي مڪيش ۽ عبدالله جرواري لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي رد ڪريون ٿا. پ پ پ کي اهڙي ڪنهن به ڪاميٽي جي سخت مخالفت ڪري پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ گهرجي. نياز سومرو لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي دراصل سنڌ جي وحدانيت تي وار آهي، هزار خان کوسو لکيو ته سنڌ حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي ليلا رام لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي اسان رد ڪريون ٿا.مير شاهجهان کوسو لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي سنڌ دشمن قدم سمجهون ٿا، جاويد مريداڻي لکيو ته اھا ڪاميٽي عوام کي بيوقوف بڻائي پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، نعمت عباس چانڊيو لکيو ته اسان هن سننڌ دشمن ڪاميٽي کي رد ڪريون ٿا، خير محمد ڇٽو لکيو ته ڀلي ڪاميٽي ٺاھن پر ڪجهه به نه ٿيندن. راشد مراد چانڊيو لکيو ته ڪاميٽي صوبائي خودمختياري مٿان وار آھي، سمورن سنڌين کي ان بابت گڏ ٿيڻو پوندو، خادم گهراڻو لکيو ته ڪراچي ڪميٽي کي سنڌي قوم رد ڪري ڇڏيو اهو سمجهن ٿا ته اها سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي، علي اڪبر خان لکيو ته پ پ پ هميشه چوندي رهندي آهي ته دمادم مست قلندر ٿيندو هو ڪڏهن ٿيندو؟ جڏهن سنڌ تي مڪمل قبضو ٿيندو؟. عمران پٺاڻ لکيو ته ڀلي ڪاميٽي ٺاهن، نريش ڪمار لکيو ته ڪاميٽي هڪ مذاق آهي، پرويز ڀنڊ لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي رد ٿا ڪريون وفاق هميشه سنڌ کي دشمن سمجهي ٿو ڪراچي انهن حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين ڪراچي ۾ ڀلي ڪم نه ٿين پر ڪاميٽي ڪڏهن قبول نه ڪنداسين، مظفر بوزدار لکيو ته اسان کي خبر نٿي ٿئي ڇا پيو ٿئي؟ قربان مهر لکيو ته پيپلز پارٽي جي ننڍن وڏن ڪارڪنن 18 ترميم جي هاڪ هنئين ته ان ترميم خلاف ڪير ويندو ته اسين کين ڀرپور جواب ڏينداسين، ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي مٿان وري پ پ پ سرڪار مظاهرا ڪري سنڌين کي روايتي بيوقوف ڪري پئي، پ پ هاڻي سنڌين جا حق وفاق ۽ ايم ڪيو ايم کي کپائي ڏنا آهن. علي گل دايو، راجا مهر، ذوالفقار ڪولاچي، سڪندر بلوچ، ايم بي قادري، مير سليم ٽالپر، موج علي لاشاري، عاقب نظاماڻي، مقصود چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان ڪراچي ڪاميٽي کي رد ڪريون ٿا ۽ اهڙي عمل کي سنڌ دشمن قدم سمجهون ٿا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *