تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪراچي پيڪيج سياسي پاور شو جي شروعات قرار: وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ظاهري اختلاف آهن پر اصل ۾ ٻئي ٺهيل آهن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي پيڪيج تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار جون الڳ الڳ دعوائون آهن ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪراچي پيڪيج سياسي پاور شو جي شروعات هئي، جنهن سان پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت کي سياست جو هڪ نئون موقعو ملي ويو آهي، جنهن ڪري ڪراچي پيڪيج تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي بيان بازي هلندي رهندي، ٻنهي جون الڳ الڳ دعوائون به اهو ثابت ڪن ٿيون ته ٻئي ڌريون پنهنجي سياست چمڪائڻ جي چڪر ۾ آهن. جڏهن ته رڳو ڪراچي شهر متاثر ناهي ٿيو پر برسات جي ڪري سنڌ جي ٻين شهرن ۾ تباهي آئي آهي اتان جي ماڻهن جي به واهر ڪئي وڃي انهن لاءِ پيڪيج ڏنو وڃي.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ساگر راجاڻي لکيو ته هر دور ۾ هر حڪومت پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ عوام کي بيوقوف بڻايو آهي، وفاق هميشه سنڌ حڪومت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي باقي وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاڻ ۾ ٺهيل آهن صرف ظاهري طور اختلاف ڏيکاري رهيا آهن. باقي ڏسجي اهو ته انهي ڪراچي ۽توڙي ٻين شهرن کي ڪيترو فائدو ٿو ٿئي. عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وفاق رڳو ڪراچي لاءِ نه پر سنڌ جي هر شهر لاءِ پيڪيج ڏئي، عاشق حسين ۽ جاويد احمد لکيو ته ڪراچي پيڪيج اصل ۾ سنڌ حڪومت جو ڏنل آھي ان تمام پراجيڪيٽ جي سروي ڪري رقم رکي آھي، وفاق کان پنھنجي حصي جي رقم جي گھر ڪئي ھئي ان مطابق وفاق پيڪيج جو اعلان ڪيو وڌيڪ جيڪا رقم وفاق ڏئي ٿو اھا صرف اعلان ھوندي، اھڙو اعلان گذريل سال به ڪيو ھو ان تي ڪھڙو عمل ٿيو، پيڪيج مڪمل ٿيڻ بعد شهرين کي پيئڻ جو پاڻي ملندو، صفائي جو نظام بهتر ٿيندو، نيڪاسي واري نظام، ڪراچي سرڪيولر ريلوي ، گرين لائين، ٽرانسپورٽ جي فراهمي ۽ مختلف روڊن رستن جي تعمير ، رٿائن سبب ڪراچي پيڪيج ۾ وفاق ۽ سنڌ گڏجي حصو ملائيندا، ڪراچي واسين جي پاڻي جو مسئلو مستقل حل ڪرڻ لاءِ ڪي فور منصوبي جو هڪ حصو وفاقي حڪومت ۽ هڪ حصو سنڌ حڪومت پاران مڪمل ڪيو ويندو، مسئلا وڏا آھن باقي رهي ڳالهه حصي جي 18 ترميم کان پوء صوبن جا اختيار وسيع آھن سنڌ حڪومت جي دعويٰ صحيح لڳي ٿي. هزار خان لکيو ته سياست چمڪائڻ جا اهي نوان نوان انداز آهن ڪراچي پيڪيج تي رڳو ڊراما ڪيا پيا وڃن عزير احمد لکيو ته پيڪيج تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ به پيڪيج ڏيڻ گهرجي. عالم پالاري لکيو ته ڪراچي پيڪج تي عمل ٿيڻ گھرجي ان سان گڏو گڏ سڄي سنڌ جيڪا به ڪراچي وانگي متاثر ٿي آھي ان جي عوام کي رليف ملڻ گھرجي، ايتري قدر جو ڪوھستان جي جابلوپٽي جيڪا پڻ تازين برساتن ۾ متاثر ٿي آهي ۽ رهواسي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، متاثر ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، انهن کي رليف ملڻ گھرجي، ڪوھستان ٿر ڪاڇو جي عوام کي خصوصي پيڪج ڏنو وڃي، محبتي مڪيش ۽ يار محمد هوت لکيو ته ڪجھه حد تائين ڪراچي پيڪيج بابت موقف درست آھي سنڌ حڪومت جو، وفاق حڪومت،سنڌ سان رڳو ڊرامي بازي ڪري رهيو آھي، عتيق الرحمان لاکو لکيو ته اهو صرف هڪ سياسي پاور شو جي شروعات هئي جنهن سان وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي سياست جو هڪ نئون موقعو ملي ويو آهي جنهن تي بيان بازي جاري رهندي ان کان سواءِ ان جو ٻيو ڪو مقصد ناهي. عبدالخالق لکيو ته رڳو ڊرامي بازي لڳل آهي، زبير احمد لکيو ته ڪراچي پيڪيج بابت اسانجي نظر ۾ سنڌ حڪومت جو موقف درست لڳي پيو وڌيڪ اهو ته ڪراچي پيڪيج کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي، حبيب الله جمالي لکيو ته هي سڄو عوام سان ڊرامو رچايو پيو وڃي. بشير رضا مهر لکيو ته اڳ وانگر سکڻو اعلان لڳي رهيو آهي، مزمل قادري لکيو ته ڪراچي سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين متاثر شھرن کي به پيڪيج ڏنو وڃي، ڏٺو وڃي ته وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت کي پڻ ڪجهه ڪرڻ گھرجي. عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته وفاق حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پيڪيج تي سياست ڪري رهي آهي. راجا مهر لکيو ته سڄو سياسي ڊرامو آهي بيانبازي سياست چمڪائڻ لاءِ آهي. علي گل دايو ۽ گل حسن شر لکيو ته پئسا عوام جا آهن باقي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي. ڪراچي پيڪيج تي عمل ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي ٻين شهرن جي متاثرن لاءِ به پيڪيج ڏيڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *