تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪراچي سنڌ جي دل آھي ان کي وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏينداسيس: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي سياسي جهيڙي ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڳالهين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ پ پ ۽ پي ٽي آءِ وارن جي جاگير ناهي، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، ان جي تقسيم برداشت نه ڪئي ويندي، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. ڪراچي سنڌ جي دل آھي ان کي وفاق حوالي نٿو ڪري سگھجي، سنڌ صوبي جا ماڻھون ان سازش کي ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نياز سومرو لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ پ پ ٻئي سنڌ ٽوڙڻ جي مخالفت ته ڪنديون رھن ٿيون پر عملي طور تي ٻئي پارٽيون ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ گس ڏينديون رھن ٿيون، سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪراچي کي ٽوڙڻ جي مزاحمت ڪندو. فضل الرحمان ڪنڀر لکيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي نٿو ڪري سگھجي، رھي ڳالهه ڪم جي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ٻنھي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، رحمت الله ميراڻي لکيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڪير به الڳ نٿو ڪري سگھي، وفاقي حڪومت کي اھڙي صلاح ڏيڻ وارا ڪراچي سان واسطو رکندڙ اتحادي ۽ سندن پارٽي جا ميمبرز ۽ اڳواڻ ئي آھن جن جو سنڌ ۽ سنڌين سان تعصب نمايا نظر اچي رھيو آھي، ڪراچي سنڌ کان جدا ڪرڻ وارو خواب ڪڏھن به پورو نه ٿيندو جيڪڏھن ڪراچي وفاق جي حوالي ڪيو ويو ته حڪومت جي اِھا وڏي غلطي ھوندي، روشن داس لکيو ته اهي فضول ڳالهيون آهن ان ڳالهين مان ڪجهه ڪونه ٿيندو ڪراچي ڪنهن جي جاگير ناهي ڪراچي سنڌين جي آهي ۽ اسان سنڌين جي رھندي. جاويد مريداڻي لکيو ته سياسي چال آھي عوام کي بيوقوف بڻائي حڪمران پنھنجا مفاد ماڻڻ ٿا چاھين ٿا باقي ڪراچي سنڌ آھي سنڌ جي آئيني حدن سان سنڌ جو باشعور عوام ڪڏھن به هٿ چراند برداشت نه ڪندو. سجاد شورو لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ سياسي جهيڙي دوران ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سراسري ناانصافي آهي جيستائين سنڌين ۾ ساهه آهي تيستائين ڪراچي کي سنڌ کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. شنڪر باغي لکيو ته سنڌ پ پ ۽ پي ٽي آئي وارن جي جاگير ناهي، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي وفاق رڳو قانون تي عمل ڪرائي پوءِ ڏسو ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ترقي ٿئي ٿي يا نه. باقي انهن سازشن مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. محبتي مڪيش جيپال لکيو ته اھو صرف سياسي جھڙو آهي باقي ڪراچي سنڌ آهي سنڌ جي ئي رھندي. ڪراچي وفاق جي حوالي ڪرڻ غلط آهي. مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته هي صرف سياست آھي ٻئي ڌريون پاڻ ۾ مليل آھن باقي ڪنهن ۾ طاقت ناهي جو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري سگهي. مختيار جمالي لکيو ته ڪنھنجو اھو خواب ڪڏھن به پورو نه ٿيندو اھي صرف سياسي چال بازيون آھن سنڌ ڪراچي آھي ۽ ڪراچي سنڌ آھي سنڌ جو باشعور عوام ڪڏھن به ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري عمل کي قبول نه ڪندو. راسومل لکيو ته هي سڀئي سياستدان گڏجي ڪري به ڪراچي کي سنڌ کان الڳ نٿا ڪري سگهن هنن خواب اڌورا رهندا. مظفر شبير بوزدار لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ڪڏهن به الڳ ڪونه ٿيندي. مقصود چانڊيو لکيو ته ڪراچي وفاق جي حوالي ڪرڻ سنڌ سان نا انصافي هوندي. مهاوير واسو لکيو ته اهو شوشو ڇڏيو ويو آهي باقي ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي نٿا ڪري سگهجن اهڙو عمل ڪير قبول نه ڪندو. عمران پٺاڻ لکيو ته مسئلو صاف ھر ڪنهن اڳيان آهي سنڌ تي حڪومت ايئن ناهي ٿيندي عوام سان انصاف ۽ سهولتون ڏيڻ ۾حڪومت مخلص ٿي ڪم ڪيو ئي ناهي، سبق لاءِ ڀلي ڪراچي وفاق ڏانهن وڃي ۽ واپڊا ميونسپل 5 سالن لاءِ آرمي کي ڏيو، مزمل قادري لکيو ته اھا صرف سياسي بيانبازي آھي باقي ڪراچي سنڌ جو حصو ئي رهندي، راشد مراد چانڊيو ۽ گل حسن شر لکيو ته اھو صرف سياسي جھيڙو آهي ٻن پارٽين جي وچ ۾، ڪراچي وفاق جي حوالي ڪرڻ انتھائي غلط فيصلو هوندو، سڪندر بلوچ لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آھي ان کي وفاق حوالي نٿو ڪري سگھجي، سنڌ صوبي جا ماڻھون ان سازش کي ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا. عطاءُالرحمان قادري لکيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارو وفاق جو قدم ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو، سڄي سنڌ جو عوام ان ڳالهه تي متفق آهي. علي گل دادو لکيو ته ڪراچي سنڌ آهي سنڌ کان ڌار نه ٿيندي، صفدر چانڊيو لکيو ته اها ڪم عقلي هوندي جو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو ويندو، سنڌ جي انچ انچ جا وارث اسان سنڌي آھيون.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *